گورنر پنجاب پاران ايچي سن ڪاليج جي پرنسپال جي موڪل منظور

لاهور(م ڊ)  گورنر پنجاب بليغ الرحمان ايچيسن ڪاليج جي پرنسپال مائيڪل ٿامسن جي 28 ڏينهن جي موڪل منظور ڪري ڇڏي آهي، هن  جي پاڪستان کان ٻاهر موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب مائيڪل ٿامسن جي غيرموجودگي ۾ آمنه ڪامران ۽ خالد نون انتظامي فرائض سرانجام ڏيندا. واضح رهي ته ايچيسن ڪاليج جي پرنسپال مائيڪل ٿامسن پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان تي سياسي مداخلت جو الزام لڳائيندي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.