دودا تنهنجو ساهه ته ويندو پر ماڻهن مان ويساهه نه ويندو

تحرير: عبدالرزاق سومرو

سومرن جي تاريخ تي ڪافي تحقيق ٿي آهي پر اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي پيو ته سومرا اصل ۾ عرب آهن پر ايئن ڪونهي. سنڌ جي اديبن دانشورن ادب دوست ماڻهن جي تحقيق موجب سومرا اصل درواڙ راجپوت آهن ۽ سنڌ جي مٽي مان جنم وٺندڙ سنڌ جا راڻا آهن . اها حقيقت آهي ته سومرا سنڌ جا والي وارث رهيا آهن ۽ بادشاهي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.

سومرن سڄي سنڌ تي 505 سالن کان مٿي حڪومت ڪئي آهي تنهن بعد به سنڌ جي مختلف حصن تي 75 سال سندن حاڪم حڪمراني رهي آهي جنهن جو واضح مثال ٿر ۾ عمر ڪوٽ قلعو آهي، آخري حڪمران حمير سومرو هيو جنهن سنڌ جي ٿر واري حصي تي حڪمراني ڪئي.سومرا قبيلو اڄ به سنڌ اندر لکن جي تعداد ۾ موجود آهي سنڌ جي هر ضلعي اندر وڏي تعداد ۾ سومرا رهن ٿا سومرن جو 99 سيڪڙو پڙهيل لکيل تعليم يافته هنر مند واپاري محنت ڪش ۽ سرڪاري توڙي نجي نوڪرين ۾ آهي . ٻيو ثبوت ته دودو ڀونگر ، خفيف،حمير،ٻاگهل،سڀ جا سڀ سنڌي نالا  آهن نه ڪي عرب. جيئن ٻيون قومون ۽ قبيلا اڳتي هلي مسلمان ٿيا تيئن سومرا به مسلمان ٿيا پر سومرا اڳ ئي  سنڌي هئا نه ڪي عرب…سومرن جو دور سنڌ جي خوشحالي جو دور رهيو ،ٻولي تي تحقيق شاعري،اسيمبلي،وڻج واپار سمنڊ ذريعي ۽ هيڪڙي درياءُ ذريعي سرحدي ملڪن سان سٺا رهيا بلڪه شروع ئي سومرا دور کان ٿيا ان ڪري سومرا دور سنڌ جو شاندار ۽ سنهري دور رهيو آهي.

سومرن جي شاهي گهراڻن متعلق تاريخي ڪتابن موجب 28 شاهي خاندان سنڌ ملڪ (پرڳڻي)جا حاڪم رهي چڪا آهن 10 سوَ چو ويهه کان 13050ع تائين ان کان اڳ عربن جي دور ۾ سومرا امير  (امرا) هيا سومرا گهراڻو وڳهه ڪوٽ جيڪو هن وقت هندتان ۾ آهي. سومرا شاهي خاندانن منجهان پهريون نمبر شهيد لعل دودو ٻيون ڪارو دودو پٽ ڀونگر جو ٽيون ڀونگر پُٽ خفيف جو چوٿون خفيف پٽ حمير جو پنجون حمير پٽ عمر  جو جيڪو عمر ڪوٽ جو باني هيو هنن مٿيئن خاندانن هر هڪ ست حاڪم رهيا پهريون ست ڀونگر خاندان جا ٻيو ست خفيف خاندان منجهان ٽيون ست ڄڻا پيئڻ خاندان مان ۽ چوٿون ست کينئري خاندان منجهان اهڙي طرح سنڌ تي سومرن جي 28 شاهي خاندانن حاڪم حڪمراني ڪئي.

دودا به 6 ٿي گذريا آهن پر هي ٽيون دودو سلطان ڀونگر جو پٽ هيو جنهن  شهادت ماڻي ۽ تاريخ جو امر ڪردار بڻجي ويو. دود دليري جي علامت آهي سنڌ ۾ اڄ به چوڻي مشهور آهي ته مڙس ته ڪو دودو آهين. پير حسام الدين شاهه راشدي لکيو آهي ته دودي جو نالو وٺڻ ڄڻ شينهن جي گوشت سان نيرن ڪرڻ آهي

سنڌ جي ناليواري شاعر ابراهيم منشي سومري تحت “مان آهيان، مان ئي آهيان منهنجو عزم ڦولاد، دودو ڏاهر جي اولاد.سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان جتي هيرا ۽ جانثار پيدا ڪيا آهن اتي غدارن جي به ڪمي ڪانه رهي آهي جنهن جو هڪ مثال چنيسر به آهي پر چنيسر جا چار ڏينهن دودو لازوال .دودو ۽ چنيسر ٻه ڀائر سنڌ جي حاڪم ڀونگر جي اولاد هئا. ڀونگر جي وفات کانپوءِ بادشاهي تخت جي حاصلات خاطر  پڳ ٻڌڻ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي دود ننڍو هيو ۽ چنيسر وڏو هو پر چنيسر ۾ حڪومت يعني راڄ ڀاڳ هلائڻ جي صلاحيت نه هئي ان ڪري راڄ سميت اسيمبلي ميمبرن شاهي خاندان جي پڳ دودي جي سِر تي رکي .تنهن تي چنيسر ڪاوڙجي پيو ۽ هندستان تي ان وقت راڄ ڪندڙ بادشاه علاوالدين خلجي کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن حملي ۾ سنڌ فتح ٿي ته سنڌ جي بادشاهي جو اڌ حصو ۽ ڀيڻ ٻاگهل ٻائي جو سڱ توکي ڏيندس.

بحرالحال سومرن جي ان جهڳڙي جو قصو مشهور ۽ تمام پراڻو آهي ۽ قصي کي اينگهائڻ سان گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي سنڌ جي نصابي ڪتابن ۾ پڻ اهڙي قسم جو قصو موجود آهي .اهڙي صورتحال ۾ دودي گڏجاڻي ڪوٺائي ته هاڻي ڇا ڪجي. ان گڏجاڻي ۾ هڪ همراهه راءِ ڏيندي چيو ته ٻاگهل جي جاءِ تي ڪا ٻانهي موڪلي وڃي ته جيئن وڌيڪ خون خرابي ۽ جاني مالي نقصان کان بچي سگهجي تنهن تي دودي کيس جواب ڏيندي چيو ته اها ٻانهي به منهنجي لاءِ ٻاگهل آهي آءُ اهو هرگز قبول نه ڪندس. دودو سنڌ وطن  جي دنگن ننگن لوئي ۽ لڄ خاطر تخت تاج و مال ملڪيت سوڌو ڌارين سان ويڙهاند دوران 27 مارچ 1300ع جمعي جي ڏينهن محرم الحرام جي شام جو شهادت جو پيالو پيتو دودي لاءِ اياز لطيف پليجي جي انداز بيان ۾ شيخ اياز جون هي سٽون ڇا ته ڪمال جي ڀيٽا آهي

 

جي تون وڙهندين ماريو ويندي، هن ڌرتي تان واريو ويندي

دودا تنهنجو ساهه ته ويندو،پر ماڻهن مان ويساهه نه ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.