قبائلي ضلعن کي طئي ٿيل مالي حق نه مليا، وڏين فوجي ڪارروائين سان به امن جو مسئلو حل نه ٿيو: سهيل آفريدي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا پوليس وٽ پاڪستان جي ڪنهن به ٻي پوليس جي ڀيٽ ۾ جديد ترين هٿيار ۽ اوزار موجود آهن.
پشاور ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس، دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) ۽ اسپيشل برانچ جي صلاحيت ۾ مسلسل واڌارو ڪيو پيو وڃي.
امن امان جي صورتحال بابت ڳالهائيندي وڏي وزير سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته گذريل 22 سالن دوران 14 هزار انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۽ 22 وڏين فوجي ڪارروائين باوجود مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن مان موجودا پاليسين جي ناڪامي ظاهر ٿئي ٿي.
هن اهو به دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن صوبي جي اسٽيڪ هولڊرز جي تجويزن موجب پاليسي اختيار ڪئي وڃي ته 100 ڏينهن اندر امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي سگهجي ٿي.
وڏي وزير قبائلي ضلعن جي ضم ٿيڻ ۽ مالي وسيلن جي حوالي سان وفاقي حڪومت تي پڻ تنقيد ڪئي.
هن الزام لڳايو ته 2018ع ۾ انضمام باوجود قبائلي ضلعن کي طئي ٿيل مالي حق نه ملي سگهيا، جڏهن ته انتهاپسندي ۽ فوجي ڪارروائين کان متاثر ماڻهن جي معاوضن جي مد ۾ اربين رپيا اڃا تائين واجب الادا آهن.
هن چيو ته صوبائي حڪومت بي گهر ماڻهن ۽ متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ هنيئر تائين ان مقصد لاءِ 21 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن.
سهيل آفريدي خيبرپختونخوا جي گورنر طرفان گذريل ڏينهن سڏايل اجلاس کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته ان جي آئيني حيثيت طئي ڪرڻ لاءِ ايڊووڪيٽ جنرل کان راءِ ورتي ويندي.
وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ عوام جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان چونڊيل حڪومت موجود آهي، صوبائي اسيمبلي، ڪابينا ۽ حڪومت مڪمل طور فعال آهن، اهڙي صورتحال ۾ گورنر طرفان چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس کي گهرائي اجلاس ڪوٺائڻ آئين ۽ جمهوريت تي حملي جي برابر آهي.
وڏي وزير آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ڪنهن به غير آئيني يا غير قانوني حڪم تي عمل نه ڪن.
هن چيو ته وڏي وزير کي هٽائڻ لاءِ آئيني طريقيڪار موجود آهي، جنهن تحت بي اعتمادي جي رٿ آڻي سگهجي ٿي، پر ڪنهن کي به جمهوري نظام تي راتاهو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like