وي آءِ پي موومينٽ دوران پوليس سان جهيڙي وارو ڪيس، ايمان مزاري ۽ هادي چٺا تي فردِ جرم لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا تي وي آءِ پي موومينٽ دوران پوليس طرفان لڳايل رنڊڪون هٽائڻ ۽ سرڪاري معاملن ۾ مداخلت بابت ڪيس ۾ فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
هي ڪيس 2024ع ۾ اسلام آباد جي آبپارا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.
ڪيس موجب، ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا اسلام آباد ايڪسپريس وي تي وي آءِ پي موومينٽ دوران لڳايل رنڊڪون هٽايون ۽ پوليس اهلڪارن سان جهيڙو ڪيو.
اربع ڏينهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا هڪ ٻئي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهن.
سندن وڪيل زينب جنجوعه موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪمن باوجود سندس اصيلن سان ملاقات نه ڪرائي وئي ۽ نه ئي ڪيس جي جاچ جون ڪاپيون جوابدارن کي فراهم ڪيون ويون آهن.
هن عدالت کي ٻڌايو ته هوءَ ٻن ڪلاڪن تائين اڊيالا جيل ٻاهران انتظار ڪندي رهي، پر ملاقات نه ٿي سگهي.
جنهن تي عدالت اڊيالا جيل اختيارين کي ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
زينب جنجوعه اهو اعتراض به واريو ته جيستائين کيس ڪيس جي چالان جون ڪاپيون فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن، تيستائين فردِ جرم ڪيئن لاڳو ڪري سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته نه جوابدارن کي ۽ نه ئي سندن وڪيل کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون آهن.
وڊيو لنڪ ذريعي پيشي دوران ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا پڻ موقف اختيار ڪيو ته کين اڃا تائين ڪيس جي چالان جون ڪاپيون نه مليون آهن ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ فردِ جرم لاڳو نٿو ڪري سگهجي.
عدالت سمورا اعتراض رد ڪندي ٻنهي جوابدارن تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ قرار ڏنو ته اهي ان حڪم کي لاڳاپيل فورم تي چئلينج ڪري سگهن ٿا.
فردِ جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like