حوثين جي سعودي عرب ۾ ٻن ايئرپورٽن کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

يمن جي حوثي مليشيا جو چوڻ آهي ته رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل هوائي اڏي کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ابها جي هوائي اڏي کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونن سان نشانو بڻايو ويو آهي.

حوثي مليشيا موجب سعودي عرب جي خميس مشيط ۾ هوائي اڏي کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونن سان نشانو بڻايو ويو آهي.

ٻئي پاسي خبر ايجنسي جو چوڻ آهي ته سعودي عرب حوثين جي حملن جي تصديق ناهي ڪئي.

You might also like