اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر وزيراعظم طرفان مشروط ڳالهين جي آڇ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياست ۾ لِيڪا ناهن ڪڍيا ويندا، ڳالهه ٻولهه هميشه کليل ماحول ۽ بنا ڪنهن شرط جي ٿيندي آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته تحريڪِ انصاف جو لانگ مارچ جاري آهي ۽ ڳالهين جو مقصد لانگ مارچ ختم ڪرائڻ هو.
سندس چوڻ هو ته لانگ مارچ اسلام آباد پهچي به ويو ته مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڳالهين جو عمل جاري رکڻو پوندو.
بئريسٽر گوهر چيو ته سندس گذريل رات محسن نقوي سان ڪا ملاقات نه ٿي آهي.
هن چيوته ملاقاتن ۾ جيڪا ڳالهه ٿيندي آهي، اها هو لڪائيندو ناهي، پر ٻڌائي ڇڏيندو آهي، پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن ۽ سئوٽ جي گرفتاري سبب تلخي پيدا ٿي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته لاڳاپيل ماڻهن کان پڇيو وڃي ته اسان ڳالهين لاءِ ڇا نه ڪيو، ڳالهين جي ميز تي ويهڻ آسان نه هو، شيون رات پيٽ ۾ ناهن ٿينديون، لانگ مارچ ضرور اسلام آباد ايندو، لانگ مارچ پشاور کان خيبر ۽ پيروڌاري مان ٿيندو اسلام آباد پهچندو.
هن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي پشاور ۾ وڏي وزير سهيل آفريدي سان ملاقات ڪندس، لانگ مارچ اسلام آباد پهچي به ويو ته ڳالهه ٻولهه وري به ڪرڻي پوندي، مطالبا ته پوءِ به مڃرائڻا پوندا، مطالبن تي ڪجهه اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي.
ڳالهين لاءِ شرط رکڻ تي مايوس آهيون، سياست ۾ لِيڪا ناهن ڪڍيا ويندا، مطالبا مڃائڻ لاءِ ڳالهين کانسواءِ ٻيو چارو ناهي: گوهر
You might also like