اسلام آباد يونائيٽڊ 2 مئي تي پي ايس ايل جي فتح جو جشن ڪٿي ملهائيندي؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي فاتح ٽيم اسلام آباد يونائيٽڊ ايندڙ مهيني پي اي ايل جي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي فائنل ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ملتان کي هارائي ٽيون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.
يونائيٽڊ جي ڪاميابي جو جشن ٻه مئي تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، ٽيم شاليمار گرائونڊ کان ايف نائين پارڪ تائين ٽرافيءَ سان گڏ وڪٽري پريڊ ڪندي.
ان کانسواءِ ايف نائين پارڪ ۾ خاص تقريب جو انعقاد ڪيو ويندو، ڪاميابيءَ جي جشن ۾ مقامي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف ئي شريڪ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.