راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آرمي ايويئيشن جو ايم آءِ-17 هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان آرمي ايويئيشن جو ايم آءِ-17 هيلي ڪاپٽر مظفرآباد جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر ٽيڪ آف دوران ٽيڪنيڪل خرابي سبب حادثي جو شڪار ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورا اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، ريسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمون فوري طور حادثي واري هنڌ پهچي ويون، جڏهن ته حادثي جي صحيح ٽيڪنيڪل سببن جي جاچ لاءِ بورڊ آف انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز حادثي ۾ املهه جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف مظفرآباد ويجهو پاڪ فوج جي ايم آءِ-17 هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي.