سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بجليءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو

اسلام آباد(بيورو)درآمدي ايل اين جي جي فراهمي بند ٿيڻ ۽ ڊيمن مان پاڻيءَ جو گهٽ نيڪال ٿيڻ سبب نيشنل گرڊ ۾ بجليءَ جي کوٽ 4500 ميگاواٽ کان وڌي وئي.تفصيل موجب پن بجليءَ جو حصو 6200 ميگاواٽ کان گهٽجي پيڪ آورز دوران 5000 ميگاواٽ رهجي ويو آهي، جڏهن ته درآمدي آر ايل اين جي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب 6000 ميگاواٽ جي بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽس بند پيل آهن.اسلام آباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 3 کان 4 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جاري آهي. ملڪ ۾ پيڪ آورز دوران بجليءَ جي طلب ساڍا 23 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته سسٽم ۾ بجليءَ جي دستيابي 19 هزار ميگاواٽ کان گهٽ آهي.گرمي ۽ حبس سبب آڪٽوبر مهيني ۾ به بجليءَ جي طلب گهٽ نه ٿي سگهي آهي،فوڪل پرسن ينگ انجنيئرنگ ڪائونسل عثمان فاروق جو چوڻ آهي ته ملڪ سڄي ۾ بجليءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي.فوڪل پرسن موجب سسٽم مان ڪيترائي پاور هائوس نڪري ويا آهن، جن جي 16 آڪٽوبر تائين واپس اچڻ جو امڪان آهي. ان سبب بجليءَ جو شارٽ فال ساڍا 4 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي ۽ ليسڪو سميت سمورن ڊسڪوز ۾ صورتحال خراب ٿي وئي آهي.عثمان فاروق ٻڌايو ته بجليءَ جي شارٽ فال سبب غير اعلانيل لوڊشيڊنگ 3 کان 4 ڪلاڪن تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته گئس کان پوءِ ڊيزل ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي پيداوار پڻ گهٽجي وئي آهي.ٻئي طرف ليسڪو ذريعن جو چوڻ آهي ته طلب وڌڻ سبب شارٽ فال هڪ هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي ۽ هر ڪلاڪ کان پوءِ هڪ ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جاري آهي.ذريعن موجب ليسڪو چيف جي مطالبي باوجود به بجليءَ جو ڪوٽو وڌائي نه سگهيو آهي. هن وقت سسٽم خراب صورتحال جو شڪار آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like