اسلام آباد (پ ر) جمعي ڏينهن پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت ڪوآرڊينيٽر سفير ايلزبٿ رچرڊ ۽ پاڪستان جي گڏيل قومن بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ او آءِ سي جي سفير سيد حيدر شاهه آمريڪا پاڪستان دهشتگردي روڪ ڊائلاگ جي گڏيل صدارت ڪئي.
دهشتگردي روڪ ڊائلاگ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ISIS- خراسان سميت علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي پيش اهم ترين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار تي زور ڏئي ٿو.
گڏيل دلچسپي جي شعبن تي ڌيان ڏيندي خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي منظر نامي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
آمريڪي ۽ پاڪستاني سينيئر اختيارين دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار ۽ صلاحيت ۾ واڌ جي اهميت تي زور ڏنو، جنهن ۾ ٽيڪنيڪي مهارت ۽ بهترين طريقن جي ڏي وٺ، جاچ ۽ فريادي جي مدد، سرحدي سلامتي جي بنيادي ڍانچي ۽ تربيت جي فراهمي شامل آهي.
مارچ 2023 ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ دهشتگردي روڪ جي آخري مڪالمي کانپوءِ 300 کان وڌيڪ پوليس ۽ فرنٽ لائن ريسپانڊرز جي تربيت شامل آهي.
پڌرائيءَ موجب گڏيل قومن ۽ عالمي دهشتگردي روڪ فورم جهڙن گهڻ رُخي رابطن کي مضبوط بڻايو ويندو.
ٻنهي حڪومتن انهن موضوعن تي رابطا وڌائڻ ۽ مڪمل حڪومتي نقطه نظر ذريعي پرتشدد انتهاپسندي جو پتو لڳائڻ ۽ ان جي روڪٿام لاءِ سهڪار جاري رکڻ جو عزم ڪيو.
دهشتگردي روڪ ڊائلاگ علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل عزم جي تصديق ڪري ٿو.
Prev Post
Next Post
You might also like