سنڌ جا نوجوان ۽ سرڪار جون پاليسيون

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

سنڌ پنهنجي قدرتي وسيلن، سامونڊي ڪناري، زرعي پيداوار ۽ جاگرافيائي حيثيت سبب هميشه معاشي اهميت رکندڙ خطو رهيو آهي. انهن ئي سببن جي ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ معيشت بابت مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي اختيارن جي ورڇ جو سوال به اهم رهيو آهي. افسوس جو سنڌ جي جاگيردار ۽ وڏيرڪي سياست به عام ماڻهن، خاص طور نوجوانن جي روزگار ۽ معاشي خودمختياريءَ لاءِ گهربل مستقل ۽ اثرائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهي. نتيجي طور بيروزگاري هر دور ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل رهي آهي.

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ صنعت، واپار ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا موجود هجڻ ڪري سنڌ جي مختلف علائقن مان نوجوانن جو ڪراچي ڏانهن اچڻ هڪ فطري عمل آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ڪجهه سياسي ڌرين پاران سنڌ جي ٻين علائقن مان ايندڙ ماڻهن جي روزگار ۽ شهر ۾ رهائش بابت اعتراض سامهون ايندا رهيا آهن. ان بحث جو هڪ اهم پاسو اهو به آهي ته ڪراچي ملڪ جي ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهن لاءِ به روزگار جو مرڪز آهي، تنهنڪري سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي ئي صوبي جي گاديءَ واري شهر ۾ روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ کان روڪڻ واري سوچ تي سنجيده غور ٿيڻ گهرجي. وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ مقرر ڪوٽا تي به وقت بوقت سوال اٿندا رهيا آهن. ٻئي طرف سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صنعتن ۽ روزگار جي محدود موقعن سبب نوجوانن لاءِ ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ڏانهن وڃڻ جون ضرورتون وڌن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي جي حيثيت، سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ بابت بحث کي جذبات بدران حقيقتن، انگن اکرن ۽ انصاف جي اصولن جي بنياد تي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.

هن سموري صورتحال جو هڪ اهم حل سنڌ جي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ پڙهيل لکيل نوجوانن، دانشورن ۽ سماجي حلقن وچ ۾ سنجيده ۽ بامقصد مڪالمو آهي. سنڌ جي معاشي ۽ سياسي مسئلن جو انصاف پسند ۽ غيرجانبدار جائزو وٺي اهڙو گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪنهن به ٻولي يا آباديءَ سان تعلق رکندڙ نوجوان کي محروم رکڻ بدران سڀني لاءِ برابريءَ جا موقعا پيدا ڪرڻ تي زور هجي. سنڌ جي مجموعي ترقيءَ لاءِ نوجوانن کي پنهنجي ذاتي مستقبل سان گڏ سماج جي وسيع مفاد کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.

نوجوان ڪنهن به سماج جو سڀ کان وڌيڪ متحرڪ، پرجوش ۽ اتساهه سان ڀرپور حصو هوندا آهن. جيڪڏهن کين زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ صحيح رخ، مناسب تعليم ۽ گهربل موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي سماج جي تبديليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سنڌ جا نوجوان زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي وس آهر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ذاتي توڙي اجتماعي سطح تي ڪاميابيون پڻ حاصل ڪري رهيا آهن، پر مناسب رهنمائي، تربيت ۽ موقعا کين اڃا وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهن ٿا. اڄ جي دور ۾ انفرادي توڙي اجتماعي ترقيءَ جو سڀ کان اهم ذريعو تعليم آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي هڪ وسيع دنيا بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ نوجوانن لاءِ روزگار، ڪاروبار ۽ تحقيق جا بيشمار موقعا موجود آهن. ان سان گڏ جديد زرعي ٽيڪنالاجي، مينيجمينٽ، ٽائون پلاننگ، صنعتي شعبن ۽ ٻين فني شعبن سان لاڳاپيل تعليم نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته اسان سفارشي ڪلچر، جڳاڙ، سستي ۽ ڪاهليءَ تي ٻڌل روايتن کي ڇڏي قابليت، محنت ۽ ميرٽ کي پنهنجي ترقيءَ جو بنياد بڻايون.

نوجوانن جو ڪردار رڳو معيشت تائين محدود ناهي، سياست ۽ سماجي شعور جي ميدان ۾ به سندن اهم حيثيت آهي. نوجوان پنهنجي ۽ پنهنجي سماج جي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ جوش، جذبي ۽ همت سان اڳتي وڌي سگهن ٿا. تنهن هوندي به سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ جذبات سان گڏ علم ۽ تجربو به ضروري آهي. نوجوانن کي پنهنجن سينئرن کان رهنمائي وٺڻ سان گڏ سندن تجربن ۽ مشاهدن مان به سکڻ گهرجي.

پوليٽيڪل سائنس، سماجيات ۽ معاشيات جهڙا شعبا سماج جي ڍانچي، معيشت، سياست ۽ حڪمرانيءَ کي سمجهڻ لاءِ بنيادي علم فراهم ڪن ٿا. اڄ جي دور ۾ سياسي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن لاءِ انهن شعبن جي ڄاڻ خاص اهميت رکي ٿي. افسوس جو سياسي تنظيمن ۾ سرگرم ڪيترائي نوجوان اهڙي علمي تربيت کان محروم آهن، جڏهن ته سياسي تنظيمون پڻ نوجوانن جي فڪري ۽ علمي تربيت کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ گهربل ڌيان نٿيون ڏين. سياسي تربيت رڳو نعريبازي يا تنظيمي سرگرميءَ تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر ان ۾ مطالعو، بحث، تحقيق ۽ پاليسيءَ جي سمجهه به شامل هئڻ گهرجي.

اڄوڪي دور کي تبديليءَ جو دور چئي سگهجي ٿو. ٽيڪنالاجي تيزيءَ سان زندگيءَ جي هر شعبي کي تبديل ڪري رهي آهي، روايتي روزگار جا طريقا بدلجي رهيا آهن ۽ عالمي سطح تي مقابلو وڌيڪ سخت ٿي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ نوجوانن کي اهڙي تعليم ۽ هنري تربيت جي ضرورت آهي، جيڪا کين مستقبل جي ضرورتن مطابق باصلاحيت بڻائي. خاص طور سنڌ جي ٻهراڙين جا نوجوان هن تبديليءَ مان فائدو وٺڻ لاءِ گهربل سهولتن کان اڃا تائين وڏي حد تائين محروم آهن. ان خال کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ، فني تربيت ۽ ڊجيٽل مهارتن جي ادارن جي ضرورت وڌي وئي آهي.

سرڪار پاران نوجوانن لاءِ مختلف ادارا ۽ پروگرام موجود آهن، جڏهن ته نوجوانن جي معاملن بابت وفاقي سطح تي وزارت پڻ ڪم ڪري ٿي. انهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ بابت تنقيد ۽ سوال پنهنجي جاءِ تي، پر نوجوانن کي انهن مان فائدو وٺڻ لاءِ موجود موقعن تائين پهچڻ جي ڪوشش ضرور ڪرڻ گهرجي. آخرڪار اهي ادارا عوام جي ٽيڪسن مان هلن ٿا، تنهنڪري انهن کان لاتعلق رهڻ بدران انهن کان پنهنجا حق ۽ سهولتون طلب ڪرڻ گهرجن. ساڳيءَ ريت فني ۽ ووڪيشنل ادارن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ نوجوانن کي اڳتي اچڻ گهرجي.

اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند نوجوانن لاءِ مالي وسيلا هڪ وڏو مسئلو آهن، پر اسڪالرشپس ان مسئلي جو هڪ اهم حل ٿي سگهن ٿيون. ملڪ اندر مختلف يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ محدود سطح تي اسڪالرشپ جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ملڪن پاران پڻ اعليٰ تعليم لاءِ مختلف اسڪالرشپس فراهم ڪيون وڃن ٿيون. نوجوانن کي انهن موقعن بابت معلومات حاصل ڪرڻ، درخواستون جمع ڪرائڻ ۽ پنهنجي قابليت وڌائڻ لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

بيروزگاري نوجوانن جو هڪ وڏو مسئلو آهي. سرڪاري نوڪرين جا موقعا محدود آهن ۽ ميرٽ، شفافيت ۽ ڀرتيءَ جي عمل بابت شڪايتون پڻ سامهون اينديون رهيون آهن. اهڙي صورتحال نوجوانن لاءِ مايوسيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، پر مايوسي مسئلي جو حل ناهي. روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، پر ساڳئي وقت نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري متبادل موقعن جي ڳولا پڻ جاري رکڻ گهرجي.

جيڪڏهن پنهنجي علائقي ۾ روزگار جا مناسب موقعا موجود نه هجن ته نوجوانن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن وڏن شهرن ڏانهن رخ ڪرڻ تي به غور ڪرڻ گهرجي. خاص طور ڪراچي ۾ مختلف شعبن ۾ روزگار ۽ ڪاروبار جا وسيع موقعا موجود آهن. البت وڏن شهرن ۾ ڪاميابي لاءِ مستقل مزاجي، جستجو، محنت ۽ گڏيل سهڪار ضروري آهي. مثال طور هڪ ئي ڳوٺ يا علائقي جا ڪجهه نوجوان گڏجي ڪرائي تي رهائش اختيار ڪن ته سندن خرچ گهٽجي سگهي ٿو ۽ روزگار جي ڳولا دوران هڪ ٻئي جي مدد به ڪري سگهجي ٿي. وڏن شهرن ۾ رهڻ جو تجربو پڻ نوجوانن کي نون ماڻهن، نون شعبن ۽ نون موقعن سان متعارف ڪرائي ٿو، جيڪو سندن مستقبل جي تعمير ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

سنڌ جي نوجوانن جي ترقيءَ لاءِ ڪجهه بنيادي قدمن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن کي خراب عادتن ۽ غيرضروري سرگرمين کان پاسو ڪري پنهنجي وقت ۽ توانائي کي تعليم، هنر ۽ تعميراتي سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. تعليم کي اوليت ڏيڻ لازمي آهي. جيڪڏهن لکين ٻار پرائمري تعليم کان ٻاهر آهن ته اها صورتحال رڳو تعليم کاتي جو نه، پر سڄي سماج ۽ حڪومت لاءِ هڪ وڏو سوال آهي. سنڌ حڪومت کي خاص طور ٻهراڙين ۾ بند پيل اسڪولن کي فعال ڪرڻ، استادن جي حاضري يقيني بڻائڻ ۽ ٻارن لاءِ بنيادي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ساڳيءَ ريت نوجوانن ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل تعليم کي هٿي ڏيڻ، يونيورسٽين جو انگ وڌائڻ بدران موجود يونيورسٽين جي معيار کي بهتر بڻائڻ، پرائمري اسڪولن جي عمارتن ۽ بنيادي سهولتن کي بهتر ڪرڻ ۽ جديد تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ اندر صنعتن جو ڄار وڌائڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته سرڪاري ادارن ۾ رشوت ۽ اقربا پروريءَ جي روڪٿام سان ميرٽ تي ٻڌل روزگار جو نظام مضبوط ٿي سگهي ٿو.

ٻهراڙين ۾ خاص طور ڪمپيوٽر، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين فني مهارتن جا ادارا قائم ڪرڻ گهرجن، جيئن نوجوان پنهنجي علائقن مان ئي جديد مهارتون حاصل ڪري سگهن. ان سان گڏ پرڏيهي ملڪن ۾ روزگار جي موقعن کي نظر ۾ رکندي حڪومت کي نوجوانن لاءِ فني تربيت، ٻولين جي سکيا ۽ روزگار بابت رهنمائيءَ جا پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن، جيئن هو محفوظ ۽ قانوني طريقي سان عالمي روزگار جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿي سگهن.

سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل رڳو سرڪاري نوڪرين سان ڳنڍيل نه هجڻ گهرجي. جديد دور ۾ علم، هنر، ٽيڪنالاجي، ڪاروباري صلاحيت ۽ تخليقي سوچ روزگار جا نوان دروازا کولي سگهن ٿا. حڪومت جي ذميواري آهي ته نوجوانن لاءِ تعليم، تربيت، روزگار ۽ ڪاروبار جا منصفاڻي موقعا پيدا ڪري، جڏهن ته نوجوانن جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي صلاحيتن کي وڌائين، وقت جي گهرجن کي سمجهن ۽ پنهنجي مستقبل جي تعمير لاءِ پاڻ به سرگرم ڪردار ادا ڪن.

سنڌ جي ترقيءَ جو سوال آخرڪار سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن نوجوان تعليم يافته، فني طور باصلاحيت، سياسي ۽ سماجي طور باشعور ۽ معاشي طور خودمختيار ٿيندا ته سنڌ جي ترقيءَ جا امڪان پڻ وڌندا. ان لاءِ سرڪار، تعليمي ادارن، سياسي تنظيمن، دانشورن ۽ سماج جي ٻين ڌرين کي گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، جتي نوجوانن لاءِ ميرٽ، محنت ۽ قابليت بنياد بڻجي ۽ کين پنهنجي مستقبل سان گڏ سنڌ جي مستقبل جي تعمير ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا ملن.

You might also like