ڀارتي فاسٽ بالر ڀونيشور ڪمار جي ٽيم ۾ واپسي ڪرڪيٽ جڳت جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي سليڪشن ڪميٽي طرفان 36 ورهين جي ڀونيشور کي نيوزيلينڊ خلاف پنجن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
هيءَ واپسي ان ڪري وڏي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته ڀونيشور اٽڪل چئن سالن کان ڀارتي ٽيم کان ٻاهر هو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان کان اڳ ڀونيشور ڪمار جو آخري عالمي ميچ به نيوزيلينڊ خلاف ئي هو. 22 نومبر 2022ع تي نيوزيلينڊ خلاف نيپئر ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هو ڀارتي ٽيم جو حصو هو.
يعني لڳ ڀڳ 47 مهينن کان پوءِ ڀونيشور ٻيهر ڀارت جي جرسي ۾ ميدان تي نظر اچي سگهي ٿو.
پر سوال اهو آهي ته آخر اهڙو ڇا ٿيو، جو 36 ورهين جي ڀونيشور جي ٻيهر ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي؟
ان جو جواب گذريل ٻن آءِ پي ايل سيزنز ۾ لڪل آهي.
آءِ پي ايل ۾ ڀونيشور ڇا ڪيو؟
ڀونيشور گذريل ٻن آءِ پي ايل سيزنز دوران رائل چئلينجرز بئنگلورو لاءِ کيڏيو ۽ ٻنهي ٽورنامينٽس ۾ ٽيم جي ٽائٽل کٽڻ واري مهم جو اهم حصو رهيو.
2025ع ۾ هن 17 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته 2026ع ۾ سندس نالي 28 وڪيٽون رهيون، يعني ٻن سيزنز ۾ ڪل 45 وڪيٽون، 2026ع وارو سيزن سندس لاءِ خاص طور شاندار رهيو، هن 16 ميچن ۾ 28 شڪار ڪيا، سندس بالنگ ايوريج 17.89 ۽ اڪانومي ريٽ 7.95 رهيو، هو وڪيٽون وٺڻ واري معاملي ۾ آءِ پي ايل جي تاريخ جو ٻيو ڪامياب بالر آحي.
اهڙي ڪارڪردگي کان پوءِ ڪرڪيٽ شوقينن ۾ اهو مطالبو زور پڪڙڻ لڳو ته جيڪڏهن ڀونيشور اڃا به ايتري سٺي بالنگ ڪري سگهي ٿو ته کيس ڀارت لاءِ ٻيهر ڇو نه آزمايو وڃي؟
اڳوڻي ڪرڪيٽر سريش رائنا ڀونيشور جي ڀارتي ٽيم ۾ واپسيءَ جي آجيان ڪئي.
هن ايڪس تي لکيو ته ”ڀارت جي بهترين ۽ سڀ کان باصلاحيت بالرن مان هڪ کي ٻيهر اها سڃاڻپ ملندي ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي، جنهن جو هو حقدار آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن دوران هن جنهن نظم ضبط، محنت ۽ جدوجهد جو مظاهرو ڪيو، اهو واقعي متاثر ڪندڙ آهي. اتر پرديش کان آءِ پي ايل تائين ۽ هاڻي ٻيهر ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ واپسي، هيءَ واپسي مڪمل طور سندس حق ۾ وڃي ٿي.“
ڀونيشور جي واپسي جي سڀ کان مضبوط حمايت ڪندڙن مان اڳوڻو ڀارتي آف اسپنر آر ايشون رهيو آهي.
جولاءِ ۾ روي ايشون چيو هو ته ڀونيشور کي ڀارتي ٽيم ۾ واپسي جو موقعو ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟
هن ڀارت جي فاسٽ بالنگ اٽيڪ ۾ تجربي جي کوٽ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ڀونيشور جي آءِ پي ايل ڪارڪردگي کي سندس حق ۾ هڪ وڏو دليل قرار ڏنو.
ايشون جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو هو، جڏهن ڀونيشور آءِ پي ايل ۾ مسلسل سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو هو ۽ 2027ع جي ون ڊي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي سندس واپسي بابت بحث تيز ٿي ويو هو.
ٻئي پاسي ڀونيشور جي واپسي تي اڳوڻي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر دنيش ڪارٿڪ سليڪٽرن جي واکاڻ ڪندي چيو ته چئن سالن کان پوءِ ڀونيشور کي چونڊڻ لاءِ انهن ”جرئت“ ڏيکاري آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪارٿڪ چيو ته ڀارتي ٽيم گذريل هڪ سال دوران ڪيترن ئي فاسٽ بالرن کي آزمايو آهي، پر جيڪڏهن رڳو مهارت جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ڀونيشور بهترين آهي.
هن ڀونيشور جون ٽي خاص خوبيون ڳڻايون، جن ۾ نئين بال سان ٻنهي پاسن کان سوئنگ، پاور پلي ۾ انتهائي اثرائتو هجڻ ۽ ڊيٿ يعني اننگز جي آخري اوورن ۾ دٻاءُ سنڀالڻ جو تجربو شامل آهي.
هن چيو ته ڀونيشور جنهن قسم جي بالنگ ڪري سگهي ٿو، اهو ڀارتي ٽيم لاءِ آساني سان دستياب متبادل ناهي.
هوڏانهن اڳوڻي ڀارتي بيٽر اجنڪيا رهاڻي به ساڳئي پروگرام ۾ ڀونيشور جي واپسي جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته هو ان جو حقدار هو.
ڀونيشور پاڻ ڇا چوندو رهيو آهي؟
ڀونيشور گذريل ڪجهه مهينن دوران ڀارت ۾ واپسي جي امڪان کي رد نه ڪيو هو.
آگسٽ ۾ جڏهن کانئس 2027ع واري عالمي ڪپ بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو هو ته جيڪڏهن کيس ڀارت طرفان ڪال اچي ٿي ته هو انڪار ڇو ڪندو؟ گڏوگڏ هن چيو هو ته فيصلو سليڪٽرن کي ڪرڻو آهي، سندس ڪم ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي.
ان کان اڳ هن پنهنجي عالمي ڪرڪيٽ کان ٻاهر ٿيڻ بابت به چيو هو ته ٽيم مان نڪرڻ واري ڏينهن ئي هن اها ڳالهه قبول ڪري ورتي هئي.
سندس چوڻ هو ته هن ڀارتي ٽيم سان لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪو گهاريو هو ۽ گهڻو ڪجهه ڏسي چڪو هو، تنهنڪري ان کان الڳ ٿيڻ آسان رهيو.
نومبر 2022ع کان پوءِ ڀونيشور هوريان هوريان ڀارتي ٽيم جي منصوبن مان ٻاهر ٿيندو ويو.
ڀونيشور ڀارت لاءِ آخري ٽيسٽ جنوري 2018ع ۽ آخري ون ڊي جنوري 2022ع ۾ کيڏي هئي، جڏهن ته نومبر 2022ع کان پوءِ ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ به سندس جاءِ نه رهي.
ان دوران ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ فاسٽ بالرن جي نئين کيپ سامهون آئي.
ارشديپ سنگهه، ميانڪ يادَو ۽ ٻين نوجوان فاسٽ بالرن کي ٽيم جي مستقبل جي رٿائن جو حصو بڻايو ويو.
اهڙي صورتحال ۾ ڀونيشور لاءِ واپسي سولي نه هئي. پر گذريل ٻن آءِ پي ايلز ۾ سٺي ڪارڪردگي کان پوءِ سليڪٽرن ٻيهر مٿس ڌيان ڏنو.