لاهور(ويب ڊيسڪ)داتا درٻار جي اڳوڻي خطيب مفتي محمد رمضان سيالوي تي مالي بدعنواني، گهوٻين ۽ جعلسازي جا الزام ثابت ٿي ويا.
پنجاب اوقاف کاتي جي ترجمان موجب داتا درٻار جي اڳوڻي خطيب خلاف جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مفتي رمضان سيالوي تي 5 سالن تائين لاهور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مقرري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پنجاب اوقاف کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مفتي رمضان سيالوي خلاف پيڊا ايڪٽ تحت جاچ ڪئي وئي، جڏهن ته کانئس 26 لک 58 هزار رپين کان وڌيڪ رقم واپس وٺڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.
پنجاب اوقاف کاتي جي ترجمان موجب مفتي رمضان سيالوي جي 5 سالن لاءِ بي ايس 19 مان بي ايس 18 ۾ گهٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مفتي رمضان کي ڊيرا غازي خان ۾ زونل خطيب اوقاف مقرر ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. مستقبل ۾ سندس ڪنهن به وڏي درگاهه يا مسجد ۾ مقرري تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.