ايترو ظلم نه ڪجي جو بغاوت ڀڙڪي پئي!

تحرير: خيال کتري

اسان جي ملڪ ۾ مهانگائي اڀن کان ٽُپي عرشن تي پهچي چڪي آهي. جنهن ۾ عام ڏهاڙيدار ماڻھو ته ٺهيو، پر ٺيڪ ٺاڪ ڪمائيءَ وارو ماڻھو به پنهنجو گذر سفر ڪرڻ لاءِ پريشان آهي. انهن حالتن هوندي وري ميڊيا ذريعن موجب ته آءِ ايم ايف جون بجلي ۽ گيس جي اگھن ۾ واڌاري ڪرڻ جون فرمائشون پوريون ڪرڻ لاءِ حامي ڀرڻ، حڪمران طبقي جي ذهني فقداني ۽ سو سيڪڙو پنهنجن آقائن جي غلاميءَ ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي. ان سان انهن حڪمرانن جي گھرن ۾ ته چلهھ ٻرندي رهندي، پر عوام جي ڪيترن ئي گھرن مان چلھه اجھامي ويندي. جنهن جا اثر ويجهي مستقبل ۾ سماج تي ڏاڍا ڏکيا مرتب ٿيندا. جن کي منهن ڏيڻ حڪمرانن جي وس کان ٻاهر هوندو.

ڇاڪاڻ ته جيڪو عوام روزاني پنهنجي پيٽ جي پورت ڪرڻ لاءِ 16 کان 18 ڪلاڪن تائين مزوري ڪرڻ ۽ ان کي ڳولھڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو. پوءِ وڃي ٻه وقت دال بصر کائڻ جهڙو ٿئي ٿو. ان جي مٿان وري بجلي ۽ گيس جو بم ڪيرايو ويندو ته هو مرندو يا بچندو. جڏهن ته اڳ ۾ ئي دنيا جي حساب سان بجليءَ جا اگھه چوٽ تي چڙهيل آهن. جو ماڻھو بل پيارڻ لاءِ ٻئي آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿيو پوي. ۽ گيس جا اگھه پڻ تازوئي 120 رپين مان وڌائي هزار رپيا ڪيو ويو آهي. جيڪا اڳ ۾ ئي ناانصافي ۽ ڏاڍائي ڪئي ويئي آهي.

گيس اسان جي پنهنجي پيداوار هوندي به اسان لاءِ اڻ پوري ۽ ايتري مهانگي، جو جهڙو اسين گيس آمريڪا مان درآمد ڪري رهيا هجون. جنهن جي رسد تي ايترو خرچ آيو هجي، جيڪو عوام کان وصول ڪرڻ ضرور هجي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا حڪمران پنهنجين اپتن کي به درآمدي وکرن جي لسٽ ۾ شامل ڪري، پنهنجين عياشين جا سڀ خرچ عوام کي نپوڙي حاصل ڪري رهيا آهن.

اسان جا حڪمران پنهنجا ۽ پنهنجي ڪامورا شاهين جا اجايا شاهاڻا خرچ ڇو نٿي گھٽائي. ڪهڙي ضرورت آهي، انهن حڪمرانن ۽ شاهي ڪامورن کي، جن جون بينڪون اڳ ۾ ئي دولتن سان ڀريون پيون آهن. جن کي پنهنجي ملڪيتن جي ڪاٿي جي ئي خبر ڪانھي ته انهن وٽ ڪيتري قدر دولت جان انبار آهن.

پر هڪ غريب مسڪين پورهت ماڻھوءَ جي مسڪيني ۽ بيوسيءَ مان ايڏو ظالماڻو فائدو وٺڻ ڪٿي جي انسانيت آهي. هتي انهن انسان دوست تنظيمن کي پڻ پنهنجو موقف چٽو ۽ پڌرو ڪرڻ گھرجي، ته اهي انسانيت جي برابري جا نعرا هڻندڙ تنظيمون فقط ڪجهھ ڏهاڙن جي شو ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن حساس ديني معاملي تي ئي روڊن تي نڪري اچڻ لاءِ ئي قائم ويون آهن. يا انهن کي انسانيت جا روزمره جا لوازمات نظر نٿا اچن. انهن تنظيمن کي جيڪڏهن انسانن کي برابريءَ جا حق ڏيارڻا آهن، ته اهي هر معاملي ۾ هڪ ملڪ جي سڀني انسانن کي برابريءَ جا حق ڏيارڻ جو نعرو هڻي گھرن مان نڪري پون. ته ملڪ جو سمورو عوام انهن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل نظر ايندو. جيڪو انهن جي ئي مول متن کي ساڀيان ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو.

ملڪ جي حڪمرانن کي گھرجي ته اسان جي ملڪ ۾ خدا پاڪ طرفان ڏنل سڀ ڪجهھ آهي. ان آڌار تي پنهنجي ملڪ جو ڪاروهنوار هلايو وڃي. ان مان ملندڙ اپت تي ملڪ کي هلايو وڃي. پنهنجي اثاثن جي پاڻ مالڪي ڪري، عوام کي روزگار جون سهولتون ڏئي. ملڪ ۾ آسودگي آڻي.ٻاهرين قوتن کان قرضن کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ماڻھو ته اڳ ۾ مرڻ ڪنڌيءَ تي پهچايا ويا آهن. جن کي ويتر قبر ۾ لاهڻ جا سانباها نه ڪيا وڃن. پنهنجي آمدنيءَ آهر پنهنجا خرچ ڪيا وڃن. سڀني سرڪاري آفيسرن جا اجايا خرچ بند ڪيا وڃن. بجلي، گيس، تيل، گاڏيون، بنگلا، نوڪر چاڪر، تفريح الائونس وغيره وغيره ختم ڪري، انهن پيسن مان قرض ادا ڪيا وڃن. ايتروئي نه پر اسان وٽ ترقياتي ڪمن تي رکيل بجيٽ جيڪا هر سال مڪمل خرچ نه ٿيڻ ڪري، واپس سرڪاري خزاني ۾ هلي ٿي وڃي. ان کي قرضن جي قسطن ۾ ڇو نٿو استعمال ڪيو وڃي. هڪ يا ٻن سالن جا مڪمل ترقياتي ڪم بند ڪري، انهن تي رکيل بجيٽ کي قرضن لاهڻ ۾ کپائي، ملڪ کي غير آقائن جي چنبي مان ڇڏايو وڃي. اهو ضروري ٿوري آهي، جو ملڪ هميشه ڪٺ پتلي ٿيو پيو، غيرن جي اشاري تي نچي.

منهنجي رياست ۽ رياستي ادارن جي ذميوارن کان هٿ ادب جا ٻڌي گھر آهي ته خدارا پنهنجي ملڪ ۽ قوم تي رحم کائو. ايڏو انهن سان ظلم نه ڪريو، جو هو ظلم مان تنگ ٿي، گھرن کان ٻاهر نڪري اچن. ۽ روڊن رستن کي بلاڪ ڪري، محاسبي ڪرڻ ڏانهن وِک وڌائين. جيڪڏهن عوام ان حالت ۾ پهچي وئي ته، پوءِ ننڍيرو رهندو نه ئي ڪو وڏيرو رهندو. جيڪو تور ۾ تري ايندو، سو کپي ويندو. ان حالت کان پاڻ به بچو ته عوام کي به بچايو. ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. نه ئي ملڪ جا پير اکوڙڻ لاءِ قدم کڻو.

پنهنجي ملڪ جي سالميت، بقا، ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ قرض جي نه خلوص جي ضرورت آهي. جيترو ملڪ سان خلوص عيوض ڪم ڪيو ويندو. اوتروئي ملڪ خوشحالي ماڻيندو. قرض آهي مرض جيڪو هڪ ڪينسر جي مرض کان گھٽ نه آهي. جنهن سان ويڙھ ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيٽ کي پٿر ٻڌي جھيڙو ڪرڻو پوندو. جيڪو عوام ته ڪري پيو. باقي رياستي ذميوار به جيڪڏهن ان ۾ پنهنجو حصو ملائيندا ته اسان جو ملڪ دنيا جي امير ملڪن مان هڪ هوندو. جنهن تي هر دنيا جو ملڪ رشڪ ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگھندو.

ميڊيا ذريعن موجب ته آءِ ايم ايف جون بجلي ۽ گيس جي اگھن ۾ واڌاري ڪرڻ جون فرمائشون پوريون ڪرڻ لاءِ حامي ڀري آهي،اڳ ۾ ئي دنيا جي حساب سان بجليءَ جا اگھه چوٽ تي چڙهيل آهن. جو ماڻھو بل پيارڻ لاءِ ٻئي آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿيو پوي. ۽ گيس جا اگھه پڻ تازوئي 120 رپين مان وڌائي هزار رپيا ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.