سيد زين شاهه جو هارائڻ: شعور جي شڪست آهي

اسلم لاکو

جڏهن سنڌ جي پاڻي، وسيلن ۽ ثقافتي ورثن تي ڌاڙا لڳن ٿا يا ڪنهن ڌر پاران سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه سامهون اچي ٿي، ڪنهن مظلوم سان ناانصافي ٿئي ته سنڌي ماڻهن جون نظرون سدائين سنڌ دوست ڌرين ۽ قومپرست ڏانهن نهارينديون رهنديون آهن، جيڪڏهن ڪو قومپرست پارٽي جو اڳواڻ يا وطن دوست فرد انهن مسئلن تي ڪجهه وقت خاموشي اختيار ڪري ٿو يا پنهنجو موقف ڏيڻ ۾ دير ٿو ڪري ته سڄي سنڌ مان اهي سوال اٿن ٿا ته سنڌ جا وسيلا لٽجي رهيا آهن، حقن تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن، پر فلاڻو قومپرست خاموش ڇو ويهي رهيو آهي.

ماضيءَ ۾ ڏٺو اهو ويو آهي ته انهن ماڻهن جي اٿندڙ سوالن کان جنهن کي اسين ووٽ ڏيون ٿا، پيپلز پارٽي گهڻي حد تائين آجي رهندي آئي آهي، جڏهن احتجاج ڪرڻ، لٺيون کائڻ يا قربانيون ڏيڻ جو وارو اچي ٿو ته قومپرست اڳيان اڳيان هوندا آهن، پر گذريل اليڪشن ۾ حيرانگي جي ڳالهه اها نظر آئي ته سنڌ جي ڪافي تڪن تي قومپرست پارٽين جي مک اڳواڻن فارم ڀرائي اليڪشن ۾ حصو ورتو، سٺي نموني ورڪ ڪري ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ زور ڀريندا ۽ منٿون ڪندا رهيا، پر هو اڳ جيان هاڻي به کٽي ناهن سگهيا. ماڻهن سندن مخالف اميدوارن کي ڪامياب ڪيو، اهو به هڪ وڏو سوال آهي ته هڪ به قومپرست پارٽي جو اميدوار اسيمبلي ۾ پهچي نه سگهيو.

آئون هتي خاص طور تي ڳالهه ڪندس نوابشاهه جي پي ايس 38 جي جتي پيپلز پارٽي جي اميدوار غلام قادر چانڊيو ۽ جي ڊي اي جي اميدوار سيد زين العابدين شاھ وچ ۾ مقابلو ٿيو، ٻئي اميدوار ڪافي محنت ڪري پنهنجي ڪاميابي لاءِ ووٽرن کي گذارشون ڪندا رهيا، پر ڳالهه وري به ساڳي ئي بيٺي ته جي ڊي اي جي حمايت يافته اميدوار ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه کي شڪست ملي، تڪ تي ٻنهي اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جيتوڻيڪ سيد زين شاهه هن تڪ تي پنهنجو سٺو ووٽ بينڪ به رکي ٿو، سڄي سنڌ جا ماڻهو سن جي سيد خاندان سان واسطو رکڻ ڪري سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد زين شاهه جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام به ڪن ٿا، سن ۾ ٿيندڙ سندن جلسن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا رهن ٿا.

جيتوڻيڪ هن اليڪشن ۾ سيد زين شاهه کي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي مڪمل حمايت حاصل هئي، جي ڊي اي ۾ سنڌ جون اڪثر قومپرست تنظيمون ۽ فنڪشنل ليگ به شامل آهي، ايتري وڏي حمايت هجڻ جي باوجود سيد زين شاهه جو هارائڻ هڪ وڏو سوال پيدا به ڪري ٿو. هوڏانهن جي ڊي اي الزام مڙهي رهي آهي ته ڌانڌلي ذريعي سندن اميدوارن کي هارايو ويو آهي.

نوابشاهه اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري جو شهر آهي، تنهن ڪري به هتي پ پ مخالف ڪنهن به اميدوار جو کٽڻ مشڪل بڻجي وڃي ٿو، جڏهن ته آصف علي زرداري جو شهر هجڻ جي باوجود پيپلز پارٽي جا هتان ڪامياب ٿيل اميدوار جيتوڻيڪ نوابشاهه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن تڪن کي ترقي ته ناهن ڏياري سگهيا، ترقياتي اسڪيمن کان ويندي عوامي ڀلائي وارن ڪمن ۾ نوابشاهه پٺتي پيل آهي، هتان جي ماڻهن جي حالت به اهڙي ئي آهي، جهڙي سنڌ جي ٻين شهرن جي آهي، رڳو ٻوڏ جو ئي حوالو ڏجي ته جڏهن برساتي ٻوڏ ٿي ته هتان جا ماڻهو ننڌڻڪا بڻيل هئا، گهر ڊهي وڃڻ کان پوءِ روڊن، رستن تي کلي آسمان هيٺان ويهي ماڻهو بکن ۽ بدحالي ۾ پاهه ٿيندا رهيا، ٻي مدد ته پري جي ڳالهه پر هتان جي ماڻهن جي گهرن مان پاڻي نيڪال جو بندوبست ئي نه ڪيو ويو، اعلانن باوجود حڪومت هتي ماڻهن کي گهر ٺاهي نه ڏنا، هتان جي شعور رکندڙ ماڻهن اليڪشن ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديلي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، پر ان جي باوجود اليڪشن ۾ وري به انهن ئي اميدوارن کي کٽرايو وڃي ٿو، جيڪي بار بار کٽيندا پيا اچن ۽ انهن عام ماڻهن کي سنڀاليو ئي ناهي، اليڪشن وارن ڏينهن کان سواءِ هو ڪنهن وٽ لڙي ئي ناهن ايندا.

هاڻي اهو به سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن عام ماڻهو چونڊن دوران قومپرستن کي لفٽ نٿو ڪرائي ۽ وري به پ پ جي وڏيرن، ميرن ۽ پيرن کي ئي کٽرائڻو آهي ته پوءِ ڇا قومپرست رڳو تڏهن ئي ڪم جا آهن، جڏهن انهن ئي حڪمرانن جن کي اسان ووٽ ڏئي اسيمبلي تائين پهچايون ٿا ۽ اهي اسيمبلي ۾ ويهي سنڌ جي ماڻهن جي راءِ جي مخالف فيصلا ڪن ٿا، پوءِ وري اسان کي قومپرست ياد اچي ٿا وڃن، جيڪڏهن اهي روڊن تي نٿا اچن ته وري اهي ماڻهو کين ميارون ڏين ٿا، جيڪي کين اليڪشن واري ڏينهن رد ڪري ٿا ڇڏين ۽ جن کي اسان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪريون ٿا اهي حڪمران سنڌ جي نسلي مخالف ايم ڪيو ايم سان گڏجي ويهي ٿا رهن، اها ايم ڪيو ايم جيڪا سدائين سنڌ کي ٽوڙڻ جو نعرو هڻندي رهي آهي.

منهنجي نظر ۾ سيد زين شاهه جي فتح سان تبديلي ضرورت اچي ها، اها شعور جي فتح به سمجهي وڃي ها، بهرحال سيد زين شاهه اليڪشن دوران پ پ جي اميدوار سان سخت مقابلو ڪيو آهي، کٽڻ ۽ هارائڻ تي مقابلي جو ڪم آهي، ٻه ڄڻا مقابلو ڪندا ته هڪ ته هارائيندو ضرور، اليڪشن کان پوءِ هاڻ سنڌ ماڻهن کي ڪنهن به معاملي تي ڪنهن قومپرست کي ميار ڏيڻ ٺهي نٿي، ڇو ته سنڌي ماڻهو اليڪشن دوران پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي اليڪشن کان پوءِ پ پ جا ئي اميدوار هر معاملي تي سنڌ جي ماڻهن آڏو جوابده هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.