اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان ڳالهين جا دروازا کليل آهن، پي ٽي آءِ ذاتي مفادن کي هڪ پاسي رکي مسئلن جي حل ڏانهن اچي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته سياسي بي چيني 2014ع کان شروع ٿي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. 2014ع ۾ اسلام آباد تي چڙهائي کان پوءِ اسلام آباد جو گهيرو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو بنيادي نقطو رهيو آهي. پي ٽي آءِ اسلام آباد تي چڙهائي جي ڪوشش ۾ آهي، سندن واحد مقصد ملڪ ۾ بي چيني پيدا ڪرڻ آهي.
هن چيو ته سياسي اختلافن جو حل ڳالهيون آهن، پي ٽي آءِ ذاتي مفادن کي هڪ پاسي رکي مسئلن جي حل ڏانهن اچي. قانون قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ جي اجازت نٿو ڏئي. پي ٽي آءِ خيبر پختونخوا حڪومت جا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، ڳالهين ۾ پيدا ٿيل رنڊڪ کي غلط نموني پيش ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته 4 آڪٽوبر کان هيل تائين اهي رڳو ڪجهه هزار ماڻهو ئي گڏ ڪري سگهيا آهن، رياست کي يرغمال بڻائي ڪنهن به مطالبي کي مڃرائي نٿو سگهجي.
رانا ثناءُالله جو چوڻ هو ته افغان حڪمرانن کي سمجهايو ويو آهي ته پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏين. افغانستان بابت پاليسي تي سڄي قوم متفق آهي، رڳو پي ٽي آءِ افغان پاليسي سان متفق ناهي.
وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته ڪسٽم ۽ پوليس جا شهيد ڇا ڪنهن سياسي جماعت يا ٻئي صوبي جا آهن؟ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف ڳجهن ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروايون جاري رهنديون.