هالي ووڊ اداڪار ۽ اڳوڻي ڊبليو ڊبليو اي (WWE) ريسلر جان سينا انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ اداڪاريءَ کي سنجيدگيءَ سان نه وٺڻ ڪري سندس فلمي ڪيريئر تقريبن ختم ٿي ويو هو.
جان سينا ٻڌايو ته شروعات ۾ سندس پورو ڌيان فلمن بدران ريسلنگ تي هو ۽ هو پنهنجو وڌيڪ وقت ريسلنگ رِنگ ۾ گذارڻ چاهيندو هو. هن اعتراف ڪيو ته فلمن جي سيٽ جو ماحول نئون هو ۽ هو ڪم کي سنجيدگي سان نه وٺندو هو، جنهن ڪري کيس فلمي دنيا مان ٻاهر ڪيو ويو ۽ اهو بلڪل واجب هو.
هن چيو ته هاڻي هو فلمون ٺاهڻ جي سڄي عمل مان لطف اندوز ٿئي ٿو ۽ هن ڪم سان وابستا هر شخص جي محنت جو قدر ڪري ٿو. تقريبن 20 سالن کانپوءِ اداڪارا طور وڌيڪ سکڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو موقعو ملڻ تي هو پاڻ کي خوش نصيب سمجهي ٿو.