يوڪرين ۾ جنگ کانپوءِ روسي صدر پيوٽن جو آمريڪي صحافي کي ڏنل پهريون انٽرويو

روس پاران فيبروري 2022 ۾ يوڪرين تي حملي کان پوءِ روسي صدر پيوٽن مشهور آمريڪي صحافي ٽڪر ڪارلسن کي پھريون انٽرويوڏنو آھي.جنھن ۾ پيوٽن يوڪرين جي قومي ڪردار تي سوال اٿاريو ۽ ڪيف جي خلاف فوجي آپريشن کي درست ڏنو،روسي صدر نيٽو جي توسيع کي روس لاءِ خطرو قرار ڏنو .پر ھن واضح ڪيو تھ روس پولينڊ يا نيٽو جي ڪنهن ميمبر ملڪ تي حملي ۾ دلچسپي نٿو رکي.

 ان انٽرويو کانپوءِ هڪ تڪرار اڀري پيو ھو.ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اها پيوٽن جي آمريڪي صدارتي چونڊن  ۾آمريڪي ووٽرن کي متاثر ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش آهي.مبصرن موجب ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ريپبلڪن سينيٽرن جي ڪري يوڪرين کي فوجي امدادي پيڪيج جي منظوري ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.ٽرمپ واشنگٽن طرفان موڪليل اربين ڊالرن جي امداد جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ڇڪتاڻ گھٽائڻ جي وڪالت ڪئي آهي.

اهو تڪرار بھ آهي ته  روسي صدر جي انٽرويو کان کان اڳ ڪارلسن هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي. جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته 2022 کان وٺي ڪنهن به اولھھ جي صحافي پيوٽن سان انٽرويو نھ ڪري سگھيو ھو ۽ سندس موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪئي ھئي ۽ هاڻي صحافي جي دعويٰ تي تنقيد ٿي رھي آھي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي تنظيمن جي صحافين جو چوڻ آهي ته کين انٽرويو لاءِ وقت نه ڏنو ويو، جنهن ۾ بي بي سي روس جو ايڊيٽر اسٽيو روزنبرگ به شامل آهي.

ڪريملن جي ترجمان تصديق ڪئي آھي ته صدر پيوٽن اڳ ۾ ڪارلسن پاران انٽرويو لاءِ وقت نھ ڏنو ھو.

پنھنجي انٽرويو ۾ صدر پيوٽن چيو ته لٿوانيا،پولينڊ يا نيٽو جي ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.يوڪرين تي حملي بالٽڪ رياستن، پولينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ خوف پيدا ڪيو آهي ته انھن تي بھ حملو ٿي سگهي ٿو.

ان خوف جي ڪري غيرجانبدار رھندڙ فنلينڊ ۽ سويڊن  نيٽو جي رڪنيت لاءِ درخواست ڏني آھي.انٽرويو ۾ پيوٽن چيو تھ جيستائين پولينڊ روس تي حملو نه ڪندو، تيستائين ان تي حملي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.جڏهن ته يوڪرين تي حملي کان اڳ آمريڪا ۽ ان جي انٽيليجنس ايجنسين جي وارننگن باوجود ماسڪو حملي جي ڳالھھ رد ڪندو رهيو ھو.

جيتوڻيڪ روسي صدر نيٽو جي ڪنهن به ملڪ تي حملي جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو، پر هن اهو پڻ چيو ته نيٽو اتحاد کي اهو قبول ڪرڻو پوندو ته يوڪرين ۾ روسي قبضو ڪيل علائقو ان وٽ ئي رهندو.

 روسي صدر کان پڇيو ويو ته ڇا هن يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن سان سڌو ڳالهائڻ تي غور ڪيو آهي.روسي صدر جو جواب ھو تھ ڪجهه روسي ۽ آمريڪي ايجنسين ۾ ڳالهيون ٿي رھيون آھن، پر جيستائين آمريڪا يوڪرين کي هٿيار موڪلڻ بند نه ڪندو، تيستائين ڳالهائڻ سان  ڪجهه به نھ ٿيندو.هن يوڪرين کي هٿيار ڏيڻ کي ’اسٽريٽجڪ غلطي‘ قرار ڏنو.

پيوٽن جو اھو ردعمل آمريڪي سينيٽ پاران يوڪرين لاءِ 61 ارب ڊالر جي امدادي پيڪيج جي منظوري بعد آيو آھي، پر ريپبلڪن جي ڪنٽرول وارو نمائندن جو ايوان  ان جي خلاف آهي. جڏهن ته يوڪرين جي حامين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن روس حملو بند ڪري ڇڏي ته جنگ ختم ٿي ويندي. پر جيڪڏهن يوڪرين پنھنجي حفاظت ڪرڻ ڇڏي ڏيندو تھ تباهه ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.