ڪراچي (رپورٽر)عام چونڊن ۾ سيٽون حاصل ڪندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ،خواجا اظهار الحسن ۽ فاروق ستار سميت پارٽي جي ٻين اميدوارن جي ڪاميابي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي.اين اي 242 تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار داوا خان ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي سيٽ چيلينج ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موجب فارم 45 جي تحت داوا خان اليڪشن کٽي چڪو هو پر فارم 47 ۾ مصطفيٰ ڪمال کي کٽرايو ويو.اين اي 244 تان پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار آفتاب جهانگير ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي ڪاميابي چئلينج ڪئي. آزاد اميدوار عطاءُالله اين اي 245 جي چونڊ نتيجن کي چيلينج ڪيو جتي ايم ڪيو ايم جو حفيظ الدين اين اي جي سيٽ تان ڪامياب ٿيو هو. ٻئي پاسي جماعت اسلامي به صوبائي اسيمبلي جي چئن تڪن جي نتيجن کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. جنيد ملڪاڻي پي ايس 104 تان محمد احمد پي ايس 124 تان محمد اڪبر پي ايس 12 تان نصرت الله پي ايس 126 تان ايم ڪيو ايم اميدوارن جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو آهي.اهڙي طرح اين اي 243 پيپلز پارٽي جي قادر پٽيل جي ڪاميابي کي به چيلينج ڪيو ويو آهي. قادر پٽيل جي ڪاميابي کي آزاد اميدوار شجاعت علي ايڊووڪيٽ چيلينج ڪيو. درخواستگذار موجب فارم 45 جي نتيجن ۾ منهنجي ڪاميابي کي فارم 47 ۾ تبديل ڪيو ويو.پي ايس 120تان تحريڪ انصاف جي اميدوار سيدشفيق به نتيجن کي چئلينج ڪيو .