اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي اهو به پتو آهي ڪيئن ٿي آهي، اليڪشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته پوليس وارن اميدوارن کي ٻاهر ڪڍي دستاويز ٺاهيا، اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي اپيل داخل ڪري رهيا آهيون، سلمان اڪرم راجا چيو ته 8 فيبروري تي رات 10 وڳي کان پوءِ سڀ ڪجهه تبديل ڪيو ويو، 8 فيبروري تي انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ سان ڌنڌلي ٿي، جيڪو به قانوني رستو آهي اختيار ڪنداسين، هن چيو ته 8 فيبروري تي عوام ووٽ ڏئي خوف جا بت ڀڳا رزلٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪنهن ڪيو مون کي پتو ناهي، آر او مون سميت ٻين کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو،