ڪراچي ۾ پاڻي جي لائن تي جهيڙي ۾ سونارو قتل

 ڪراچي (رپورٽر) پاڻي جي لائن ۾ جهيڙي ۾ سونارو ۽ ٻين مختلف واقعن چار زخمي ٿي پيا، پوليس موجب سون جي واپاري ۽ ان جي ڀاءُ کي  ناظم آباد ۾ پاڻي جي غير قانوني لائن وٺندڙ بلڊر ۽ ان جي ساٿين گوليون هڻي قتل ۽ زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار واقعي کان پوءِ 5 موٽرسائيڪلون ڇڏي فرار ٿي ويا، علائقي واسين جوابدارن جي والد سميت 2 ڄڻن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس موٽرسائيڪلون به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، تفصيل موجب ناظم آباد ٿاڻي جي حد گهر نمبر 3/B ناظم آباد نمبر 3 بقائي اسپتال ويجهو جهيڙي دوران فائرنگ سان هڪ ڄڻو قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مقتول جو لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو، ڪراچي پوليس جي ترجمان مطابق مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 45ورهين جي عاصم الرحمان ولد عبدالرحمان جڏهن ته زخمين ۾ مقتول جو ڀاءُ نويد احمد ولد عبدالرحمان ۽ 40 ورهين جوشعيب شميم شامل آهن. واقعو پاڻي جي غيرقانوني لائن لڳائڻ سبب پيش آيو، مقتول عاصم الرحمان جي زخمي ڀاءُ نويد الرحمان ٻڌايو ته علائقي ۾ هڪ بلڊر پنهنجي  تعمير  هيٺ گهر لاءِ  غير قانوني طور تي پاڻي جي لائن لڳائي رهيو هو، علائقي واسين روڪيو ته بلڊر نعمان، اويس ۽ هن جو والد وڙهڻ لڳا ۽ ڪجهه دير  منهن ماري کان پوءِ واپس هليا ويا، جنهن کان پوءِ الهدا اسٽيٽ  جو مالڪ جيڪو بلڊر به آهي، نعمان ۽ اويس 5 موٽر سائيڪلن تي سوار پنهنجن ساٿين سان هٿيار کڻي آيا ۽ عاصم الرحمان جي گهر ٻاهران بيهي کيس هيٺ اچڻ لاءِ چيو، سڀ کان پهريان 2 وڏا ڀائر نديم الرحمان ۽ نعيم الرحمان گهر  کان ٻاهر آيا ته هٿياربندن نعيم الرحمان کي چماٽ  وهائي ڪڍي، انهيءَ  دوران ٻيا ٻه ڀائر عاصم الرحان ۽ نويد الرحمان به گهر ٻاهران اچي ويا، جنهن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، هڪ گولي نويد جي مٿي مان ڪراس ڪندي  پٺيان بيٺل عاصم جي منهن ۾ وڄي لڳي، جنهن سان هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، زخمي شعيب بلڊر جو ساٿي آهي، جيڪو پنهنجي گولي سان زخمي آهي، جوابدار5 موٽرسائيڪلون ڇڏي فرار ٿي ويا، ان موقعي تي بلڊر جي والد ۽ ان جي هڪ ساٿي کي علائقي واسين پڪڙي ورتو، جن کي پوليس جي اچڻ تي ان  حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته بلڊر نعمان ۽ اويس ساٿين سان گڏ فرار ٿي ويا، ڊي ايس پي ناظم آباد مطابق الهدا اسٽيٽ واري علائقي ۾ پاڻي  جي غير قانوني لائن وجهي رهيا هئا. جتي انهن جو علائقي واسين سان جهيڙو ٿيو، ان ئي دوران بلڊر ۽ ان جي ساٿين فائرنگ ڪري  ڏني، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا، زخمي شعيب کي ان جا ساٿي اسپتال مان کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻن کي پوليس علائقي واسين جي مدد سان تحويل ۾ ورتو آهي. ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، جڏهن ته اهي گهرن ۾ موجود نه هئا. مقتول عاصم چئن ٻارن جو پيءُ ۽ سون جو تاجر هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.