اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سامونڊي جهاز ايم ٽي آنر 25 جي باقي ٽن پاڪستاني عملدارن کي به محفوظ طريقي سان وطن روانو ڪيو ويو آهي، جيڪي اڄ ڪراچي پهچي پنهنجي گهرڀاتين سان ملندا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته عمران علي، حسين يوسف ۽ محمد ياسين اديس ابابا کان ڪراچي لاءِ روانا ٿي چڪا آهن ۽ جلد پنهنجي ڪٽنب سان ملاقات ڪندا.
هن چيو ته پاڪستاني سفير اديس ابابا ۾ ٽنهي عملدارن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن اتي رهائش دوران ضروري سهولتون ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو.
اسحاق ڊار موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پرڏيهي وزارت ۽ حڪومت پاڪستان، پاڪستاني عملدارن جي سمورن ميمبرن جي محفوظ واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، هن انهن ڪوششن ۾ سهڪار ڪندڙ سمورن ماڻهن ۽ ادارن جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير چيو ته عملدارن جي محفوظ واپسي سٺو سنئوڻ آهي، تنهن هوندي به هن واقعي ۾ حياتيون وڃائيندڙ ٽن پاڪستاني سامونڊي ملاحن جي نقصان تي کيس گهرو ڏک آهي، هن شهيدن ۽ سندن گهرڀاتين لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان سامونڊي ڦورن جي خاتمي ۽ سامونڊي ڪارڪنن توڙي سامونڊي رستن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن سان سهڪار جاري رکڻ واري عزم تي قائم آهي.
You might also like