عوامي آواز جي ڀان سعيد آباد جي رپورٽر آدم مينگل ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر ڍنڍ جي سوڪهڙي ۽ ان جي مسئلن بابت هڪ انتهائي ڇرڪائيندڙ رپورٽ موڪلي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منڇر ڍنڍ جو ٻن ڪلوميٽرن جو حصو پاڻي نه هجڻ ڪري بنجر ٿي ويو آهي. منڇر ڍنڍ جي مهاڻن ۽ رهواسين جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جا عملدار هٿ وٺي ڍنڍ کي سڪائين پيا. يعني جن جو ڪم منڇر ڍنڍ کي بحال رکڻ آهي ۽ جنهن عيوض کين فنڊ، پگهارون ۽ هر قسم ون مراعاتون ملن ٿيون سي سڀ توانايون ۽ سهولتون منڇر ڍنڍ جي تباهي لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن.
هيءَ ڍنڍ قدرتي طور تي ڪيترن ئي ننڍن وڏن وهڪرن، برساتي نالن ۽ دريائي پاڻيءَ مان ڀرجي ٿي. ماضيءَ ۾ منڇر جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ سبب هتي مڇيءَ جي وڏي پيداوار ٿيندي هئي، جڏهن ته هزارين مهاڻا خاندان پنهنجي روزگار لاءِ هن ڍنڍ تي ڀاڙيندا هئا. ان کان علاوه ڍنڍ جي چوڌاري رهندڙ آبادي زراعت، مالداري ۽ ٻين معاشي سرگرمين ذريعي پڻ فائدو حاصل ڪندي هئي. منڇر ڍنڍ جي اهميت صرف معاشي نه پر ماحولياتي به آهي. هيءَ ڍنڍ هزارين آبي پکين، جهنگلي جيوت ۽ آبي حيات جي بقا لاءِ هڪ اهم پناهه گاهه رهي آهي. هر سال سياري جي موسم ۾ دنيا جي مختلف علائقن کان لڏپلاڻ ڪندڙ پکي به هتي اچي ترسندا رهيا آهن. ان ڪري منڇر ڍنڍ عالمي ماحولياتي ورثي جي حيثيت پڻ رکي ٿي. جيڪڏهن هيءَ ڍنڍ تباهه ٿي وڃي ٿي ته نه صرف انساني آبادي متاثر ٿيندي پر هڪ مڪمل ماحولياتي نظام به خطري ۾ پئجي ويندو.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان منڇر ڍنڍ مسلسل نظر اندازي جو شڪار رهي آهي. هڪ پاسي پاڻي جي کوٽ ۽ ٻئي پاسي زهريلي پاڻيءَ جي آمد هن ڍنڍ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. مختلف نالن ۽ ڊرينن ذريعي ايندڙ صنعتي ۽ زرعي آلودگي ڍنڍ جي پاڻي کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو ڪيترن ئي علائقن ۾ اهو پاڻي انساني استعمال ته پري، آبي حيات لاءِ به خطرناڪ بڻجي ويو آهي. نتيجي طور مڇين جا نسل گهٽجي رهيا آهن، پکين جي آمد متاثر ٿي رهي آهي ۽ مهاڻن جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي.
تازن سالن ۾ سوڪهڙي ۽ پاڻي جي گهٽتائي واري صورتحال هن بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. موسمياتي تبديلي، برساتن جي غير يقيني صورتحال ۽ پاڻي جي غلط انتظام سبب منڇر ڍنڍ ڪيترن ئي هنڌن تي سڪي رهي آهي. جڏهن پاڻي گهٽجي ٿو ته گدلاڻ جو اثر وڌيڪ وڌي وڃي ٿو ۽ ڍنڍ جي حياتياتي نظام کي ناقابل تلافي نقصان پهچي ٿو.
اهڙي وقت ۾ ايس يو پي پاران ڪيل پنڌ مارچ رڳو هڪ سياسي سرگرمي نه پر هڪ ماحولياتي ۽ انساني مسئلي تي عوامي آواز اٿارڻ جي ڪوشش آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ماحولياتي تنظيمن کي پڻ هن مسئلي تي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، ڇو ته منڇر ڍنڍ جو معاملو ڪنهن هڪ علائقي يا هڪ جماعت جو مسئلو نه پر سڄي سنڌ جي بقا ۽ ماحولياتي تحفظ سان لاڳاپيل آهي.
سنڌ حڪومت لاءِ ضروري آهي ته اها منڇر ڍنڍ جي بحالي کي ترجيحي بنيادن تي قومي منصوبي جي حيثيت ڏئي. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين ڍنڍ ۾ صاف پاڻي جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ ڍنڍ جي بحالي ممڪن نه آهي. سنڌ ۽ وفاقي سطح تي پاڻي جي انتظام بابت اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ گهرجن جيڪي منڇر جهڙن قدرتي ذخيرن جي بقا کي يقيني بڻائين. ٻيو اهم قدم گدلاڻ جي خاتمي لاءِ کڻڻ گهرجي. صنعتي ۽ زرعي فضلي کي بغير علاج جي ڍنڍ يا ان سان لاڳاپيل وهڪرن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ضروري آهي. ان مقصد لاءِ جديد واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ قائم ڪيا وڃن ۽ ماحولياتي قانونن تي سختي سان عمل ڪرائجي. جيڪي ادارا يا ڪارخانا ماحولياتي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪن، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
ٽيون، منڇر ڍنڍ جي چوڌاري رهندڙ مهاڻن ۽ مقامي آبادين جي معاشي بحالي لاءِ خاص پروگرام شروع ڪيا وڃن. انهن کي روزگار، صحت، تعليم ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي جون سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ڪيترائي مهاڻا خاندان غربت ۽ بيروزگاري سبب پنهنجا اباڻا علائقا ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن، جيڪو هڪ سنگين سماجي مسئلو بڻجي رهيو آهي. چوٿون، منڇر ڍنڍ بابت سائنسي تحقيق ۽ جديد ڊيٽا تي ٻڌل منصوبابندي کي هٿي وٺرائي وڃي. پنجون، مقامي برادرين کي بحالي جي عمل ۾ شريڪ ڪيو وڃي. جيڪي ماڻهو نسلن کان هن ڍنڍ سان وابسته آهن، انهن جو تجربو ۽ ڄاڻ انتهائي قيمتي آهي. انهن کي نظرانداز ڪرڻ بدران فيصلن ۾ شريڪ ڪرڻ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته منڇر ڍنڍ کي رڳو هڪ پاڻيءَ جي ذخيري طور نه پر سنڌ جي قدرتي، ثقافتي ۽ معاشي ورثي جي علامت طور ڏٺو وڃي. هيءَ تاريخي ڍنڍ سنڌ جي سونهن، سڃاڻپ ۽ حياتيءَ جو اهم حصو آهي. جيڪڏهن منڇر بچي ٿي ته هزارين خاندانن جو روزگار، ماحولياتي توازن ۽ هڪ تاريخي ورثو بچندو؛ ۽ جيڪڏهن اها تباهه ٿي وڃي ٿي ته ان جو نقصان ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻو پوندو.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايشيا جي هن سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر کي تباهه ئي ڇو ڪيو ويو آهي جو هاڻي ان جي بحالي جا مطالبا ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن حڪومت ۽ منڇر ڍنڍ سان سلهاڙيل ادارن کي ان جي اهميت ۽ ضرورت معلوم ناهي ته پوءِ کين حڪومت ۽ ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو حق ناهي.