جئين جئين چونڊن جا نتيجا ظاهر ٿيندا پئي ويا تيئن تيئن ملڪي سياست ۾ هلچل مچندي وئي. هارايل هاءِ هاءِ ڪن ته ڳالهه ٺهي پئي پر کٽيل به پريشان آھن ته اسان سان هي ڇا ٿي ويو؟ حقيقت اها آھي ته وڏي وڙ وارا اهي هوندا آھن جيڪي پنهنجي ناڪامي مڃي مخالف جي ڪاميابي مڃي ۽ پنهنجي ناقص اڳواڻي جواعتراف ڪري اڳواڻي کان دستبرداري جو اعلان ڪري پر جئين ته اسين اڃا ان منزل تي پهتا ناهيون پر پوءِ به نااميد نه ٿيڻ گهرجي.
ملڪي سياست ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ کنڊ جي معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جو حڪم نه مڃي وڏو نالو ڪمائيندڙ ,2018 ع جي چونڊن کان پوءِ ڪنگ ميڪر جي حيثيت سان هڪ طاقتور شخصيت ٿي اڀرندڙ جهانگير خان ترين 2024 ع جي چونڊن ۾ ائين بري طرح سان هارائي ويندو ڪنهن کي يقين ئي نه ٿو اچي؟ نه سندس پيسو ڪم آيو نه وري سندس شھرت عزت ڪامياب ڪرائي سگهي۔پاڻ ته ٺھيو پر سندس پارٽي به چڪناچور ٿي وئي نه صرف اهو پر تازو ٿيل چونڊن سراج الحق کي به جماعت جي سربراهي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔ ٻنهي اڳواڻن جي فيصلي کي ڪهڙي نظر سان ڏسجي.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته سراج الحق صاحب جي پارٽي ته گذريل اليڪشن ۾ به ڪا خاص ڪاميابي نه ماڻي هئي تڏهن ته سراج الحق صاحب کي جماعت جي سربراهي ڇڏڻ جو خيال نه آيو هاڻي آخر اهڙو ڇا ٿيو جو محترم جماعت جي سربراهي کي الله حافظ چيو۔ ڪٿي اها نظام کان بغاوت ته ناهي۔
ڏٺو وڃي ته اسان جو ڳاڻيٽو دنيا جي وڏن جمهوري ملڪن ۾ ٿئي ٿو۔ جمهوري ملڪ جي سونهن اها هوندي آھي جو ان ۾ جمهور جي ڳالهھ کي وڏي اهميت ڏني ويندي آھي۔ جمهوري ملڪ ۾ جمهور جي ڳالهھ ڪئي ويندي آھي پر بدقسمتي اها آھي جو اسان وٽ هر دفعي جمهور جي چونڊ کي شڪ جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو۔ گهڻو پوئتي نٿا وڃو صرف 90ع واري اليڪشن کان شروعات ڪيون ته هر اليڪشن کي هميشه تڪراري بڻايو ويو آھي۔ ان جو مکيه ڪارڻ شايد اهو آھي جو هر چونڊ کان اڳ مخصوص سوچ لاءِ اهڙو ته ماحول جوڙيو وڃي ٿو جو حقيقي نتيجا به مشڪوڪ لڳندا آھن۔ اصل ڪاميابي ۾ به هڪ ڌر کي طاقتور ڌرين جي سازش ۽ آشواد نظر ايندو آھي۔ 88ع ۾ آيل محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ٿوري عرصي ۾ ختم ڪيو ويو 90ع ۾ نواز شريف لاءِ ماحول ٺاهيو ويو پر اها حڪومت به نه هلي سگهي.93ع ۾ وري پ پ کي واڳ ڌڻي بڻايو ويو پر اسيمبلي مدو پورو نه ڪري سگهي. ان کان پوءِ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندڙ نواز شريف کي پرويز مشرف گهر موڪلي نه صرف اقتدار تي قبضو ڪيو پر آئين کي به عارضي طور معطل ڪري پنهنجي وڏيرڪي قائم ڪئي۔ جمهوريت جا دعويدار جمهور جي ڳالھه ڪندڙ هڪ آمر جا ساٿي ٿي بيٺا۔ 2018ع جي چونڊن ۾ به ائين ٿيو ته جو هڪ طرف تحريڪ انصاف ڏانهن ماڻھو ڀڄندا ويا ته ٻئي طرف سنڌ جي شھري آبادي ۾ مصطفي ڪمال ٻهراڙي علائقن ۾ جي ڊي اي ۽ پنجاب ۾ جيپ جي نشان وڏي اهميت اختيار ڪئي۔ عام ماڻھن جي ذھن ۾ انهن جي اهميت وڌندي وئي۔ جڏهن عام چونڊن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا ته اسڪرين تي نه ٻلهڻ جو نشان نظر آيو ۽ نه وري جيپ جي شڪل ڏسڻ ۾ آئي بس جي ڊي اي ٻن ٽن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي اٽي ۾ لوڻ برابر جي چوڻي وانگر نظر آئي سو اهڙو لڪاء هن چونڊن ۾ به ٿيو۔ تحريڪ انصاف کي ڇڏي ماڻھو ڌڙا ڌڙ جهانگير خان ترين جي جهاز ۾ چڙھڻ شروع ٿيا هڪ اندازي مطابق ٽيھ کان چاليھ سيٽن جو ڪاٿو لڳايو ويو ته ايتريون سيٽون جهانگير ترين جي استحڪام پارٽي کڻي قومي اسيمبلي ۾ وڃي ن ليگ سان حڪومت ڪندي پنجاب ۾ کيس پنجاھ کان مٿي سيٽون ملنديون پر جڏهن نتيجا آيا ته گهڻن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. هاڻوڪي نتيجن جتي مولانا فضل الرحمان کي پريشان ڪري ڇڏيو اتي ن ليگ جون به وايون بتال آھن ته هي ڇا ٿي ويو؟ مولانا صاحب ته سنڌ ۾َاحتجاج به شروع ڪري ڏنا آھن. پير پاڳارو به آيل نتيجن کان بلڪل ناخوش آھي۔ سياسي بصيرت رکندڙ هر شخص پريشان آھي ته هي ڇا ٿي ويو۔ ڪنهن به پارٽي کي اهو مقام نهملي سگهيو جنهن جي بنياد تي اهي طاقتور حڪمراني ڪري سگهن۔ افسوس ته ان ڳالھه جو آھي جو اقتدار هڪ لطيفو بڻجي ويو آھي ڪو ڪنهن کي ڏينهن جو وزيراعظم ڪوٺي ٿو ته ڪو ڪنهن کي رات جو وزير اعظم بڻايو ويٺو آھي. سوچڻ جي ڳالهه اها آھي ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن جمهور جي پسند کي قبول ڪيو ويندو.