حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفدن وچ ۾ ڳالهين جي ناڪاميءَ کان پوءِ ٻنهي ڌرين حسبِ توقع هڪ ٻئي تي الزام تراشي شروع ڪري ڇڏي آهي. گهرو وزير محسن نقوي ڳالهين جي ناڪاميءَ جو ذميوار خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته احتجاج دوران جيڪڏهن ڪو جاني نقصان ٿيو ته ان جي سموري ذميواري سهيل آفريدي تي لاڳو ٿيندي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيڊ لاڪ جو بنيادي سبب خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائي بابت صوبائي حڪومت جي لاتعلقي ۽ مختلف حڪمت عملي آهي.
ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي وفد ۾ شامل ميمبرن دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت عمران خان سان ملاقات ۽ سندس ذاتي ڊاڪٽر تائين رسائي جي معاملي ۾ سهڪار لاءِ تيار نه هئي. تنهن هوندي به گهرو وزير اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران واضح ڪيو ته اصل معاملو دهشتگردي خلاف ڪارروائي سان لاڳاپيل هو. حڪومت خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت کان غيرمشروط سهڪار جو مطالبو ڪري رهي آهي، جڏهن ته وڏي وزير سهيل آفريدي جو موقف آهي ته صوبي ۾ دهشتگردي خلاف پاليسي تبديل ڪئي وڃي ۽ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو وڃي، جيڪو صوبائي حڪومت عمران خان جي ’ويزن‘ مطابق تجويز ڪري رهي آهي.
ڳالهين جي خاتمي کان پوءِ سهيل آفريدي پنهنجي اعلانيل پروگرام موجب لڪي مروت مان لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پشاور مان ٿيندو هڪ وڏي ميڙ جي صورت ۾ اسلام آباد ڏانهن روانو ٿيندو. ٻئي طرف وفاقي حڪومت واضح ڪري چڪي آهي ته پرامن احتجاج جو حق تسليم ڪرڻ باوجود ڪنهن به ڌر کي ٽڪراءَ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ڪنهن احتجاجي جلوس کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ويندو. هڪ طرف ’منهنجي ماڻهن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا بند ڪريو‘ جو نعرو هڻندي خيبرپختونخوا جو پرجوش وڏو وزير موجوده حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ عمران خان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ لانگ مارچ شروع ڪري چڪو آهي، ته ٻئي طرف گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهين کان پوءِ پشاور ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ملاقات ڪئي آهي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن تحريڪ انصاف جي اسلام آباد مارچ دوران دهشتگردن کي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن تان محفوظ طريقي سان گذرڻ ۾ سهولت فراهم ٿيڻ جي امڪان بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جڏهن به صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم اهو سمجهن ته صوبي کي دهشتگردي ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ضروري آهي ته گورنر هائوس پنهنجو مڪمل آئيني ڪردار ادا ڪندو. ٽڪراءَ واري هن صورتحال ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو ته سهيل آفريدي لانگ مارچ جي قيادت ڪندي اسلام آباد ڏانهن جيترا قدم وڌائيندا ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کي رد ڪرڻ بابت جيترا سخت لفظ استعمال ڪندا، اوترا ئي صوبي ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جا امڪان وڌندا. ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي اهڙي سنسني خيز ٽڪراءَ کان پاسو ڪري وفاق ۽ ان جي هڪ يونٽ وچ ۾ فاصلا وڌڻ کان بچڻ گهرجي. بدقسمتي سان خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت، بهرحال، هڪ اهڙي خطرناڪ رستي تي هلڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، جنهن جي انجام بابت ڪنهن کي به يقين سان خبر ناهي.
خاص طور سهيل آفريدي يا تحريڪ انصاف جا ٻيا اڳواڻ انهن ممڪن نتيجن کان لاتعلق نظر اچن ٿا، جيڪي ملڪ جي واحد صوبي ۾ پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ جي صورت ۾ سامهون اچي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ سهيل آفريدي سميت ڪجهه اهم اڳواڻ گرفتار ٿي سگهن ٿا ۽ انهن خلاف سنگين الزامن تحت ڪيس قائم ٿيڻ جو امڪان پڻ موجود آهي. ان باوجود پارٽي ڳالهين ذريعي مفاهمت جو هڪ اهم موقعو وڃائي اهو رستو اختيار ڪيو آهي. شايد ان معاملي ۾ تحريڪ انصاف جي اڪثر اڳواڻن جو به سڌو سنئون قصور نه هجي. گهرو وزير محسن نقوي پريس ڪانفرنس دوران ڳالهين واري وفد ۾ شامل سمورن ميمبرن جي تعريف ڪندي واضح ڪيو ته انهن مثبت رويو اختيار ڪيو هو ۽ هڪ مسودي تي اتفاقِ راءِ پڻ ٿي چڪو هو. ان مسودي تحت خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي خلاف وفاقي حڪومت سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار هئي. ان جي بدلي ۾ حڪومت عمران خان سان ملاقاتن ۽ سندس علاج بابت مختلف سهولتون فراهم ڪرڻ تي تيار هئي. پر سهيل آفريدي آخري لمحي تي متفقه مسودو رد ڪري دهشتگردي جي معاملي ۾ هر قسم جي سهڪار کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڳالهين جي ناڪاميءَ جو اعلان ٿيڻ کان پوءِ سهيل آفريدي ’ايڪس‘ تي هڪ پيغام ذريعي اهي نقطا جاري ڪيا، جيڪي هن حڪومت سان معاهدي لاءِ پيش ڪيا هئا. سندس خيال موجب انهن نقطن تي لفظ به لفظ عملدرآمد ئي ڪنهن مفاهمت جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ پاران پيش ڪيل مطالبن مان ڪو به غيرآئيني يا غيرقانوني نه هو. سندس چوڻ هو ته کين ٻئي درجي جو شهري سمجهيو پيو وڃي ۽ رياست ساڻن ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. هن سياسي مطالبن سان گڏ عمران خان سان ملاقاتن بابت به ڪيترائي مطالبا پيش ڪيا ۽ چيو ته وفاقي حڪومت پاران مطالبن ۽ طئي ٿيل قدمن تي عملدرآمد جي لکت ۾ ضمانت ملڻ کان پوءِ ئي پي ٽي آءِ موجوده لانگ مارچ واپس وٺندي. هن اهو مطالبو پڻ ڪيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي خاتمي ۽ مستقل امن لاءِ مسلسل مشاورت ڪن ۽ 72 ڪلاڪن اندر اجلاس ڪوٺائي واضح ۽ قابلِ عمل حڪمت عملي تيار ڪن.
جيتوڻيڪ صوبائي وڏو وزير اهڙي فوجي ڪارروائي کان مڪمل لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ روزاني بنياد تي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار مارجي رهيا آهن. سوال اهو آهي ته سهيل آفريدي ڪهڙي آئيني ۽ قانوني بنياد تحت وفاقي حڪومت جي اختيارن ۽ فوجي ڪاررواين کي رد ڪندي اهڙن عنصرن ۽ پاڙيسري ملڪ جي اهڙي حڪومت سان مفاهمت، بلڪه سرنگون ٿيڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن، جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ جنهن جا ڪجهه وزير پاڪستاني علائقن تي قبضو ڪرڻ جون دعوائون پڻ ڪندا رهيا آهن.
دهشتگردن خلاف ڪارروائي کي ’منهنجي عوام جو قتل‘ قرار ڏيندي سهيل آفريدي متوازن سياست ۽ صوبائي حڪومت جي آئيني حدن کان انحراف ڪيو آهي. دهشتگردي بابت وفاقي حڪومت جي پاليسيءَ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو ۽ ان تي بحث ڪرڻ ۾ پڻ ڪو حرج ناهي، پر ڪنهن صوبائي حڪومت کي اهو حق نٿو ڏئي سگهجي ته اها اهڙي ملڪ سان همدرديءَ جو اظهار ڪري، جنهن سان پاڪستان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي، يا اهڙن عنصرن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ موقف اختيار ڪري، جيڪي هٿياربند فوجن خلاف تشدد ۾ ملوث هجن. بدقسمتيءَ سان سهيل آفريدي پاڻ پنهنجي حڪومت خلاف وفاقي حڪومت جو ڪيس مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.
تحريڪ انصاف ۾ سمجهدار ۽ تجربيڪار اڳواڻن جي کوٽ ناهي، پر پارٽي جي وسيع تر مفاد خاطر ڪنهن ۾ به ايتري همت نظر نٿي اچي ته هو خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ صوبائي حڪومت کي مناسب پاليسي اختيار ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي. حڪومت سان ڳالهين دوران به اهي اڳواڻ اتفاق ڪرڻ باوجود پنهنجي ئي هڪ ساٿي جي ضد سبب مفاهمت ۽ مصالحت جو هڪ سٺو موقعو وڃائي چڪا آهن.
هاڻي اهو اندازو لڳائڻ به مشڪل نظر اچي ٿو ته اهي اڳواڻ ڪنهن امڪاني ٽڪراءَ کي روڪي سگهندا يا خيبرپختونخوا ۾ وفاقي حڪومت جي ڪنهن انتهائي قدم کان بچڻ لاءِ ڪو رستو ڳولي سگهندا. حالتن ۽ موجود شاهدين مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تحريڪ انصاف کي سياسي گنجائش ڏيڻ بدران پيپلز پارٽيءَ کي ساڻس گڏ رکڻ لاءِ تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪيون هيون. هاڻي پيپلز پارٽيءَ تي پڻ واضح ٿي چڪو آهي ته تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف ڪنهن به ڪارروائي جي حمايت لاءِ تيار ناهي. اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي به تحريڪ انصاف جي سياسي مدد ڪرڻ ۾ شايد ڪامياب نه ٿي سگهي. پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ ۾ دورانديسيءَ کان ڪم نه وٺڻ سبب پاڻ پنهنجي سياست لاءِ ڪيترائي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ ملڪ کي به هڪ ڏکي ۽ خطرناڪ بحران ڏانهن ڌڪڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. هن پاليسيءَ سان نه عمران خان کي ڪو فائدو پهچڻ جو امڪان آهي ۽ نه ئي ملڪ ۾ امن ۽ سڪون بحال ٿي سگهي ٿو. سامهون ايندڙ ٽڪراءَ جي سموري ذميواري رڳو حڪومت تي عائد ڪرڻ به ڪنهن غيرجانبدار تجزيه نگار لاءِ آسان نه هوندو.