آءِ ايم ايف صنعتي شعبي لاءِ بجلي ٽيرف گهٽائڻ جو پلان رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف صنعتي شعبي لاءِ بجلي ٽيرف گهٽ ڪرڻ جو پلان رد ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب نگران حڪومت آءِ ايم ايف کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي، عالمي مالياتي اداري صنعتي شعبي لاءِ بجلي ٽيرف گهٽ ڪرڻ جو پلان رد ڪرڻ سان گڏ گردشي قرض ۾ گهٽتائي جي پلان تي به عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته صنعتي شعبي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي جي تجويز سان غريب گهريلو واهپيدارن تي بار وڌندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ پاور ڊويزن حڪومتي ڊسڪوز جي صلاحيت ۾ بهتري ۽ بجلي چوري روڪڻ جو اثرائتو پلان پيش نه ڪري سگهيو، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته حڪومت مخصوص شعبن کي رليف ڏيڻ بدران بجلي ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس قدم کڻي.
آءِ ايم ايف طرفان چيو ويو آهي ته حڪومت ڊسڪوز جي انتظاميا نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي شرطن تي عملدرآمد ڪري، بجلي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ ضروري سڌارن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، ڊسڪوز جي گورننس ۾ بهتري ۽ بجلي چوري روڪي ٽيرف گهٽ ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر جي بحالي پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي.
واضح رهي ته حڪومت صنعتي شعبي لاءِ ٽيرف 14 سينٽس مان گهٽائي 9 سينٽ ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي هئي، جنهن تحت صعنتي شعبي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ گهريلو واهپيدارن تي 450 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز لاڳو ٿيڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.