عمران خان، علي امين گنڊاپور کي خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان، علي امين گنڊاپور کي خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته ن ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪو اتحاد نه ٿيندو، انهن کانسواءِ سڀني جماعتن سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته جن کي آندو ويو آهي، اهي سڀ کان وڏي مني لانڊرر آهن، چونڊن سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو آهي پر هنن چونڊن سان ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام ايندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.