سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪندي 18 خوارج کي ماري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن عزمِ استحڪام جي ويزن تحت فتنه الخوارج خلاف اتر وزيرستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خارجن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران 13 خارجي مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ پڻ فتنه الھندوستان خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، جڏهن ته مستونگ ۾ فتنه الھندوستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا.
ذريعن موجب دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.