پي ٽي آءِ جا مثبت اشارا ڇا ڊيل ٿئي پئي؟

تحرير: حبيب ٽالاڻي

اسانجي ملڪ جي سمجهه ۾ نه ايندڙ سياست ۾ ڪنهن به مهل ڪجهه به ٿيڻ واري آپشن کي ڪڏهن به رد نه ٿو ڪري سگهجي اسان جي ملڪي سياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن نه ٿيندڙ شيون ٿي وينديون آهن ۽ وري ٿيڻ واريون شيون نه ٿيڻ طرف هلي وينديون آهن ان ڪري اسان جي ملڪي سياست ۾ ڪنهن  به ڳالهه کي حرف آخر نه سمجهيو وڃي اسٽيبلشمينٽ  ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ 9 مئي وارن واقعن سبب جيڪي وڇوٽيون هڪ سال کان اسان ڏسندا اچون پيا ضروري ناهين ته اها صورتحال مستقبل ۾ به ائين ئي رهي. پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ  وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سال گذرڻ باوجود به ساڳئي حالت ۾ آهي ها اهو ضرور ٿيو آهي ته سال بعد هن 9 مئي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي 9 مئي وارن واقعن کي جيئن پرنٽ توڙي اليٽرانڪ ميڊيا تي بحث هيٺ آندو ويو آءِ ايس پي آر پاران پريس ڪانفرنس ڪري پي ٽي آءِ قيادت معافي جو مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ وري باني پي ٽي آءِ پاران معافي وٺڻ کان انڪار ڪيو ويو ٻنهي پاسن کان شرط ۽ انڪار ئي صحي پر چرپر ٿي ضرور آهي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪٿي اها سڄي چرپر محث مباحثا ڪٿي پلانٽڊ ۽ ڊيل طرف وڌڻ طرف وک ته ناهي؟

پر هتي سڀ کان اهم مسئلو اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسٽيبلشمينٽ  ۽ عمرن خان وچ ۾ ٽياڪڙي وارو ڪردار ڪير ادا ڪري؟ توڙي جي اسانجي ملڪي سياست ۾ هميشه آمريڪا جو اهم ڪردار رهيو آهي هتي ماضي ۾ حڪومتون ٺهڻ توڙي ڊهڻ ۾ آمريڪا جو سڌي توڙي اڻ سڌي طرح سان هٿ ۽ حمايت رهي آهي پر ڪجهه ڏهاڪن کان وٺي آمريڪا اسان جي ملڪ جي سياست کان ڪجهه پري بيٺل آهي. آمريڪا کان پوءِ اسانجي ملڪي سياست ۾ ڪجهه ڏهاڪن کان عربن جي انٽري ٿي آهي خاص ڪري سعودي عرب جي انٽري . مشرف جي مارشل لا کان پوءِ نوازشريف کي گرفتار ڪري سزا ٻڌائڻ بعد رات پيٽ ۾ شريف فيملي کي خاص جهاز وسيلي سعودي عرب کڻي وڃڻ عربن جو وڏو ڪارنامو ۽ پاڪستان جي سياست ۾انٽري هئي پر عمران خان واري مسئلي تي اهم ڳالهه اها آهي ته عمران خان لاءِ ڪهڙو ملڪ اڳيان اچي ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪري ؟ سعودي عرب جي شاهه جون عمران خان سان ڪجهه ويجهڙايون ضرور ٿيون هيون پر شاهه سلمان جي پاڪستان دوري دوران عمران خان جون ڪجهه ڳالهيون ليڪ ٿيون تنهن ڪري سعودي وارو شاهه عمران خان کان ناراض ٿي ويو چين کي سي پيڪ تي عمران حڪومت سوڙهو ڪيو ته اهي به ناراض ٿيا آمريڪا عمران جي ويجهو به ايندو مطلب ته هن مهل ڪا وڏي شخصيت توڙي ڪو ملڪ اسان کي نظر نه ٿو اچي جيڪو عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ  وچ ۾ ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪري.

خير هڪ سال بعد هن مهل جهڙي ريت 9 مئي وارو اشو ٻيهر اٿاريو ويو آهي اسٽيبلشمينٽ  پاران معافي وارو شرط ئي سهي پر ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ ۽ وري عمران خان پاران معافي نه وٺڻ ئي صحي پر اها چرپران ڳالهه جو ثبوت آهي عمران خان اسٽيبلشمينٽ  سان ۽ وري اسٽيبلشمينٽ  هاڻي باني پي ٽي آءِ سان وڌيڪ ڇڪتاڻ نه ٿي چاهي ۽ ان سڄي مسئلي جو باعزت حل چاهي ٿي اسٽيبلشمنٽ ان ڳالهه کان باخبر آهي ته هر ڀيري طاقت استعمال ڪري پي ٽي آءِ کي اقتدار کان ٻاهر رکڻ جتي هڪ پاسي آسان نه هوندو اتي عالمي سطح تي اهڙي قدم تي سخت آواز اٿندو ان ڪري اسٽيبلشمينٽ  هاڻي سنجيدگيءَ سان عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي.

توڙي جو هڪ پاسي جتي باني پي ٽي آءِ عمران خان معافي جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي اتي ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻي صدر عارف علوي سيالڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي چيو ته 9 مئي وارن واقعن ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن ماڻهن جي جاچ ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي سڄي پي ٽي آءِ خلاف ڪارروايون ڇو ڪيون پيون وڃن؟ اڳوڻي صدر عارف علوي جون اهي ڳالهيون اهم آهن ان کان اڳ هن مهل تائين پي ٽي آءِ جي 9 مئي وارن واقعن تي اهو موقف  رهي آهي ته 9 مئي واقعا پي ٽي آءِ کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪرايا ويا آهن 9 مئي تي وڳوڙين کي روڪيو ڇو نه ويو؟ پر هاڻي عارف علوي جي ڳالهين بعد اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي 9 مئي واري پراڻي موقف  کان پوئتي هٽي وئي آهي جيڪا اسٽيبلشمينٽ  سان ڳالهين لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي عارف علوي کان سواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي چيو ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف فيئر ٽرائل کي يقيني بڻائي پوءِ ڀل ملوث ماڻهن کي سزائون ڏنيون وڃن پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران آن دي ريڪارڊ 9 مئي وارن واقعن تي پهريون ڀيرو اهڙو موقف  سامهون اچڻ پي ٽي آءِ پاليسي تبديل ٿيڻ جي نشاني آهي اڳوڻي صدرعارف علوي جو ڪجهه ڏيهن اڳ عمران خان سان جيل ملاقات ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ  پاران معافي جو مطالبو ڪرڻ عمران خان پاران انڪار ڪرڻ ان صورتحال کان پوءِ اڳوڻي صدر عارف علوي جوسيال ڪوٽ بار ۾ خطاب دوران جيڪي ڳالهيون  ڪيون اصل ۾ اهي ڳالهيون اسٽيبلشمينٽ  کي نياپو آهي ته اوهان 9 مئي ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن توڙي ڪارڪن خلاف ڀل ڪاروائي ڪيو اسان مسئلا پيدا نه ڪنداسين عارف علوي پاران اهڙو بيان سامهون اچڻ کان پوءِ اها ڳالهه بلڪل واضع ٿي پئي آهي ته لک انڪار باوجود باني پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ  سان بامقصد ڳالهين لاءِ راضي آهي پر عمران خان اهڙو رستو چاهي ٿو جتي اهو تاثر وڃي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ  اڳيان جهڪيو ناهي عارف علوي توڙي رئوف حسن جي بيانن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي پي ٽي آءِ مستقبل ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث ڪارڪنن توڙي اڳواڻ کان عارضي طور ئي سهي انهن جي حمايت کان هٿ کڻي ويندي توڙي جوپي ٽي آءِ جواهڙو ڪو به عمل پي ٽي آءِ ڪارڪنن لاءِ شاڪنگ نيوز نه هوندو پر هي سياست آهي سياست ۾ هر شئي کي جائز سمجهيو ويندو آهي هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ پڻ سمجهي ٿي ته ڪنهن به سياسي پارٽي توڙي ليڊر کي گهڻو وقت طاقت جي زور تي اقتدار کان پري نه ٿو رکي سگهجي نوازشريف ان جو واضع ثبوت آهي ان ڪري عمران خان کي وڌيڪ سياست مان ٻاهر نه ٿو رکي سگهجي ۽ نه وري  هميشه لاءِ هن جي پارٽي کي اقتدار مان ٻاهر رکڻ اسٽيبلشمينٽ  جي وس ۾ آهي ان ڪري اسٽيبلشمينٽ هاڻي عمران خان سان ڳالهيون چاهي ٿي ۽ عارف علوي جو بيان پڻ ڳالهين طرف اشارو آهي اسان برف ڳرندي ڏسون پيا ٿورو باني پي ٽي آءِ پوئتي هٽندو ٿورو اسٽيبلشمينٽ  پوئتي هٽندي ۽ وچ وارو رستو نڪري ايندو.

رهي ڳالهه پ پ ۽ نوازليگ جي ته پ پ قيادت هميشه ملڪ اندر مفاهمت واري سياست کي ترجيح ڏني آهي آصف علي زرداري جيڪو مفاهمت جو بادشاهه آهي ان لاءِ پي ٽي آءِ سان ويهڻ ڪو به مسئلو نه هوندو نوازليگ نه چاهيندي به ڳالهين جي حمايت ڪندي هنن کي هي ٻيو ڀيرو آهي جو اقتدار پليٽ تي رکي تحفي ۾ پيش ڪيو ويو آهي هاڻي انهن لاءِ  عمران جو ٻاهر اچڻ ڪو وڏو مسئلو نه هوندو هونئن به اسان جي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪا به سياسي پارٽي ٻه ڀيرا هڪ ٻئي پٺيان وفاق ۾ اقتدار ۾ ناهي آئي نواز ليگ پ پ سان گڏجي مرڪز ۾ حڪومت ڪري پئي ايندڙ چونڊن تائين سخت معاشي فيصلا موجودا اقتدار ڌڻين کي ٻيهر عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ شايد نه ڏي ان ڪري ن ليگ وارا چاهن پيا ته هي وارو آرام سان ڪڍي وٺجي پوءِ جيڪو ٿيو سوڏسبو بس ٿورو انتظار جي ضرورت آهي.

پي ٽي آءِ پنهنجا سياسي پتا کيڏيا آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجا پتا. هاڻي آهستي آهستي حالتون بهتري طرف وينديون ان ڪري ته پي ٽي آءِ طرفان 9 مئي وارن واقعن بابت مثبت بيان سامهون اچن پيا عمران خان کي به شايد پارٽي اڳواڻن پاران راضي ڪيو ويو آهي هاڻي هڪ محفوظ رستو ڪڍيو ويندو جنهن سان نه عمران خان کي معافي وٺڻ جي ضرورت پوندي ۽ نه وري 9 مئي ۾ ملوث جوابدارن کي رليف ڏنو ويندو وڏا پاڻ ۾ ٺهي ويندا.

 

اڳوڻي صدر عارف علوي جوسيال ڪوٽ بار ۾ خطاب دوران جيڪي ڳالهيون  ڪيون اصل ۾ اهي ڳالهيون اسٽيبلشمينٽ  کي نياپو آهي ته اوهان 9 مئي ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن توڙي ڪارڪن خلاف ڀل ڪاروائي ڪيو اسان مسئلا پيدا نه ڪنداسين عارف علوي پاران اهڙو بيان سامهون اچڻ کان پوءِ اها ڳالهه بلڪل واضع ٿي پئي آهي ته لک انڪار باوجود باني پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ  سان بامقصد ڳالهين لاءِ راضي آهي پر عمران خان اهڙو رستو چاهي ٿو جتي اهو تاثر وڃي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ  اڳيان جهڪيو ناهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.