پ پ مخالف جماعتن جا ڌرڻا ۽ احتجاج عوام جي خلاف آهن:نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ تي ڌرڻا هڻندڙ جماعتون عوام  جي فيصلي جي توهين ڪري رهيون آهن، پ پ مخالف جماعتن جا ڌرڻا ۽ احتجاج عوام جي خلاف آهن. سومر ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عوام پ پ مخالف اتحاد جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ کي رد ڪيو آهي ان ڪري هُو ڌرڻا هڻي عوام جي بيعزتي نه ڪن کين مشورو آهي ته هو ڌرڻن جي سياست ڇڏين ڇاڪاڻ ته ملڪ کي ٻيا به مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ تي احتجاج ڪندڙ عوام کان ووٽ نه ڏيڻ جو بدلو وٺي رهيا آهن ان لاءِ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪري عوام جي فيصلي جي ڪاوڙ عوام مان نه ڪڍي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ مخصوص سيٽن سميت 110 ميمبرن کان وڌيڪ جي اڪثريت حاصل آهي ان لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن ٻئي جماعت کي گڏ کڻڻ جي ضرورت ناهي ۽ پيپلز پارٽي اڪيلي سِر سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي سگهي ٿي ۽ ٻين جماعتن کي گڏ ملائڻ کان بغير بنا ڪنهن فرق جي پوري سنڌ جي خدمت ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.