ڪمزور حڪومت لاءِ معاشي استحڪام جي ايجنڊا

تحرير: سيد مجاھد علي

شهباز شريف حڪومت جي قائم ٿيڻ ۽ معاشي بحالي جي دعوائن  باوجود  تاحال ڪو بھ ٺوس پلان سامهون ناهي آيو. سياسي تقسيم ۽ شهباز شريف جي اقليتي حڪومت سبب مسئلا آسانيءَ سان حل ٿيڻ ممڪن ناهن. مسلم ليگ حڪومت سنڀالڻ کان اڳ معاملن کان آگاھ ھئي.ان ڪري ڪنھن بھاني کي نٿو مڃي سگھجي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب زور ڏنو آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي لاءِ مالياتي معاهدو ڪرڻو پوندو. شهباز شريف جي گذريل حڪومت ۾ ٽن ارب ڊالرن جي عبوري پيڪيج جي آخري قسط جي وصولي بعد حڪومت آءِ ايم ايف سان 3 کان 4 سالن جي مالي امداد جو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿي.جئين  6 کان 8 ارب ڊالرن جي امداد حاصل ڪجي. آءِ ايم ايف جي ٽيم گذريل عبوري معاهدي جي آخري قسط جي ادائيگي لاءِ ڳالهيون ڪري موٽي وئي آھي.جنھن تي پاڪستان اطمينان ظاهر ڪيو آهي ۽ اميد ڏيکاري آھي تھ باقي  امداد جي قسط  جلد ملندي .پر آءِ ايم ايف جو ڪو بيان نھ آيو آھي.

اڪثر ماهر متفق آهن ته آءِ ايم ايف سان نئين معاهدي کانسواءِ  معيشت پيرن تي بيهي نھ سگھندي، پر ماهرن جو ان تي اتفاق ناهي ته نئين ڊيل پاڪستان کي  بحران مان ڪڍي سگهندي. ان جو بنيادي سبب مالياتي انتظامي ڍانچي ۾ موجود خاميون آهن. ھڪ خيال آھي تھ  انهن ڪمزورين کي ختم نھ ڪرڻ  تائين ڪو به امدادي پيڪيج وقتي مسئلن مان ڪڍي سگھندو  پر ڊگهي مدي وارا مسئلا حل نه ڪندو.ناڻي وارو وزير ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان نئين مالي امداد تي ڳالهين کي اڳتي وڌائيندو.پر  ان کان اڳ معاشي اسٽرڪچر ۾ موجود نقص ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي.ٻي صورت ۾ مسئلا حل ٿيڻ بدران اڃان وڌندا ويندا.

ويجھي تاريخ ٻڌائي ٿي تھ ھر حڪومت کي مدي پوري ڪرڻ جي ڳڻتي رهي آھي.ان ڪري پاليسيون بھ اھڙيون ئي جوڙيون آھن. ڪڏهن آءِ ايم ايف کان پئسا ورتا ويا  ته ڪڏهن دوست ملڪن کان اوڌر سوڌر ورتي وئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اثاثن کي سھارو ڏيڻ  لاءِ  پئسا ورتا ويا. اهو طريقو 2008 کان وٺي هر حڪومت اختيار ڪيو آھي.

وقتي طور معاملن کي منھن ڏيڻ ئي پاليسي رھي آھي.ان وچ ۾ نائين اليون واري لاٽري بھ لڳي ھئي جڏھن پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪي اتحادي ٿيو ۽ خاصي رقم آئي، پر اهي وسيلا هڪ مضبوط معاشي بنياد فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿي سگهيا.

2008 کان 2018 تائين جي سياسي تجربي ۽ سياسي ڀڃ ڊاھ سبب وقت سان گڏ سياسي بي يقيني ۽ سياسي وڇوٽيون وڌيون آھن،جيڪي معاشي استحڪام لاءِ فائدي واريون نھ آھن.ان دوران ملڪ قرضن ۾ وڌيڪ ڦاسندو رھيو آھي ۽ معاشي مسئلن جو ڪو به حل نه ملي سگهيو. شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت به پنهنجي 16 مهينن جي دور ۾ آءِ ايم ايف سان لاڳاپا بحال ڪري ملڪ کي ڪنگال ٿيڻ کان بچائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي.

بهرحال، اهو سوال اڃا تائين جواب طلب آهي ته معيشت کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لاءِ نئين معاشي ۽ مالياتي بحران جو بنياد رکڻ ڪا دانشمندي واري پاليسي ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن حڪومت معاشي سڌارن جي منصوبن لاءِ پرڏيهي امداد استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿي ٿئي ته ڪو به ملڪ ڪنھن بهتري جي اميد نٿو رکي سگهي.

پاڪستان هڪ وڏو ملڪ آهي جنهن جي آبادي 25 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ان کي لکين سپاهين تي ٻڌل  وڏي فوج جو بار به کڻڻو پيو آھي، پر پوءِ به ايندڙ حڪومتون وقت بندوبست وارا فيصلا ڪنديون رهيون ۽ قرض ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻ جي پاليسي جاري رکي. هن دور ۾ اڻ سڌي طرح ٽيڪس وڌائڻ هر حڪومت جي مجبوري رهي آهي، ڇاڪاڻ جو اھي قومي آمدنيءَ ۾ اضافي جا ٻيا متبادل طريقا ڳولي يا لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رھيون آهن.

شهباز شريف کي گذريل پندرهن سالن ۾ جمع ٿيل  مالي مسئلن کي منهن ڏيڻو آهي. هاڻي اھي مسئلا حل ڪرڻ کانسواءِ اڳتي  وڌڻ ممڪن نھ رھيو آھي. مسئلن کي ٽن مکيه نقطن ۾هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو:ھڪ تھ، سالن کان قومي خزاني تي بار بڻجندڙ سرڪاري اثاثن مان جند ڇڏائي وڃي، جنھن ۾ پي آءِ اي، اسٽيل ملز ۽ ريلوي جهڙا طاقتور ادارا شامل آهن. انهن ادارن جي پرائيويٽائيزيشن تي بحث ٿئي ٿو ھر حڪومت حتمي فيصلي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

ٻيو ھي تھ ھر حڪومت قومي آمدني وڌائڻ ۾ ناڪام رھي آھي.عوام ۾ سياستدانن خلاف  راءِ پئدا ڪئي وئي پر انهن ۾ اهو شعور پيدا نه ٿي سگهيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪا به حڪومت اچي اھا قومي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ قومي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ لازمي آھي.چيو وڃي ٿو ته آمدنيءَ جو بار عوام تي وڌو ويو آهي پر ان جي سبب تي ڪير به سوچڻ لاءِ تيار ناهي. ان جو واحد معقول سبب اهو آهي ته جن کي پنهنجي آمدنيءَ تي ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، سي ائين ڪرڻ کان انڪاري آھن. جڏهن ته هر شعبي سھولتون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو حصو کڻي ٿو.جنھن ڪري ملڪي معيشت هن وقت سبسڊيز ۽ خيراتي منصوبن جي بيساکين  تي بيٺل آهي، پر  خرچ  پورو ڪرڻ لاءِ فنڊ موجود نه آهن. اها ضرورت هن وقت تائين قرض کڻي پوري ڪئي وئي آهي پر اهو طريقو هاڻي ڪامياب نه ٿيندو. اهو نقطو نئين وسيلن لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ بنيادي اهميت وارو هوندو.

ٽيون ھي آھي تھ قومي آمدني وڌائڻ لاءِ هڪ طرف ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ضروري آهي ته غير ضروري ۽ غير پيداواري خرچ  گهٽائڻ به ضروري آهي ته ٻئي طرف ايڪسپورٽ ذريعي پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ڪرڻ به لازمي آهي. پاڪستان جي پيداواري صلاحيت کي عالمي مارڪيٽن جي ضرورتن مطابق  محسوس نه ڪيو ويو آهي،پاڪستان جي پراڻين شين جي طلب گهٽجي رهي آهي. ان رپورٽ موجب يورپي يونين وٽ جي ايس پي پلس جي اسٽيٽس هجڻ باوجود يورپ ڏانهن پاڪستاني برآمدات ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. ڇو ته پاڪستاني شين جي طلب ۾ گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي آهي، اهو مسئلو قومي پيداوار جي واڌ ۾ تبديلي آڻي حل  ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ملڪ جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ پاڙيسري ملڪن سان مفاهمت ۽ سٺا لاڳاپا بنيادي اهميت رکن ٿا. پاڪستان ڪنهن به ملڪ ڀلي کڻي افغانستان ڇو نھ ھجي انھن  سان لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ  پيدا ڪرڻ جو متحمل نٿو ٿي سگھي.  ڇاڪاڻ ته خطي ۾ امن امان پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جي ڪنجي آهي. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ھندستان سان واپار بحال ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. پاڪستان جو هڪ وفد ڪابل وڃي رھيو آھي جتي واپار جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. اهي ٻئي بھتر ڳالھيون آهن، پر ان تي هڪ جامع قومي حڪمت عملي ذريعي سامھون آڻڻ گھرجي.

شهباز شريف کي جيڪڏھن معاشي بحاليءَ جو مقصد حاصل ڪرڻو آھي تھ کيس سياسي دوستن، دشمنن ۽ رياستي اسٽيڪ هولڊرز آڏو ڪجهه بنيادي نقطا رکي ۽ کين ٻڌائڻ گھرجي تھ  انهن تي اتفاق راءِ کانسواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي. جيڪڏهن ھو ان ايجنڊا تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام نٿو ٿئي ته بهتر ٿيندو ته ھو لولي وزير اعظم جي عهدي کي چنبڙي رھڻ کان انڪار ڪري ڇڏي.

 

شهباز شريف حڪومت جي قائم ٿيڻ ۽ معاشي بحالي جي دعوائن  باوجود  تاحال ڪو بھ ٺوس پلان سامهون ناهي آيو. سياسي تقسيم ۽ شهباز شريف جي اقليتي حڪومت سبب مسئلا آسانيءَ سان حل ٿيڻ ممڪن ناهن. مسلم ليگ حڪومت سنڀالڻ کان اڳ معاملن کان آگاھ ھئي.ان ڪري ڪنھن بھاني کي نٿو مڃي سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.