خودڪشيون روڪڻ لاءِ والدين کي اولاد تي ڌيان ڏيڻو پوندو

تحرير:فريد لاشاري

پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ يعني خودڪشي ڪرڻ وارو رجحان نوجوانن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، پنهنجي زندگي پنهنجن هٿن سان ختم ڪرڻ مهل ان نوجوان کي خبر ئي نٿي پوي ته هو ڇا ڪري رهيو آھي ان وقت، ان جي بيوسي جي انتها هوندي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته خودڪشي ڪندڙن ۾ گهٽ آمدني وارن ۽ هيٺئين طبقي جي پيڙهيل نوجوانن جي گهڻائي هوندي آھي.

وڏي ڳالهه ته خودڪشي ڪندڙن ۾ ڇوڪرن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. خودڪشي ڪندڙ هر ماڻهو وٽ پنهنجو ذاتي سبب هوندو آهي، پر جيڪا ڳالهه هر خودڪشيءَ ۾ هڪ جهڙي هوندي آهي اها آهي اها بيوسي هوندي آھي جنهن دوران انسان اهڙي بند گهٽي ۾ پهچي ويندو آهي جتي هن کي مرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر نه ايندو آهي.

خودڪشي جا چار وڏا قسم ڄاڻايا ويا آهن. هڪ سماجي اڪيلائپ، جنهن جي ڪري ڪيل خودڪشي. ارسطو چواڻي انسان هڪ سماجي جانور آهي. اهو اڪيلو نٿو رهي سگهي، پر ڪجهه ماڻهو جڏهن پاڻ پرستي ۾ اچي ٻين کان پاڻ کي مٿانهون سمجهي دوستن، مٽن مائٽن کان الڳ ٿلڳ رهڻ چاهيندو آهي ته دراصل هو پنهنجي ان سماجي پاڙ کي کوٽي رهيو هوندو آهي، جيڪا ان کي زندگي جي طوفانن ۾ مضبوط جهلي بيهي سگهي ٿي. سماجي ڳانڍاپن کان بالڪل ٽوڙي پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو هڪ نتيجو خودڪشي به ٿي سگهي ٿو.

نمبر ٻيون پاڻ ارپڻ، هن قسم جي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو مٿين قسم جي ماڻهن کان بالڪل ابتڙ پاڻ مٽائڻ ۽ ٻين جي لاءِ زندگي ارپڻ جي انتها تي هوندا آهن. انهن وٽ پنهنجي ذات سماج جي آڏو ڪابه حيثيت نه رکندي آهي. اهڙن ماڻهن ۾ خودڪش حملا ڪندڙ ۽ وطن ۽ قوم لاءِ پنهنجي زندگي ارپيندڙ ماڻهو شامل آهن. ڪي ماڻهو پنهنجي خاندان جي ڪري، ڪو ماڻهو پنهنجي پيار جي ڪري، ٻين کي تڪليف پهچڻ جو سبب ٿيڻ جي ڪري خودڪشي ڪندا آهن.

نمبر ٽيون مايوسي، جڏهن سماج هڪ ماڻهو تي گهڻين ئي اميدن جو بار رکي ۽ ان مان سماجي، معاشي ۽ جذباتي هر طرح جو بار کڻڻ جي اميد رکي وڃي ۽ انسان اهو سڀ پورو نه ڪري سگهي يا اهي اميدون پوريون ڪندي ڪندي بيزار ٿي وڃي ته نتيجي ۾ اهو مايوس ٿي خودڪشي ڪندو آهي ڇو جو سندس وس نه هلندو آهي.

نمبر چار مونجهارو، هيءُ هڪ سماجي بيقائدگي جو قسم آهي جنهن ۾ مروجه رسم و رواج ۽ ضابطه روزمرهه جي زندگيءَ جي عملن سان ٽڪراءُ ۾ هجن ٿا. مثال طور جائز طريقي سان پئسا ڪمائڻ، سچ ڳالهائڻ، سماجي ضابطه ۽ اصول ته آهن، پر عملي طور تي دنيا ان جي مخالفت ۾ عمل ڪري ٿي ۽ نه صرف عمل ڪري ٿي بلڪه لڪل طور تي ان جي تعريف ۽ همت افزائي به ڪري ٿي ته انسان صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ منجهي پوي ٿو ۽ اهو مونجهارو به انسان جي خودڪشي ڏانهن سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.

اسان جي ماحول ۾ چوگرد ڪيترائي مسئلا آهن جنهن ڪري انسان ڊپريشن يا ڳڻتي جو شڪار ٿئي ٿو، پر اسان وٽ ڊپريشن جي متعلق ڳالهائڻ ممنوعه سمجهيو وڃي ٿو. ڊپريشن يا پريشاني جون ڳالهيون ڪندڙ کي سڌو سنئون چرين واريون ڳالهيون چوڻ ڪنهن به ماڻهو جي حوصلا شڪني لاءِ ڪافي آهن. خودڪشي ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ واري کي بزدل، ايمان ڪمزور يا گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي ڪري خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو ڪنهن کان مدد به نه وٺي سگهندو آهي، انتهائي قدم کڻڻ تائين ڪنهن کي خبر نه پوڻ ڏيندو آهي.

اسان وٽ اصل نفسياتي ڊاڪٽرن جي کوٽ به آھي ۽ ٻيو ته ان کي ڪو ڏيکاري به ته ماڻهو سمجهندا آهن ته چريو ٿي پيو آهي يا چري ٿي وئي آهي دماغي ڊاڪٽر کي ڏيکارين ٿا. خودڪشي ڪرڻ جو هڪ سبب ڪنهن انتهائي واقعي ٿيڻ جي ڪري به آهي مثال طور ڪنهن سان جنسي زبردستي ڪئي وڃي ته نتيجي ۾ انسان پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندو آهي ۽ اڳتي هلي ان جو انتهائي رد عمل خودڪشي جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.

انصاف نه ملڻ جي ڪري، اسان جو سماج ناانصافي تي ٻڌل آهي جتي گهر کان ويندي هر هنڌ اڻبرابري آهي. ڪڏهن ڪڏهن اڻ برابري جي ڪري به خودڪشيون ٿين ٿيون تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته والدين پنهنجي اولاد تي توجهه ڏين ۽ انهن کي سٺو ماحول فراهم ڪن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.