راولپنڊي ۾ 15 ورهين جي نينگري مامي هٿان مبينا زيادتي کانپوءِ قتل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ مامي 15 ورهين جي نينگريءَ کي مبينا زيادتي کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب اهو واقعو خيابانِ سرسيد، ڍوڪ نجُو ۾ پيش آيو، جتي ننڍي عمر جي نينگريءَ کي مبينا زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو.

پوليس ٻڌايو ته مقتولا جو لاش گهر ڀرسان هڪ ٻئي گهر مان هٿ آيو. نينگري گذريل رات گهر مان گم ٿي وئي هئي، جنهن جي اغوا جو ڪيس ڪالهه پير وڌائي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا گهر مان مدرسي وڃڻ لاءِ نڪتي هئي، پر واپس نه آئي. پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ ممريز طور ٿي آهي ۽ هو مقتولا جو مامو پڻ آهي.

ٻئي پاسي نينگريءَ جي پيءُ چيو ته سندس ڌيءَ گذريل ڏينهن منجهند 2 وڳي کان گم هئي ۽ اڄ سندس لاش گهر ڀرسان سندس سنڍو جي گهر مان مليو.

پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like