ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ خوف جي حڪمراني !

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ امن امان  بدران لاقانونيت بدامني ، ڦرون ، ڌاڙا، اغوا ۽ قبضا مافيا جي وڌندڙ سرگرميون تمام گهڻو ڳڻتي واري صورتحال اختيار ڪري ويئي آهي. سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سواءِ صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڏوهارين طرفان تعيلم يافتا ماڻهن، واپارين ۽ پريا ڪماري وانگرن نياڻين جي ڏينهن ڏٺي اغوا جي واقعن سان سنڌ ۾ موجود پريشاني واري صورتحال اڃا ٻري رهي آهي ته، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ پڻ ساڳي ريت دهشت گردن جون ڪارروائيون ۽ حملن سان ملڪ جي مجموعي صورتحال پڻ تمام گهڻو ڳڻتي وارو رخ اختيار ڪري ويئي آهي. خيبر پختونخواه جي علائقي شانگلا ۾  تربيلا ڊيم جي منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن ۽ عملي جي قافلي تي دهشت گردن جي حملي ۾ ڪيترا ئي بي گناهه چيني انجنيئرن ۽ پاڪستانين جي مارجي وڃڻ واري واقعي سموري ملڪ ۾ دهشت گردي  ۽ لاقانونيت واري وڌندڙ ۽ قابو کان ٻاهر ٿيندڙ صورتحال پيدا ڪري وڌي آهي. انهيءَ صورتحال سموري ملڪ جي سياسي ۽ سماجي جماعتن ۽ عام شهرين ۾ پنهنجا علائقا، صوبا ۽ مجموعي طور تي سمورو ملڪ مڪمل طور تي غير محفوظ بنجي وڃڻ  واري خوفناڪ صورتحال بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙن، ڦرن، قبضي مافيا جي وڌندڙ سرگرمين ۽ لاقانونيٽ واري صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تحرڪ ۾ اچڻ کان سواءِ سنڌ جي متحرڪ جماعت، عوامي تحريڪ طرفان اڄ حيدرآباد  پريس ڪلب ۾ سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ  خلاف ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي ويئي آهي.

ملڪ ۾ لاقانونيت، دهشت گردي ۽ خوف واري خوفناڪ صورتحال جو شڪار رڳو عام شهري نه آهن پر ملڪ جا عدالت ۽ انصاف جا ادارا، اعلي عدالتن جا معزز جج پڻ اهڙي قسم جي لاقانونيت، خوف دٻاءُ ۽ بليڪ ميلنگ ۽ دهشت گرديءَ  جو شڪار ٿي رهيا آهن. جنهن جي تازي مثال سلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن عدالتي ڪيسن ۾ ڳجهي ايجنسين جي مداخلت تي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو ويو آهي  جنهن ۾ عدالتي معاملن ۾ انتظاميا ۽ ڳجهن ادارن جي مداخلت تي مدد گهري وئي آهي.هاءِ ڪورٽ جي ججن طرفان لکيل خط جي ڪاپي سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن کي به موڪلي وئي آهي، خط ۾ عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو ۽ ايجنسين جي مداخلت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.هاءِ ڪورٽ جي ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته عدليا ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت ۽ ججن تي اثرانداز ٿيڻ جي معاملي تي جڊيشل ڪنوينشن گهرايو وڃي .

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن  طرفان  سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکندڙن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل آهن.خط جي متن موجب چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ٻين معزز ميمبرن کي عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي قدم کڻڻ ۽ ان ڏس ۾عدليا جو ڪنوينشن سڏائڻ  ۽ عدليا جي آزادي ۽ ججن کي محفوظ بڻائڻ جي گهر ڪئي ويئي آهي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس  دير تائين جاري رهيو جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن طرفان سپريم ڪورٽ ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي موڪليل خط ۽ عداليا جي آزادي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، هن اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن شرڪت ڪئي. فل ڪورٽ اجلاس ۾ ججن جي خط جي آئيني ۽ قانوني حيثيت جو جائزوپڻ ورتو ويو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي ملاقات لاءِ پيغام موڪليو آهي . ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جو پيغام اچڻ کانپوءِ وزيراعظم پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ ساڻس ملاقات ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.  يقينن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ سان وزير اعظم جي سندس قانوني ٽيم سان گڏ ملاقات تمام اهم ۽ نتيجا ڏيندڙ هوندي ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته ملڪ ۾ عدليا جي آزادي ۽ ججن جي حفاظت جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي حڪومت ۽ رياست جي ٻين ادارن طرفان اهم قدم کڻڻ ۽ ججن جي موڪليل خط ۾ ذڪر ڪيل جاسوسي ۽ سيڪيورٽي شخصيتن جي ڪردار جو آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ضرور جائزو ورتو ويندو ۽ ملڪ کي اهڙي قسم جي لاقانونيت کان محفوظ بڻائڻ لاءِ هرممڪن قدم کنيا ويندا.

سنڌ  جي اڳوڻي نگران سرڪار  جي نگران وزير اعلي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت ۾ سنڌ ۾ امن وامان جي خراب صورتحال تي  ٿيل اهم اجلاس ۾ پنهنجي  ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ جو اڳ ئي اعتراف ڪيو ويو هو ۽ هاڻي چونڊن بعد چوٿون ڀيرو به سنڌ صوبي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي طاقت ور حڪومت قائم ٿي چڪي آهي ۽ ان حڪومت جو وزير اعلي سيد مراد علي شاهه لڳاتار ٽيون ڀيرو صوبائي حڪومت جو سربراهه پڻ چونڊجي چڪو آهي پر سنڌ جون ساڳيون تڪليفون ۽ سنڌ ۾ هر پاسي  ڌاڙيلن جون گڏوگڏ حڪومتون پڻ هلي رهيون آهن. عجيب ڳالهه آهي ته سنڌ عملي طور تي مختلف حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪ پاسي شهرن ۾ صوبائي سرڪار جي هستي ۽ مستي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي بهراڙين وارن ضلعن ۽ خاص طور تي ڪچي واري علائقن ۾ ڏوهارين جا راڄ حڪمراني ڪري رهيا آهن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته صوبي ۾ طاقتور عوامي حڪومت جي هوندي مقابلي تي ڏوهاري به طاقتور هجن ۽ جيئن وڻي تيئن عوام جو جياپو زهر بڻائي ڇڏين. سنڌ ۾ اها عام راءِ آهي ته جيستائين اندريان مليل نه هجن ته  تيستائين ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي اهڙي ريت وي آءِ پي وانگر خاص سهولتون، بڪتر بند گاڏيون، جديد هٿيارن جي رسد ۽ کليل موج مستي ملڻ ناممڪن آهي.

سنڌ ۾ عام شهرين ۽ خاص طور تي سنڌي هندئن جي اغوائن ۽ انهن کان ڀتا وٺڻ ۽ خير پور جي هڪ ڏوهاري زميندار جي چوڻ تي گذريل ٻن سالن کان معصوم نياڻي پريا ڪماري کي ڏينهن ڏٺي اغوا ڪرڻ بعد اڃا تائين پاڻ وٽ يرغمال بڻائي رکڻ لاقانونيت جي هڪ اهڙي مثال آهي جنهن تي سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي قانون ۽ انصاف جي ادارن وٽ ڪوبه جواب موجود ناهي. ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ امن امان کي لاڳو خطرن جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جاگيردارن ، وڏن زميندارن، قبضا گيرن ۽ شهرن ۾ وري ڏوهارين جي سرپرست قبضا مافيا ۽ چور بازاري، ڀتا خوري ۽لاقانونيت کي رواج ڏيندڙ گروهن سان تعلق رکندڙ ڪارندا ناسور بڻيل آهن.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ملڪ ۾ جاگيرداري، سرداري نظام ۽ وڏين زميندارين وارو نظام قانوني طور تي ختم ڪيو ويو هو ۽ زرعي سڌارا ڪري  زرعي زمينن جا وڌ ۾ وڌ ڏيڍ سئو ايڪڙ في خاندان پاڻ وٽ رکي آباد ڪرڻ  ۽  زمينن جا وڌ ۾وڌ اڍائي سئو ايڪڙ في خاندان زمينداري لاءِ رکي باقي زمينون بي زمين هارين ۾ ورهائڻ وارو قانون منظور ڪري زرعي سڌارا ڪيا ويا هئا ۽ جاگيردارن ۽ وڏن زميندارن کان زمينون وٺي هارين ۾ ورهايون ويون هيون پر ان بعد جنرل ضياءَ واري آمراڻي دور ۾ انهن زرعي سڌارن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا.

وفاقي  شريعت ڪورٽ طرفان پڻ زرعي سڌارن کي غير اسلامي ۽ غير شرعي قرار ڏنو ويو، جنهن جي خلاف اپيل اڄ ڏينهن تائين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ موجود آهي. ڪجهه سال اڳ ملڪ جي سينئر مزدور  اڳواڻ منظور احمد رضي سان لاهور جي هڪ نجي دوري دوران سپريم ڪورٽ ۾ موجود زرعي سڌارن واري ڪيس جي وڪيل جناب عابد حسين منٽو سان سندس آفيس ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ شريعت ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل جو ڪيس اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران هن  سندس اپيل منظور ڪرڻ ۽ زرعي سڌارا درست قرار ڏيڻ جي درخواست تي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اوهان  ملڪ جي جن هارين جي ڪيس جا وڪيل آهيو انهن مان ڪيترا پنهنجي ڪيس جي حق ۾ عدالت ٻاهران موجود آهن جنهن تي هو خاموش رهيو.اهڙي ريت  معلوم ٿيو ته آئين ۽ قانون به تڏهن ڪارگر ٿئي ٿو جڏهن متاثر ڌريون ۽ ماڻهو به پنهنجي ڪيس جي حق ۾ موجود هجن.

جڏهن ته سنڌ جي سياست ۾ هي هڪ اهڙو دور پڻ شروع ٿيو آهي جنهن ۾ صوبي ۾ وڌ ۾وڏوهن ۾ ملوث وڏن زميندارن ۽ پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ جوابدارن کي چونڊون کٽڻ لاءِ اليڪٽيبلز قرار ڏيئي سياسي جماعتن جي اميدوار جو درجو ڏئي صوبائي ۽ قومي اسيمبلين تي اميدوار ڪري پڻ ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ ڪيترا ئي لينڊ گريبر، قبضا مافيا ۽ ڏوهارين جا ڪارندا پڻ حڪومتون قائم ڪندڙ سياسي جماعتن ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي سياسي جماعتن ۾ خاص حيثيت ۽ مڃتا پڻ ملي رهي آهي.  جيڪڏهن ڏوهارين ۽ قبضا گروپن کي سياسي ۽ جمهوري جماعتن ۾ خاص ماڻهو بڻائي آڻي عوامي عهدن تي ويهاريو ويندو رهيو ته پو يقيني طور تي سنڌ سميت سمورو ملڪ ڏوهارين جي جنت ۾ تبديل ٿيندو ويندو ته پوءِ  عدليه جي آزادي، ججن جي حفاظت، قانون پسند شهرين ، صحافين، سماج سڌارڪن ، شاگردن ۽ انصاف پسندن ۽ ڪنهن به عزت دار ماڻهو  جي جان مال ۽ عزت آبرو محفوظ نه رهي سگهندي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.