حڪومت ڳالهين جي گنجائش نه ڇڏي،پي ٽي آءِ لانگ مارچ ۾ رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي

اسلام آباد(بيورو)جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان هڪ گڏيل ذهن سان گڏ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪنداسين،اسان آئين ۽ رياست سان گڏ بيٺا آهيون،اسان سڀ محب وطن آهيون،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان به لانگ مارچ ڪيا هئا اهو هڪ جمهوري حق آهي،پي ٽي آءِ جيڪڏهن اسلام آباد اچي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿي ته رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي،هن چيو ته اپوزيشن جون حڪومت سان ڳالهيون ٿيون هيون،اسان انهن ڳالهين جو حصو نه هئاسين پر مذاڪرات کان اختلاف ناهي،هن چيو ته ٻڌو آهي ته حڪومت آئنده ڳالهين جي گنجائش ناهي ڇڏي،جڏهن ڳالهيون ٿين ته سياسي لب لهجي ۾ ٿيڻ گهرجن،هن چيو ته ملڪ اندر سياسي حوالي سان برابري وارو رويو هئڻ گهرجي،تجويز آئي آهي ته هڪ اي پي سي ڪوٺائي وڃي،اسان پنهنجي پنهنجي پارٽين سان مشاورت سان هڪ گڏيل ايجنڊا تحت ڪانفرنس ڪنداسين،هن چيو ته ملڪي سياست عدم توازن جو شڪار آهي،ڳالهين ۾ ڪنهن جي مداخلت نه هئڻ گهرجي،ڪو اهو نه سمجهي ته اسان ئي وفادار آهيون باقي سڀ ناهن،لفظن ۽ روين ۾ تبديلي ٿيڻ گهرجي،چاهيون ٿا ته سڀني جو احترام ٿئيسينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو ته جتي سياسي عمل رڪجي وڃي اتي انتهاپسند رويا پروان چڙهندا آهن،مولانا فضل الرحمان ڪي پي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي کي رد ڪري ڇڏيو آهي،مولانا مطابق ڪي پي ۾ گورنرراڄ ۽ ايمرجنسي مسئلن جو حل ناهي،هن چيو ته اسان سڀ پاڪستان جا پٽ آهيون،وطن جي مشڪلات کان لاتعلق نٿا رهي سگهون،مولانا فضل الرحمان کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي،اسان سڀ گڏجي سياسي جدوجهد ڪنداسين،ملڪ جي معاشي،سياسي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ويهڻو آهي،سياسي مسئلن جو سياسي حل هئڻ گهرجي،ملڪ جي معاشي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي،

You might also like