رپورٽن موجب آزاد ڪشمير ۾ گذريل چئن ڏينهن کان هلندڙ پرتشدد احتجاج ۽ لانگ مارچ کي ختم ڪرڻ ۽ احتجاج ڪندڙن جي 10 نڪاتي چارٽر آف ڊيمانڊ جي حوالي سان حڪومت ڪجهه مطالبا مڃي ورتا آهن ۽ ان حوالي سان نوٽيفيڪشن به جاري ڪيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداريءَ انهن احتجاجن جو نوٽيس وٺندي ڪشميري عوام جا مطالبا قانون موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو هو. اهي احتجاج بجلي، اٽي ۽ ماني جي اگهن ۾ واڌ ۽ ٻين وڌايل ٽيڪسن خلاف شروع ٿيا ها. جن بابت حڪومت ۽ عوامي ايڪشن ڪاميٽي وچ ۾ ڳالهين جا ٻه دور ٿي چڪا هيا. پر ڪو مثبت نتيجو نه پيو نڪري. پر اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عوام سراپا احتجاج وڳوڙي هجي ۽ وهنوار مڪمل طور بند هجي ته پوءِ مطالبا مڃڻ ئي آخري حل هوندو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر زرداري به ان سڄي صورتحال ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم انوارالحق سان رابطي ۾ رهيا ۽ هنگامي اجلاس طلب ڪري معاملي کي سملجهائي ورتو ۽ هاڻي حڪومت ۽ عوامي ايڪشن ڪاميٽي جي مطالبن جي منظوري متعلق معاهدا ٿي ويا آهن. حڪومت اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي نون اگهن جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. معاهدي موجب 100 کان 300 يونٽ تائين 5 روپيا ۽ 300 کان مٿي تي 6 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪمرشل بجلي 300 يونٽ تائين 10 ۽ 300 کان مٿي 15 روپيا في يونٽ مقرر. وزيراعظم آزاد ڪشمير لاءِ فوري طور 23 ارب روپيا مهيا ڪرڻ جي منظور ڏني آهي.
اها ته تمام سٺي ڳالهه چئبي جو آزاد ڪشمير جي عوام جي مهانگائي خلاف جدوجهد آخرڪار چئين ڏينهن کان پوءِ ڪامياب ٿي پر ڇا اهو بهتر نه هو ته اهي مطالبا چار ڏينهن اڳ ئي تسليم ڪن ها جيئن معاشي وهنوار بند نه ٿئي ها ۽ ان جي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ڪو نقصان نه ٿئي ها. اسان جو ته اڃان به اهو خيال آهي ته جيئن آزاد ڪشمير جي عوام جي مطالبن کي چئن ڏينهن جي وڳوڙي احتجاج کانپوءِ تسليم ڪيو ويو آهي تيئن باقي عوام کي به ڪنهن وڳوڙي احتجاج ڪرڻ کان اڳ سندن لاءِ به آزاد ڪشميري عوام جيان سستائپ ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي. ان لاءِ اهو انتظار ڪرڻ ضروري ناهي ته جڏهن ملڪي عوام به آزاد ڪشمير جي عوام جيان پرتشدد وڳوڙي احتجاج ڪن، زندگيءَ جو وهنوار بيهاري ڇڏين تڏهن معاملي جي نوٽيس وٺجي. اسان جو خيال آهي ته اهو رويو ختم ٿيڻ گهرجي. عوام جي احتجاج کان اڳ جيترو ممڪن هجي کين رليف ڏنو وڃي. اسان جي ملڪ جو عوام به آزاد ڪشمير جي عوام وانگر مهانگائي جي خلاف آهي. اهو به بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي چاهي ٿو، اهو به سستو اٽو ۽ سستي ماني گهري ٿو. اهو به وڌايل ٽيڪس گهٽائڻ چاهي ٿو، اهو به چاهي ٿو ته حڪمران پنهنجا شاهي خرچ گهٽائي اهي پيسا عوام لاءِ سبسڊي تي رکيا وڃن فرق رڳو اهو آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام وانگر ان اڃا پرتشدد وڳوڙي احتجاج ناهي ڪيو ۽ نه ئي ملڪي وهنوار کي چئن پنجن ڏينهن تائين ڪو بند ڪيو آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت سندن خواهشن ۽ مطالبن کي تيستائين پورو نه ڪندي جيستائين عوام آزاد ڪشميرين وانگر پرتشدد احتجاج نه ڪندو. اهڙي نوبت ڀلا اچي به ڇو،! عوامي ۽ جمهوري حڪومت کي ته احتجاجن کان اڳ ۾ ئي عوام جي امنگن پٽابندڙ پاليسيون جوڙڻ گهرجن. ڇا حڪمرانن کي اها خبر ناهي ته آزاد ڪشميرين وانگر ملڪ جي باقي عوام جا به اهي ئي مسئلا آهن. اهي به مهانگائي گهٽائڻ لاءِ روز پرامن احتجاج ڪندا آهن. سو جيئن آزاد ڪشمير جي حڪومت عوام جي احتجاج کانپوءِ سندن مطالبن کي تسليم ڪيو آهي تيئن شهباز شريف جي وفاقي حڪومت به عوام کي رليف ڏي. مهانگائي گهٽائڻ جو اهڙو فارمولو طئي ڪري جيئن آزاد ڪشمير جي عوام لاءِ طئي ڪيو ويو آهي. پاڪستاني عوام کي به مهانگائي گهٽائڻ وارو اهو فارمولو ڏيو جيڪو آزاد ڪشمير جي عوام کي ڏنو ويو آهي. پاڪستاني عوام کي به ايئن ئي بجلي اٽو ۽ ماني وغيره سستي کپي. ان کي به ايئن ئي انهن شين تي سبسڊي گهرجي.
جيڪڏهن آزاد ڪشمير جو وزيراعظم مهانگائي گهٽائڻ بابت پنهنجي عوام لاءِ سبسڊي جو انتظام ڪري سگهي ٿو ته شهباز شريف جي حڪومت به ڪري سگهي ٿي. ضرورت رڳو اوڏانهن ڌيان ڏيڻ جي آهي. ڌيان ڏبو ۽ ان ڏس ۾ سوچيو به ته يقينن رستا نڪري ايندا يا کلي پوندا. مثال طور جيڪڏهن حڪمران پنهنجا شاهي ۽ غير ضروري خرچ گهٽائن ته اهي پيسا سبسڊي لاءِ جمع ٿي سگهن ٿا. ٻيو ته هاڻي حڪومت جي مالي پوزيشن به ڪافي بهتر ٿي چڪي آهي. آزاد ڪشمير جي عوام به پنهنجي احتجاج ۾ اهو به هڪ مطالبو رکيو هو ته حڪومت پنهنجي ڪابينا گهٽائي ۽ پنهنجا شاهي خرچ ختم ڪري اهي پيسا عوام تي خرچ ڪري. آزاد ڪشمير جي حڪومت پنهنجي شاهي خرچ گهٽائڻ وارو سندن مطالبو ته ناهي مڃيو البته ٻئي طريقي سان سندن لاءِ سبسڊي جو ضرور انتظام ڪيو آهي. اهڙو اتنظام پاڪستاني حڪومت به ڪري سگهي ٿي.
ان کان اڳ جو هتان جو عوام به آزاد ڪشمير جي عوام وانگر سراپا احتجاج بڻجي، ان نوبت اچڻ کان اڳ ئي وفاقي حڪومت کي مهانگائي گهٽائڻ بابت سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. ٻي صورت ۾ هتان جو عوام به سوچيندو ته هتي به مهانگائي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن آزاد ڪشمير جي عوام جيان وڳوڙي حالتون پيدا ڪبيون. پر اسانجو خيال آهي ته اهڙيون وڳوڙي حالتون خاص ڪري ملڪ جي موجوده معاشي بدحالي ۾ اهو عمل ناقابل برداشت هوندو تنهن ڪري حڪومت کي اهڙي نوبت اچڻ کان اڳ آزاد ڪشمير واري فارمولي تحت مهانگائي گهٽائڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو.