سنڌ ۾ نه ختم ٿيندڙ ڌاڙيلن جو راڄ ! ڪڏهن ختم ٿيندو؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

سنڌ جي سرزمين ولين ، بزرگن ۽ درويشن جو آستانو رهي آهي. جن هميشه ، محبت ، اخوت ، ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيئي ، عصبيتن ۽ نفرتن کي ڀڄايو آهي. انهن هميشه امن و امان جو گس ڏسيو ۽ ڪلفت ۽ نفرت کان دور رهڻ لاءِ سبق سيکاريو. سنڌ واسي جيستائين انهن سبقن ۽ درسن تي عمل ڪندا رهيا تيستائين اسان وٽ امن و امان قائم رهيو. ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش ڪونه آيو. پوءِ ، جڏهن اسان انهن ولين جي ڏسيل واٽ کي ڇڏي. انهن جي پيغام کي وساري ٻئي واٽ تي هلڻ شروع ڪيو. تڏهن هتان جو امن موڪلائي ويو ۽ حالتون خراب ٿينديون ويون.. سنڌ جون اخبارون ان ڳالهه جون شاهد آهن. روزانه وڏين سرخين سان ڌاڙيلن جي قهري کي ڇپيو پيو وڃي.

هڪ طرف ڌاڙيل وارداتون ڪري رهيا آهن. ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي. ڪن صورتن ۾ مغوين کي قتل به ڪريو ڇڏين ٿا. ٻئي طرف پوليس رڳو ڪوڙن بيانن ڏيڻ ۾ پوري آهي. اها به بيوس ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڌاڙيلن وٽ جديد قسم جا هٿيار آهن. جيڪي پوليس وٽ ڪونه آهن. انهن هٿيارن جي زور تي وارداتون ڪيون پيون وڃن. اڳ ۾ ته عورتن جو احترام ڪيو ويندو هو. انهن کان ڦر ڪانه ڪئي ويندي هئي. پر ، هاڻ ايئن ڪونه آهي.

تازو ، مريد شاخ لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ پيرسن عورت کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ ، ڪنن مان سونا والا ڇني گهٽا ڏيئي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب اهو افسوسناڪ واقعو مائي ملوڪان زال غلام حيدر کنڀڙو کي نامعلوم ڏوهاري ڏينهن ڏٺي جو روزي جي حالت ۾ اغوا ڪري کڻي ويا. سندس ڪنن ۾ پاتل سونا والا لاهي گهٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. کيس بيدردي سان قتل ڪري لاش ڪمند جي فصل ۾ ڦٽو ڪري ويا. ڪنڌ ڪوٽ جي ڀرسان ڪرمپور ويجهو هزارو شاخ وٽ استاد الهرکيو نندواڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. شڪارپور ۾ چند ڌاڙيل قانون کان ڏاڍا ٿي معشوق لاشاري  ۽ منظور لاشاري کي پاڻي جي واري تان اغوا ڪري کڻي ويا ڌاڙيلن منظور لاشاري کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ ڌاڙيلن پاران اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. وڊيو ڏسي سگهجي ٿي ته ، مغوي هٿ ٻڌي رحم جي اپيل ڪندو رهيو. پر، ڌاڙيلن سندس هڪ به نه ٻڌي.

ياد رهي ته کيس گولي هڻڻ کان 23 ڏينهن اڳ ۾ اغوا ڪيو ويو هو. هڪ ٻيو واقعو سنڌ بلوچستان جي دنگ تي ٿيو آهي. تفصيل موجب آر ڊي 44 ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل دوڪاندار علي بخش گهنيو پنهنجو دوڪان بند ڪري گهر وڃي رهيو هو ته کيس ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. ان کان علاوه انڊس هاءِ وي تي ڪرمپور لاڙي وٽ دوڪان جي دري ڀڃي ننڊ پيل ٻن پورهيتن کي اغوا ڪري ڪچي طرف وٺي ويا. ٿريشر جا 2 ڪاريگر عمران ۽ چنيسر پهوڙ به اغوا ڪيا ويا آهن. مغوين جا وارث ۽ پوليس ڪچي ۾ پير وڃائي آيا آهن. رستم ۾ سئي سدرن گئس اسٽيشن تان هٿياربندن ٻن چوڪيدارن خان سيٺار ۽ گل شير سيٺار کي اغوا ڪري  ويا.

مطلب ته روزانه ڌاڙيل قهري وارداتون ڪري رهيا آهن. اهي ايڏا ته طاقتور ۽ سگهارا آهن جو ، حڪومت جي پڪڙ ۾ نه ٿا اچن. آئون اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته انهن جي آڏو پوليس ۽ ٻي انتظاميه بيوس ۽ مجبور آهي. پوليس ۽ انتظاميه ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهن. انهن جي خلاف قدم کڻڻ کان ڪيٻائين ۽ نٽائين ٿا. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، ڌاڙيلن جا هٿ ڪير ٿو مضبوط ڪري؟ کين جديد هٿيار ڪنهن جي معرفت ملي رهيا آهن؟ سندس پشٽ پناهي ڪير ڪندڙ آهن؟ ظاهر آهي ته ، اهي سڀ ڳالهيون غريب ماڻهن جي وس کان مٿانهيون آهن. غريب ماڻهو ڌاڙيلن جي رسائي ڪري نه ٿو سگهي. مهانگائي عروج تي آهي. عام ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهي. جنهن ڪري اها ڳالهه وثوق سان چئي سگهجي ٿي ته ، ڌاڙيلن جا محافظ ڀوتار، وڏيرا ، سردار ۽ سرندي وارا آهن. جيڪي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ ڌاڙيلن جو سهارو وٺن ٿا. ڌاڙيلن جي مڪمل طرح حمايت ڪندا رهندا آهن. جن جي معرفت اتر سنڌ جا سمورا علائقا ڌاڙيلن اغوا جي انڊسٽري بنائي ڇڏيا آهن. انهن علائقن ۾ ڪو به ماڻهو محفوظ ڪونه آهي سڀڪو خوف ۽ هراس ۾ ورتل آهي. هر ماڻهو کي اهو ڊپ رهي ٿو ته ڪو ڌاڙيلن جو ٽولو هلان نه ڪري ۽ نقصان نه پهچائي.

سنڌ ۾ بدامني وڌي رهي آهي. امن و امان قائم ڪرڻ لاءِ غير قانوني اسلحه تي پابندي ته آهي. پر، ان پابندي تي ڪير به عمل ڪونه ٿو ڪري. جنهن لاءِ ضروري آهي ته ، چوري جا هٿيار هٿ ڪيا وڃن. معاشري کي ڄاڻايل هٿيارن کان پاڪ و صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن هٿيارن جي زور تي جيڪي ڏوهه ٿين ٿا. سي روڪجي ويندا. ان لاءِ حڪومت کي قانونسازي ڪرڻ گهرجي ۽ مذڪوره هٿيار سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن. تن کي هٿ ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

تڏهن وڃي امن و امان بحال ٿيندو. صحتمند معاشرو قائم ٿيندو ۽ ڀائيچارو پيدا ٿيندو. سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ به ذڪر ڪيل هٿيار آهن. سڀ کان پهريائين اها جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهي هٿيار انهن تائين ڪيئن پهچن ٿا. جيڪي ڌريون ڌاڙيلن کي هٿيارن جي رسائي ڪري رهيون آهن. انهن جي خلاف به قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن جي پشت پناهي ڪندڙن جي خلاف قانون کي تحرڪ ۾ اچڻ جي ضرورت آهي. ان کان پوءِ بي رحم آپريشن ڪري ڌاڙيلن کي هٿيڪو ڪيو وڃي. اهو آپريشن بلڪل مخفي هجي. ڪنهن کي به ان جي کڙڪ نه پوي. تڏهن ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ڌاڙيل به اسان جي سماج جا فرد آهن. جن کي هٿيار ڦٽا ڪرائي هڪ معزز شهري بنائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ به واڳ ڌڻين کي سوچڻ گهرجي.

هڪ طرف ڌاڙيل وارداتون ڪري رهيا آهن. ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي. ڪن صورتن ۾ مغوين کي قتل به ڪريو ڇڏين ٿا. ٻئي طرف پوليس رڳو ڪوڙن بيانن ڏيڻ ۾ پوري آهي. اها به بيوس ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڌاڙيلن وٽ جديد قسم جا هٿيار آهن. جيڪي پوليس وٽ ڪونه آهن. انهن هٿيارن جي زور تي وارداتون ڪيون پيون وڃن. اڳ ۾ ته عورتن جو احترام ڪيو ويندو هو. انهن کان ڦر ڪانه ڪئي ويندي هئي. پر ، هاڻ ايئن ڪونه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.