سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي ڪاروباري شھر سکر جي مشھور ماتمي شهر روھڙي جي صالح پٽ/ سنگرار نالي وسنديءَ مان اندازن 22 مھينا اڳ پريا ڪماري جي اغوا ٿيڻ واري جي جھوريندڙ واقعي کي ڪنھن به حالت ۾ وساري يا درگذر نٿو ڪري سگھجي ڇو جو ھي نياڻي سکر جھڙي تاريخي شهر مان محرم الحرام دوران سبيل امام حسين عليه السلام تي ھر ايندڙ ويندڙ کي بنا ڪنهن متڀيد جي پاڻي پياريندي اغوا ٿي وئي آھي.سکر ڪو معمولي شھر ناھي جو ھتي ڪا وڏي واردات ٿئي ۽ اھا ھتان جي طاقت ورن کان لڪل رھي اھو ناممڪن ٿو لڳي… پريا ڪماري جو اغوا ڪنھن به حالت ۾ گم سم ٿي زماني کان وسري نٿو سگھي ڇو جو ھي واردات ان ھنڌان ٿي آهي جيڪو خاص طور شهيدان ڪربلا جي پوئلڳن کان وسارڻ تمام مشڪل آھي..
ان مناسبت سان محرم جي ڏھاڙن ۾ خاص طور وڏي عاليشان انتظامن سان حسيني حبدارن جي اڃ کي ياد ڪندي ” سبيل حسين” جا اھتمام ڪيا وڃن ٿا. ھندو ڌرم جي ھيءُ معصوم نياڻي پريا ڪماري عشق حسين ۾ سبيل تي پاڻي پياريندي اغوا ٿي وڃي ته اھڙو ڏوھ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آھي جو سبيلن تان نياڻيون اغوا ٿي وڃن پر معجزو اھو آھي جو انھيءَ واقعي جي ياد ۾ ويتر ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو رھي ٿو. نه فقط واڌارو پر مظلوم سان محبت ۽ ساٿ ۾ به حسيني ياد جا قلندري رنگ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا آھن جنھن ڪري ظالم سان نفرت ۽ ان خلاف احتجاج، بک ھڙتالون، ڌرڻا، پريس بيان، يو ٽيوب. وائس ميسيج، ميڊيا خصوصًا سوشل ميڊيا تي ڀرپور انداز سان آواز بلند ٿيڻ لڳو آھي اھو آواز ڀلي حاڪم طبقي کي ٻڌجڻ ۾ نه اچي پر ھي "غريبن جي آھ” نيٺ ته ڪو خدائي رنگ لائيندي.!
ڀلي پاڪستاني ڪيترا ٽي وي چينل تي ڏيکاءُ وارا مناظرا ڪن توڙي دنيا جي طاقتور ميڊيا جا ڪيترا چينل يا اخبارون معصوم پريا ڪماري جي اغوا کي ايتري اھميت نه ڏين.
پريا ڪماري ھڪ مظلوم نياڻي ٿي ڪري طاقتورن جا محل ماڙيون ۽ قلعن نما سرڪاري ھائوس لوڏڻ شروع ڪري ڏنا آھن. پريا جي جيجل امڙ جا پاڪ لڙڪ حسيني بڻجي وڃڻ ڪري نياڻي جو اغوا طاقتورن لاءِ شرمناڪ موت ثابت ٿي سگھي ٿو ان ڪري اڃان به وقت آھي ته پريا ڪماري کي پنهنجي عزيزن تائين عزت و احترام سان جلد پھچايو وڃي.
ياد رکڻ گھرجي ته پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو اسيمبلي جي ايوان ۾ ماٺ ۽ درگذر وارن روين کي محسوس ڪندي ھاڻ سنڌ جون سرڪاري ۽ سرداري سرحدون پار ڪري وفاقي حڪومت، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ پاڪستان سميت پاڪ فوج.. رينجرز ايف آءِ ۽ ٻين ايجنسين آڏو انصاف لاءِ طاقتور مطالبو بڻجي سامھون اچي چڪو آھي جيڪي، سنڌ جي ان مطالبي کي ضرور مڃتا ڏيندا ۽ نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ اڳ ڀرائي ڪندي سنڌ جي عوام جو مطالبو منظور ڪري ملڪ ۽ قوم جو مان مٿانھون ڪري ظالمن کي ڪيفر ڪردار تي پھچائيندي انصاف ڪندا.
پريا ڪماري ھڪ مظلوم نياڻي ٿي ڪري طاقتورن جا محل ماڙيون ۽ قلعن نما سرڪاري ھائوس لوڏڻ شروع ڪري ڏنا آھن. پريا جي جيجل امڙ جا پاڪ لڙڪ حسيني بڻجي وڃڻ ڪري نياڻي جو اغوا طاقتورن لاءِ شرمناڪ موت ثابت ٿي سگھي ٿو ان ڪري اڃان به وقت آھي ته پريا ڪماري کي پنهنجي عزيزن تائين عزت و احترام سان جلد پھچايو وڃي.