اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته رياست جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته هاڻي ڪا به بڪواس برداشت نه ڪئي ويندي.
فيصل واوڊا پنهنجي بيان ۾ چيو ته مون ته نرم ٻولي استعمال ڪئي هئي، پر رياست واضح انداز ۾ جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي پاڪستان، ان جي فوج ۽ شهيدن توهين نه ڪئي ويندي.
هن چي ته فوج خلاف دشمن ملڪ جي بيانئي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
سينيٽر فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته اڄ رياست پنهنجو جواب بلڪل واضح طور تي ڏئي ڇڏيو آهي.
You might also like