گاڏين وارا هوشيار، وڏو حڪم اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صوبي ۾ بنا نمبر پليٽ ۽ بغير لائسنس گاڏيون هلائيندڙن خلاف فوري ۽ اثرائتي ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو .
ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس کي 35 ڏينهن اندر ٻيو خط جاري ڪيو ويو آهي.
خط چيو ويو آهي ته مشاهدي دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته وڏي انگ ۾ اهڙيون گاڏيون روڊن هلي رهيون آهن جن وٽ نمبر پليٽ ۽ ڊرائيورن وٽ لائسنس موجود ناهي.
آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته موٽر وهيڪل آرڊيننس تحت سخت ڪارروائي ۽ اهڙين سمورين گاڏين ۽ ڊرائيورن جي ترت نشاندهي ڪئي وڃي.
پوليس آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته روز صبح جو ڏهين وڳي آءِ جي آپريشن روم کي اي ميل ذريعي رپورٽ موڪلي وڃي، جنهن ۾ ضبط ڪيل گاڏيون، داخل ڪيس ۽ گرفتارين جا تفصيل شامل هجن.
آءِ جي هدايت ڪئي آهي ته قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي، خط ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي سميت صوبي جي سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز ڏانهن اُماڻيو ويو آهي.
پوليس اختيارين موجب، ان کان اڳ پهريون خط 31 آڪٽوبر 2025 تي جاري ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.