لانگ مارچ ڪنهن دٻاءَ ۾ پورو نه ٿيندو، انجي چاٻي عمران خان وٽ آهي: شوڪت يوسفزئي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته لانگ مارچ جاري آهي ۽ ڪنهن به دٻاءَ هيٺ ختم نه ٿيندو، لانگ مارچ ختم ڪرڻ جي ڪنجي اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان وٽ آهي، وزيراعظم صاحب ميڊيا تي ڳالهين ڳالهين جو راند نه کيڏي، جيڪڏهن اختيار آهن ته اسان جا جائز مطالبا مڃن.

هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عمران خان سان ملاقاتن تي پابندي ختم ڪئي وڃي، کيس اسپتال منتقل ڪيو وڃي، سندس ڪيس ٻڌا وڃن ۽ عمران خان جي ڀينرن سميت جيڪي به عورتون قيد آهن، انهن کي آزاد ڪيو وڃي.

هن چيو ته سهيل آفريدي خلاف جيڪا ناڪاري مهم هلائي پئي وڃي، اها انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي، دهشتگردي مينڊيٽ کسڻ سان ختم نه ٿيندي، دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ سمورن ڌرين سان گڏ ويهڻو پوندو. اڄ به دعوت ڏيون ٿا ته جيڪڏهن دهشتگردي ختم ڪرڻي آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان گڏجي سمورين ڌرين کي ويهاري ۽ مسئلي جو حل ڪڍي.

شوڪت يوسفزئي چيو ته جيڪڏهن سهيل آفريدي کي غير جمهوري طريقي سان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قبيلن اندر به ڳڻتي پيدا ٿيندي ۽ اهو ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي مفاد ۾ نه هوندو، نه ئي ان سان دهشتگردي ۾ گهٽتائي ايندي.

شوڪت يوسفزئي چيو ته گورنر خيبر پختونخوا ڪهڙي حيثيت ۾ آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري کي طلب ڪري اجلاس ڪيو؟ ارڙهين ترميم کان پوءِ ته گورنر وٽ اخروٽ ٽوڙڻ جو اختيار به ناهي، ڇا گورنر پنهنجي اختيارن نه اورانگهيو؟ گورنر صاحب، اڃا ته نه ڪا هنگامي حالت لاڳو ٿي آهي، نه گورنر راڄ لڳو آهي، اوهان کي ايتري جلدي ڇو آهي؟

هن جو چوڻ هو ته گورنر راڄ جي ڌمڪي اهي ماڻهو ڏئي رهيا آهن، جن جي پنهنجي ڪارڪردگي سواليا نشان آهي. جيڪڏهن حڪومت دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي ته تحريڪ انصاف جا جائز مطالبا مڃي ۽ هڪ ئي فارمولو آهي، جنهن تي عمل ڪري سمورن مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو، اهو آهي بيرسٽر گوهر جو فارمولو: ڳالهيون، ڳالهيون، ڳالهيون.

You might also like