وفاق ۽ صوبن ۾حڪومت سازي ۽ نوان اتحاد

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون وارو عمل وڏي گهما گهمي ۽ هنگامي  صورتحال ۾ مڪمل ٿي ويو. چونڊ نتيجن بعد سامهون آيل صورتحال مطابق قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين ۾ مختلف سياسي جماعتن جي عددي طاقت ۽ تعداد مڪمل طور تي سامهون اچي ويئي آهي. قومي اسيمبلي جي نتيجن موجب هن ايوان ۾ ورهايل مينڊٽ منظرعام تي آيو آهي. ڪنهن به هڪ جماعت کي اڪثريت حاصل نه ٿي سگهي آهي. اهڙي صورتحال ۾مختلف سياسي جماعتن جا اتحاد ۽ شراڪت اقتدار جي مختلف فارمولن، وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي لاءِ پارلياماني اتحاد قائم ڪرڻ ۽ اتحادي يا اڪثريتي جماعتن جون حڪومتون قائم ڪرڻ بابت جوڙجڪ ۽ گڏجاڻيون شروع ٿي ويون آهن. هاڻي وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي وارا مرحلا شروع ٿيڻ وڃي رهيا آهن.  وزير اعظم  جي چونڊجڻ لاءِ گهربل سادي اڪثريت يعني قومي اسيمبلي ۾  گهٽ ۾ گهٽ 169 ميمبرن جي گهربل تعداد جي حمايت حاصل  هئڻ لازمي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ڌرين جي ورهايل مينڊيٽ واري صورتحال ۾ ڪنهن به هڪ جماعت جي اڪيلي سر حڪومت قائم ٿيڻ ممڪن نظر نه اچي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ يقيني طور تي وفاق ۾ ٻن جماعتن يا مختلف پارلياماني جماعتن  جي اتحادي حڪومت ئي قائم ٿي سگهي ٿي.

عام چونڊن ۾ مختلف سياسي جماعتن طرفان پنهنجي پنهنجي سياست ۽ چونڊ منشور تحت  هلايل عوامي رابطا مهم۾ يقينن سمورين جماعتن ۽ اميدوارن عوام ۽ ووٽرن ۾ هڪٻئي خلاف پنهنجو موقف رکيو ۽ هڪٻئي جي سياست ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگي تي پڻ دل کولي ڇوهه ڇنڊيا ۽ شديد تنقيد ڪرڻ وارو ڪو به موقعو هٿ مان وڃڻ نه ڏنو پر جڏهن ووٽرن سمورين ڌرين کي ٻڌڻ ۽ انهن جي ڪارڪردگي ۽ دليلن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ بعد 8 فيبروري تي پنهنجي ووٽ ذريعي جيڪو فيصلو ٻڌايو آهي ان موجب سمورين جماعتن ۾ سيٽون ورهائڻ ڪري ڪنهن به هڪ جماعت کي ملڪ ۾ حڪومت قائم ڪرڻ واري تعداد يا حيثيت حاصل نه ٿي سگهي آهي ۽ عملي طور تي چونڊن ۾ هڪٻئي جون مخالف جماعتون عوام جي فيصلي تحت هڪٻئي سان اتحاد ڪرڻ ۽ گڏجي ملڪ ۽ صوبن جون حڪومتون ۽ انتظام هلائڻ جون پابند ڪيون ويون آهن.

وفاق ۽ صوبن ۾ اتحادي حڪومتون قائم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ رابطا ڪيا ويا ۽ حڪومت سازي لاءِ اتحاد قائم ڪرڻ ۽ شراڪت اقتدار جي مختلف فارمولن تي ٻنهي جماعتن جي قيادت وچ ۾ ٽن ڏينهن دوران وزير اعلي هائوس پنجاب ۽ بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيل گڏجاڻين ۾ حڪومت سازي، عهدا ۽ ذميوارين جي ورهاست بابت ابتدائي ڳالهين بعد ۽ تفصيلي نقطن تي پڻ  ڳالهيوڻ  ڪيون ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي جماعتن جي گڏجاڻين بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ گڏيل حڪومتون قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ گڏجاڻين ۾ وزير اعظم، صدر مملڪت، اسپيڪر، چيئرمين سينيٽ، پنجاب ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن جي جوڙجڪ ۽ مختلف عهدن ۽ وزارتن جي ورهاست تي ڳالهيون ڪري فيصلا ڪيا ويندا. ڌرين جي اجلاسن ۾ شراڪت اقتدار جي هڪ بحث هيٺ آيل فارمولي تحت صدر مملڪت ميان نواز شريف، وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ۽ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پڻ اتحادي حڪومت قائم ڪرڻ جي تجويز تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. جڏهن ته انهيءَ کان علاوه ٻيون تجويزون ۽ فارمولا پڻ بحث هيٺ آيا آهن، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي  لاهور ڪوٺايل سي اي سي جي بحث هيٺ آهن.

هوڏانهن، صوبن ۾ ڌار ڌار جماعتن جون اڪيلي سر ۽ اتحادي حڪومتون قائم ٿي سگهن ٿيون جنهن ۾ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي 130 عام سيٽن مان حڪومت سازي لاء گهربل سادي اڪثريت کان وڌيڪ 84 سيٽون حاصل ٿي چڪيون آهن. صرف سنڌ صوبي جي عوام ۽ ووٽرن طرفان پنهنجي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي کي سئو سيڪڙو پاس مارڪون ڏيئي اڳ کان به وڌيڪ سيٽون ڏنيون آهن. جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي بجاء هن جماعت ۽ ان جي اڳواڻن خلاف ٿيندڙ ڪارروائين، ڪيسن، جيلن ۽ سزائن جو شڪار ٿيڻ ڪري همدردي جو وڏو ووٽ حاصل ٿي ويو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ قومي اسيمبلي، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۽ سنڌ جي صوبائي اسيمبلين ۾ ميمبرن جي هڪ وڏي تعداد ڪامياب ٿي آهي پر انهن جي آزاد  حيثيت سبب اهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊن ۾ شامل نه هئڻ ڪري قانوني طور تي انهي جماعت  جا ميمبر نه آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان سمورن اسيمبلي ميمبرن جي ڪاميابي بابت نوٽيفيڪشن جي جاري ٿيڻ بعد آزاد ميمبرن کي ٽن ڏينهن جي مدت ۾ ڪنهن به پسند جي سياسي جماعت ۾ شامل ٿيڻو پوندو.

پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ نواز  پڻ پنهنجي گهربل سادي اڪثريت کان ڪجهه سيٽون گهٽ آهي. جنهن لاء پاڪستان پيپلز پارٽي جي 10 ميمبرن ۽ مسلم ليگ (ق)  جي 8 ميمبرن جي حمايت ۽ ڪجهه آزاد ميمبرن جي حمايت حاصل ٿيڻ سان اتحادي حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي.خيبر پختونخواه ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت سان 90 آزاد اسيمبلي ميمبرن جي چونڊجي اچڻ سان اتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت واري حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي ۾ پڻ ورهايل مينڊيٽ آيو آهي جنهن موجب انهيءَ ايوان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ 11 سيٽون ۽ جي يو آء کي 10 ۽ مسلم ليگ ن کي پڻ 10 سيٽون مليون آهن باقي بي اين پي ، نيشنل پارٽي، هزاره ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ ڪجهه سيٽون آزاد ميمبرن جي صورت ۾ موجود آهن. اهڙي صورتحال ۾ بلوچستان ۾پڻ ذڪر ڪيل ٽنهي وڏين جماعتن جي اتحاد سان مضبوط اتحادي حڪومت ئي قائم ٿي سگهي ٿي. پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن کان ٻاهر هئڻ ڪري هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اها موجود نه هوندي. اهڙي صورتحال ۾ امڪان آهي ته قومي اسيمبلي ۽ صوبن ۾ موجود انهن آزاد ميمبرن جي هڪ تعداد پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز يا سندن اڳواڻن جي فيصلي تي ڪنهن به  ٻئي پارلياماني جماعت ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. جنهن بعد  پارلياماني جماعتن جي مختلف جماعتن جي ميمبر جي تعداد موجب انهن جماعتن کي عورتن ۽ اقليت جي ميمبرن جي ڪوٽآ جي طريقيڪار موجب وڌيڪ سيٽون جاري ڪيون وينديون ۽ ان موجب اليڪشن ڪميشن طرفان اضافي سيٽن ۽ قومي اسيمبلي جي اضافي ميمبرن جو پڻ اعلان ڪيو ويندو.

اهو عمل مڪمل ٿيڻ بعد آئين موجب  صدر مملڪت طرفان نئين چونڊيل قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري  تائين سڏايو ويندو ۽ ايوان ۾ مختلف جماعتن جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي اسپپڪر طرفان نون عهدن جا قسم کڻايا ويندا. قومي اسيمبلي جي چونڊيل آزاد ميمبرن جا ٻه قسم هڪ تعداد اهي جيڪي چونڊن ۾ پنهنجي مقبوليت ۽ حيثيت تحت چونڊجي ايندا آهن ۽ ان بعد پنهنجي پسند جي سياسي جماعت يا حڪومتن ۾ شامل ٿي ويندا آهن هن قومي اسيمبلي ۾ اهڙن ميمبر جي تعداد 30 کان 35 آهي جڏهن ته باقي 70 ميمبر پاڪستان تحريڪ جي حمايت سان ڪامياب ٿي آيا آهن پر جيئن ته اهي آزاد آهن ۽ آئين ۽ قانون موجب هنن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو قانون ۽ ضابطو هن وقت لاڳو نه ٿو ٿئي ان ڪري هو پنهنجي پسند جي ڪنهن به جماعت ۾ شامل ٿي سگهن ٿا ۽ اهو عمل شروع پڻ ٿي چڪو ۽ تحريڪ انصاف پنجاب جا ڪجهه سينئر عهديدار ۽ آزاد اسيمبلي ميمبر  مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿي چڪا آهن اهڙي ريت، ڪيترن ئي آزاد ميمبرن جون پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سان پڻ گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن. روايت موجب هڪ سٺي تعداد پيپلز پارٽي ۾ پڻ شامل ٿي سگهي ٿي. يقينن هي هڪ هفتي وارو وقت پاڪستان تحريڪ جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو حساس ۽ ڳڻتي وارو آهي. ڇاڪاڻ جو اها جماعت مخالف ڌر طور ايوان ۾ ويهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي اهڙي صورتحال ۾ آزاد ميمبرن جي هڪ وڏي تعداد جو انهن کان ڌار ٿي مختلف سياسي جماعتن ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن ۽ انهن جي وڃڻ بعد جيڪي بچندا اهي مخالف ڌر جون سيٽون والاريندا.

چونڊيل نئين قومي اسيمبلي جي تقريب حلف برداري بعد ايوان ۾ سمورين سياسي جماعتن جي پارلياماني حيثيت واضح ٿيڻ بعد اتحادي حڪومت قائم ٿيڻ وارا مرحلا شروع ٿي ويندا ۽ قومي اسيمبلي جي نئين مدت لاءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. ان بعد قائد ايوان يعني وزير اعظم  جي چونڊ ڪئي ويندي، وزير اعظم کي سادي اڪثريت ملڻ سان اهو عمل مڪمل ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن وزارت عظمي جي ٻن اميدوارن جا ووٽ برابر ٿيا ته انهن ۾ وري چونڊ ڪرائي ويندي ۽ اڪثريت حاصل ڪندڙ جي  وزير اعظم طور چونڊجڻ بعد سندس حلف برداري ٿيندي  ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويندو. اهڙي ريت، نئون چونڊيل وزير اعظم پنهنجي حڪومت سازي جو عمل شروع ڪندو ۽ پنهنجي ڪابينا چونڊڻ کان علاوه صوبن جي گورنرن جي مقرري لاء صدر مملڪت کي پنهنجون سفارشون موڪليندو، جنهن تي صدر طرفان نوٽيفيڪيشن جاري ڪيا ويندا. اهڙي ريت، اليڪشن ڪميش طرفان صوبن ۾ پڻ ايوان جي جماعتن کي سندن تعداد موجب عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ ڪئي ويندي ۽ انهيءَ بعد گورنرن طرفان صوبن جي اسيمبلين جا اجلاس سڏايا ويندا ۽ اتي پڻ ساڳي ريت، قائد ايوان يعني وزير اعلي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ ان بعد اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسيپڪر جي چونڊ ڪئي ويندي . اهڙي ريت صوبن ۾ پڻ حڪومت سازي وارو عمل شروع ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.