هڪ رياست اندر ٻه رياستون هلنديون ته پوءِ ايئن ئي ٿيندو!

رپورٽ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف گئس جي اگهن ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظهارڪندي توانائي جي وزارت کان گئس اگهن بابت فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان جو مطلب ٿيو ته ملڪ جي وزيراعظم کان پڇڻ بنا يا ان جي علم ۾ آڻڻ بنا گئس جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ٻئي پاسي ڏسجي ته  رياست اندر ڪيتريون ئي عدالتون قائم آهن. هڪ سرڪاري عدالت ٻي اُها جيڪا ماڻهن کي کنڀي کانئن حساب ڪتاب پڇي ٿي ۽ ٽين اُها جيڪا جرڳا ڪوٺائي فيصلا ٻڌائيندي آهي. ملڪ اندر ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي پنهنجي حڪومت آهي ۽ اهي جڏهن ۽ جتي چاهين ڪا به ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن ٿا. ڌاڙيلن کي ڪچي ۾ جديد هٿيار ڪير ٿو ڏي سو  هڪ الڳ نيٽ ورڪ آهي. قومپرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت لوهار بابت انساني حقن  واري ڪميشن جي رپورٽ آهي ته سندس قاتلن کي خود پوليس بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ملڪ اندر چونڊون ٿينديون آهن ته عام تاثر اهو آهي ته عوام ووٽ هڪڙن کي ڏيندو آهي ته حڪومت وري ٻين کي ملندي آهي. هڪڙا ٿا چون ته بظاهر اتحادي جماعتن جي حڪومت آهي پر اصل ۾ آءِ ايم ايف ٿي هلائي. اُها ئي ملڪ کي مالياتي قرض ڏيندي آهي ۽ اها ئي قرض واپس ڪرڻ جو مئڪنزم به طئي ڪري ڏيندي آهي.  يعني فيصلي سازي جو اختيار ورهايل آهي. اڪيلي حڪومت سڀني پاليسين ۽ فيصلن جي ذميوار ناهي.

ڪيڏي نه عجيب ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. اها صورت حال ڏسجي ته رڳو اسان جي رياست ۽ حڪومت ۾ نه پر هر اداري ۾ آهي. فيصلي سازي جو ڪو هڪ مرڪز ناهي. جنهنجي ذميواري آهي يا جنهن کي ذميواري سونپيل آهي تنهن کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته رياست اندر آئين ۽ قانون جي بالادستي ناهي. انصاف نالي ڪا شئي ناهي. ڪا به شئي ڪنهن جي ضابطي ۾ ناهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ملڪ 77 ورهين جي ڄمار ۾ پهچڻ باوجود پنهنجي پيرن تي ناهي بيٺل ۽ هر دور ۾ ”نازڪ دور“ مان گذرندي نظر ايندو آهي. سو جيستائين رياست اندر ٻه رياستون هلنديون، هڪ عدالت هوندي ٻه يا ٽي عدالتون هلنديون، هڪ حڪومت هوندي ٻه يا ٽي حڪومتون هلنديون تيستائين مسئلا ئي مسئلا بحران ئي بحران نظر ايندا.

سو طاقت ۽ فيصلي سازي جو هڪ مرڪز هئڻ گهرجي. اسان وٽ اڃا تائين اهو به طئي ناهي ٿي سگهيو ته سپريم ادارو پارليامينٽ آهي عدالت آهي يا اسٽيبلشمينٽ آهي. هتي بظاهر اسٽيبلشمينٽ جو پڙ ڳرو نظر ايندو آهي جڏهن ته آئين موجب چونڊيل پارليامينٽ ئي سپريم ادارو آهي پر عملي طور ايئن آهي ئي نه. اها ئي مسئلن جي بنيادي جڙ آهي.

سو انهن سڀني مسئلن جو حل ان ڳالهه ۾ آهي ته ملڪ کي هر قيمت تي آئين ۽ قانون تحت هلايو وڃي.هڪ رياست اندر هڪ ئي رياست هجي، هڪ ملڪ اندر هڪ ئي عدالت هجي ۽ هڪ ئي حڪومت هجي پر جيڪڏهن هڪ رياست اندر ٻه رياستون هونديون ٻه حڪومتون هونديون ته پوءِ ملڪ ايئن ئي بحران جي ور چڙهيل هوندو جيئن نظر اچي رهيو آهي.

پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي

سکر جي سنگرار واري علائقي مان تقريبن اڍائي سالن کان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. رپورٽن موجب ڪراچي کان ڪشمور تائين معصوم ٻار، شاگرد، پوڙها، عورتون توڙي نوجوان احتجاج ڪري رهيا آهن. سياسي سماجي، ادبي ۽ صحافتي ڌريون سڀ معصوم نياڻي جي بازيابي واري هڪ نڪتي تي گڏ آهن. ۽ ان موقف تي عظيم ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته پريا ڪماري جو اغوا ۽ هندو برادري خلاف ڌاڙيلن جو آزار اصل ۾ هندن کي سنڌ مان لڏائڻ جي سازش آهي. سندن چوڻ آهي ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ وڏا هٿ ملوث آهن.

بهرحال اها بيحد سرهائي ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هاڻي سڄي سنڌ متحد نظر اچڻ لڳي آهي اهو اشو جيتوڻيڪ پراڻو آهي پر هندو برادريءَ  هولي ڏڻ کي پريا ڪماري جي نانءُ ڪري ان معاملي کي نئون اُڀار ڏئي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي به معصوم نياڻي جي بازيابي لاءِ جيڪو ڀرپور آواز اٿاريو ويو آهي تنهن جو پڙاڏو هاڻي اقتداري ايوانن ۾ به ٻڌجڻ لڳو آهي. حضرت سچل سرمست جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت ۽ اوقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پريا ڪماري اسان جي نياڻي آهي جنهن جي بازيابي لاءِ سنڌ حڪومت اثرائتي ڪارروائي ڪري رهي آهي سو تمام جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو ويندو.

اسان جو خيال آهي ته صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي پڻ ان حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪرڻ گهرجي ته جيئن وڌيڪ اطمينان ٿي سگهي ته حڪومت پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هاڻي واقعي به ڪا سنجيده آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا مثبت اڳڀرائي ٿيندي. اسان جي عوامي آواز جي نمائندي پنهنجي رپورٽ ڊائري ۾ ڄاڻايو آهي ته پريا جي ايڏي عرصي کان ڪو پتو نه پوڻ تي سندس والد ۽ والده جي ذهني پريشاني تمام ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، حڪومت مان آسرو لاهي اهي بزرگن جي مزارن تي رهڻ لڳا آهن. رپورٽر لکي ٿو گهڻين ڪوشش باوجود ڪو سراغ نٿو ملي. پوليس موجب ڪنهن به ماڻهوءَ جي اغوا ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اندر ئي وارثن کي ڀنگ جي ڪال اچي ويندي آهي ۽ پوءِ پوليس لاءِ ان مغوي جي بازيابي سولي ٿي ويندي آهي پر ايترو وقت گذرڻ باوجود ڪا به ڪال مالڪن يا پوليس کي ناهي آئي. رپورٽر جو خيال آهي ته پريما ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان حڪومتي ڌرين ۽  پوليس تائين نوٽيس ورتو ووي ۽  ڳولها جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي پر هي معمو سلجهي ناهي سگهيو.

سو صورتحال انتهائي نازڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي. اها ته حقيقت آهي ته هاڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جيڪو عوامي اڀار پيدا ٿيو آهي اهڙو پهريون نه هو سو اميد ڪري سگهجي ٿي ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هي عوامي تحريڪ حڪومتي ۽ پوليس ڌرين کي فيصلائتي ڪارروائي تي مجبور ڪندو ۽ والدين کي پنهنجين اکين جو نور پنهنجو جگر جو ٽڪرو ملي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.