اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نگران حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت نگران دور جي معاشي پاليسين تي عملدرآمد ڪري.
آءِ ايم ايف سفارش ڪئي آهي ته نئين حڪومت نگران دور جي معاشي پاليسين تي عملدرآمد جاري رکي، قرض گهٽ ڪرڻ لاءِ نگران دور جي فيصلن تي عملدرآمد ڪيو وڃي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته نگران دور ۾ قرض گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا، نگران حڪومت سياسي نقصان جي پرواهه ڪرڻ بنا معاشي قدم کنيا، نگران حڪومت پرائمري سرپلس جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سخت ڪوشش ڪئي، نگران حڪومت جي معاشي پاليسين سبب ٻاهرين آمدني بحال ٿي.
آءِ ايم ايف موجب نگران حڪومت ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن جا قدم شروع ڪيا، نگران دور ۾ ايف بي آر جي آٽوميشن جو منصوبو شروع ٿيو.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبن سان رابطا مضبوط ڪيا وڃن، ملڪي آمدني وڌائڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، ملڪي خرچن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي.
Next Post
You might also like