چونڊ 2024 جا نتيجا ۽ سياسي بحران جي شدت ۾ واڌ

نثار لغاري

چونڊن جي نتيجن ملڪ ۾ اڳ موجود سياسي بحران عدم استحڪام ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آھي. هن وقت تائين  جا نتيجا ٻڌائين پيا ته نئين حڪومت جوڙڻ ڏکي هوندي خاص طرح تحريڪ انصاف جي غيرمعمولي ڪاميابي کان پوءِ سياسي بحران انڪري به وڌيو آھي جو مسلم ليگ ن گهربل نشستن تي ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي. ان کان اڳ ڪيترن ئي تڪن مان اميدوارن نتيجن کي چيلينج ڪرڻ لاءِ تعلق رکندڙ فورمز سان رابطو ڪيو آهي ۽ ڪيترن تڪن بابت ٻيهر ڳڻپ ۽ حتمي نتيجا روڪڻ جون هدايتون به جاري ٿي چڪيون آهن.اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا غير حتمي نتيجا جاري ڪيا آهن هنن نتيجن تي تڪرار به شدت اختيار ڪري ڪري رهيو آھي اليڪشن ڪميشن کي استعيفي ڏيڻ جا پڻ مطالبا ٿي رهيا آھن

پي ٽي آءِ طاقتور ڌرين ۾ تلخي وڌڻ جا امڪان

 پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اميدوارن آزاد حيثيت ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو. انهن اميدوارن جي لاءِ ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي حمايت ڪرڻ تي ڪا قانوني بندش ڪانهي.نتيجن مطابق، ڪا به سياسي پارٽي قومي اسيمبليءَ ۾ حڪومت سازيءَ جي لاءِ گهُربل اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي آهي. ان جي ڪري، حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ آزاد اميدوارن جي اهميت اڃان وڌي وئي آهي. اهڙين حالتن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ وليد اقبال اهو خدشو ظاهر ڪيو ته سندس پارٽيءَ جي آزاد اميدوارن جون وفاداريون بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.هن چيو ته ان جي لاءِ ’ڏهڪاءُ، ڌمڪي ۽ لالچ’ سميت ڪيترا طريقا آزمائي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جو اڳواڻ بيرسٽر گوهر وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازيءَ جو اشارو ڏئي چڪو آهي، پر پي ٽي آءِ پنهنجي آزاد اميدوارن جي مدد سان اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.مبصرن جو خيال آهي ته وفاق ۾ عددي سرسي جي باجود پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهڻ جو امڪان نظر نه ٿو اچي.

حسن عسڪري رضويءَ جي مطابق، پي ٽي آءِ جي اچرج ۾ وجهندڙ چونڊن جي ڪاميابي ممڪنه طور تي اسٽيبلشمينٽ جي گرفت ڪمزور نه ڪري سگهندي ۽ نه ئي کيس اتحادي حڪومت ٺاهڻ ڏني ويندي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ هو اسٽيبلشمينٽ جي رويي ۾ پي ٽي آءِ جي لاءِ ڪنهن لچڪ يا مفاهمت جو امڪان نه ٿو ڏسي.

تحريڪ انصاف جي پاران جاري ڪيل عمران خان جي ’هٿرادو ذهانت’ جي مدد سان پيش ڪيل ’وڪٽري اسپيچ’ ۾ چونڊن جي نتيجن کي سندس پارٽيءَ جي نعري ’حقيقي آزادي’ جي ڪاميابي قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نواز شريف جمعي ڏينهن پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته قومي اسيمبليءَ ۽ پنجاب ۾ سندس پارٽي سڀني کان وڏي جماعت آهي، ۽ ٻنهي اسيمبلين ۾ سندس پارٽي اتحادي حڪومت ٺاهيندي.

بي يقينيءَ جو ٻيو دور؟

پوئين پي ڊي ايم حڪومت جو حصو رهڻ وارين سياسي جماعتن حڪومت سازيءَ جي لاءِ رابطا شروع ڪري ڏنا آهن. پر اڃان تائين ان بابت ڪا صورت حال واضح نه ٿي آهي.

هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف، جماعت إسلامي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ بلوچستان جون ذري گهٽ سموريون پارٽيون مختلف تڪن ۾ چونڊن جي نتيجن ۾ ڌانڌليءَ جي الزام تي احتجاج جي لاءِ روڊن تي نڪري آيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.