اقتداري سياسي جماعتون ”اقتدار“ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿيون. اقتداري سياستدانن جي چوڻي هوندي آهي ته سياست ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ”ڪالهه جا دشمن اڄ جا دوست ۽ اڄ جا دوست سڀاڻي جا دشمن“ ٿي سگهن ٿا.
اهڙي صورتحال ڪجهه ڏينهن اڳ 8 فيبروري تي ٿيل عام چوندن کانپوءِ به نظر اچي رهي آهي. هنن چونڊن کان اڳ مسلم ليگ (ن)، پ پ، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، ايم ڪيو ايم سميت 13 جماعتن، پي ٽي آءِ جي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ پاس ڪري سندس حڪومت ختم ڪرڻ کانپوءِ ڏيڍ سال لاءِ گڏيل حڪومت جو تجربو ڪيو. يعني هڪ ٻئي جو دوست ٿي حڪومت ڪيائون پر جڏهن چونڊن جو وقت آيو ته اهي سڀ جماعتون رواجي طور تي هڪ ٻئي جون دشمن بڻجي ويون. هڪ ٻئي جي اڳواڻن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳيون، هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ شروع ڪيائون.
نوجوان سياستدان بلاول ڀٽو زرداري جو چونڊ مهم ۾ مخالف جماعتن جي اڳواڻن خاص ڪري نواز شريف ڏانهن رويو انتهائي جارحاڻو هو باوجود ان جي ته نواز شريف کانئس انتهائي سينئر سياستدان ۽ سندس والد جي عمر جيڏو بزرگ آهي. ماڻهو، بلاول ڀٽو جي ان جارحاڻي رويي تي ان ڪري به حيران هيا جو هڪ پاسي هو نئين سوچ آڻڻ، نفرتون ختم ڪرڻ، انتقام جي سياست کي دفن ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو ته عملي طور وري چونڊ جلسن ۾ نواز شريف خلاف توهين جوڳي ٻولي ڳالهائي رهيو هو، جنهن جي جماعت سان پ پ ڪجهه مهينا اڳ يعني تازوئي گڏيل حڪومت ڪري چڪي هئي، جنهن حڪومت ۾ شهباز شريف وزيراعظم هو ۽ ان ڪابينا جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڻ هو. ان جو ڪارڻ ظاهر آهي ته اقتدار لاءِ اهي جماعتون دوست ٿي ويون هيون ۽ اقتدار ختم ٿيو ته چونڊن ۾ وري هڪ ٻئي جون سخت مخالف بڻجي ويون.
هاڻي جڏهن سال 2024ع جي چونڊ نتيجن ۾ ڪنهن به جماعت کي مرڪزي حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت ناهي مليل ته وري اهي روايتي مخالف جماعتون گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ هڪ ٻئي ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائي رهيون آهن. مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف لاهور ۾ چوندون کٽڻ جي خوشي ۾ جيڪو ويجهڙ ۾ جلسو ڪيو، تنهن ۾ هن پ پ، جمعيت علماءِ اسلام، ايم ڪيو ايم ۽ آزاد اميدوارن کي دعوت ڏني ته اهي مسلم ليگ جي حڪومت ٺاهڻ ۾ ساڻن سهڪار ڪن. ان ڏس ۾ نواز شريف پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کي انهن سڀني جماعتن جي اڳواڻن سان رابطو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو، جنهن تي هن فوري طور ڪم شروع به ڪري ڏنو آهي. جنهن نتيجي ۾ مسلم ليگ ۽ پ پ اڳواڻن ۾ وري ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ وري دوستي جا لاڳاپا بحال ٿي ويا آهن. هاڻي وري چيو پيو وڃي ته اهو سڀ ملڪ ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ ڪيو وڃي ٿو.هوڏانهن پ پ به پنهنجي طور مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ آهي ۽ ان کي اقتدار لاءِ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن سان اتحاد ڪرڻ ۾ به ڪا عجيب ڳالهه نه ٿي لڳي ڇاڪاڻ ته اقتدار لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي، ڪالهه جا دشمن اڄ جا دوست ۽ اڄ جا دوست سڀاڻي جا دشمن ٿي سگهن ٿا.
اسان جي اڄوڪي ايڊيٽوريل جو موضوع دراصل اهو آهي ته جيڪڏهن اها چوڻي درست ۽ انٽر آهي ته ڪالهه جا دشمن اڄ جا دوست ۽ اڄ جا دوست سڀاڻي جا دشمن ٿي سگهن ٿا ته پوءِ اوهان پنهنجي عارضي دشمني ۾ پنهنجا ڪارڪن ڇو مارائيندا آهيو. توهان ڪارڪنن کي اها پاليسي ڇو ناهيو ٻڌائيندا ته اسان جي دشمني عارضي آهي اسان اقتدار لاءِ ڪنهن وقت به گڏجي سگهون ٿا. دوستي ڪري سگهون ٿا سو اسان جي عارضي دشمني ۾ پنهنجون سون جهريون زندگيون نه وڃايو. بلاول ڀٽو زرداري جڏهن مسلم ليگ (ن)، جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻن خلاف چونڊ جلسن ۾ سخت ترين ۽ طنزيه ٻولي پيو ڳالهائي ته ٽي وي چينلن تي ويٺل اينڪر ۽ مبصر چئي رهيا هيا ته بلاول ڀٽو زرداري کي ايڏو به خراب نه ڳالهائڻ گهرجي جو سڀاڻي اهي هڪ ٻئي کي منهن ڏيکاريندي شرمندگي محسوس ڪن. سو ٿيو به ائين ئي، هاڻي جڏهن پ پ ۽ مسلم ليگ جا اڳواڻ حڪومت ٺاهڻ لاءِ وري پاڻ ۾ ملاقاتون ڪري رهيا آهن ته هڪ ٽي وي اينڪر بلاول ڀٽو زرداريءَ کان نيٺ پڇي ورتو ته اوهان نواز شريف خلاف جيڪو ڳالهائيندا هيو ان تي قائم آهيو يا بس چونڊ مهم تائين اهو سڀ ڪجهه هو، ته بلاول جواب ڏنو هو ته مان نواز شريف لاءِ نه پر مجموعي طور تي ڳالهائيندو هيس. مطلب ته اينڪر پرسن کيس شرمندو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ايئن جمعيت علماءِ اسلام (ف) گروپ به گذريل پي ڊي ايم جي حڪومت جو اهم حصو هو ۽ هاڻي به نئين جڙندڙ حڪومت جو حصو بڻجي سگهي ٿو پر جمعيت علماءِ اسلام (ف) به سنڌ ۾ هارائڻ تي پ پ خلاف جيڪا مهم هلائي تنهن ۾ رپورٽن موجب تمام گهڻي ڇڪتاڻ به ٿي ۽ ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ تشدد به ٿيو. ٽيون ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام پ پ خلاف سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا به ڏنا، وڏيون شاهراهون به بند ڪيون. سو جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قيادت کان به سوال آهي ته جڏهن توهان جي دشمني عارضي آهي ۽ اقتدار لاءِ اوهان ڪڏهن به دوست ٿي سگهو ٿا ته پوءِ ڪارڪنن ۾ هڪ ٻئي خلاف نفرتن جو زهر ڇو ٿا اوتيو، انهن کي ڇو ٿا ويڙهايو ۽ مارايو. عوام کي ڇو ٿا تنگ ڪريو، روڊ ۽ شاهرائون بلاڪ ڪري عوام کي ڇو ٿا تڪليف ڏيو. ڇا عوام جي خدمت رڳو حڪومت ۾ اچڻ شرط ڪبي، اپوزيشن ۾ رهندي عوام کي رڳو زحمت ڏبي، تڪليف ڏبي، پريشان ڪبو.
سو اسان جي سڀني سياسي جماعتن کي گذارش آهي ته پنهنجي ان غير جمهوري ۽ غير عوامي پاليسي تي نظرثاني ڪريو. ملڪ، عوام ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هرڪو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پوءِ اقتدار ۾ هجي يا نه. اقتدار ۽ حڪومتون ته اچڻيون وڃڻيون هونديون آهن، عوام، ملڪ ۽ جمهوريت جي خدمت جو جذبو ۽ مقصد اقتدار ۽ حڪومت سان مشروط نه هجڻ گهرجي.