آڊيو ليڪ ڪيس، جسٽس بابر ستار کي ڪيس کان ڌار ڪرڻ جي ٽن ادارن جي درخواستن تي ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪ ڪيس ۾ ڪيس کان ڌار ٿيڻ بابت متفرق درخواستن تي پيمرا، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي تي 5-5 لک ڏنڊ لاڳو ڪري درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.
پيمرا، پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي آڊيو ليڪ ڪيس ۾ جسٽس بابر ستار جي عليحدگي لاءِ عدالت ۾ متفرق درخواستون داخل ڪيون هيون.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آڊيو ليڪس بابت بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ نجم الثاقب جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل عثمان منصور عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار چيو اڳ ۾ ته متفرق درخواستون طئي ٿينديون، ڪنهن درخواستون فائل ڪيون آهن؟ ان جو فيصلو ڪرڻو آهي، ان تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته آءِ بي، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي اهي درخواستون داخل ڪيون آهن.
عدالت چيو ته آءِ بي، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي سنجيده ادارا آهن، انهن جون درخواستون ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو، ڪنهن انهن درخواستن کي داخل ڪرڻ جي اٿارٽي ڏني آهي؟
ايڊيشنل اٽارني جنرل منصور اقبال عدالت کي ٻڌايو ته ڊي جي ايف آءِ اي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي اٿارٽي ڏني آهي.
جسٽس بابر ستار ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته درخواست جو لاڳاپيل حصو پڙهو، جتي مون تي اعتراض ڪيو ويو آهي.
جسٽس بابر ستار پڇيو آءِ ايس آءِ جي معاملي سان ايف آءِ اي جو ڪهڙو واسطو آهي، اهو خط ايف آءِ اي سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟ ايف آءِ اي انٽيليجنس ايجنسي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ايف آءِ اي انٽيليجنس ايجنسي ناهي.
جسٽس بابر ستار پڇيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ جي ججن کي بليڪ ميل ڪرڻ يا ججن جي گهرن ۾ ڳجهي ڪئميرا لڳائڻ سان ايف آءِ اي جو ڪو واسطو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ائين ته ناهي پر خط ۾ لفظ انٽيليجنس ايجنسيز استعمال ڪيو ويو آهي.
پوءِ عدالت ايف آءِ اي جي متفرق درخواست 5 لک رپيا ڏنڊ سان خارج ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت ڊي جي ايف آءِ اي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو اشارو به ڏنو.
ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار پڇيو ته انٽيليجنس بيورو جي متفرق درخواست ڪنهن جي منظوري سان داخل ٿي آهي؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته جوائنٽ ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو منظوري ڏني آهي، جسٽس بابر ستار چيو ايندڙ ٻڌڻي تي اهو پاڻ پيش ٿئي.
عدالت پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ پيمرا جي درخواستن تي به 5-5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.