ڪراچي (م ڊ) پ پ جي اڳواڻ مراد علي شاهه کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو وڏو بڻائڻ جو امڪان آهي، ذريعن ٻڌايو ته شروعاتي طور تي 14 رڪني سنڌ ڪابينا جوڙي ويندي، 2 مشير به شامل هوندا، واضح رهي ته عام چونڊن 2024ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي 130 سيٽن مان پيپلزپارٽي 84 ۾ سوڀ ماڻي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، 29 جولاءِ 2002ع تي سينيئر اڳواڻ مراد علي شاهه سنڌ جي ووزير جي عهدي جو حلف کنيو هو، 2018ع جي چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي جي ڪاميابي کان پوءِ مراد علي شاهه کي وڏو وزير نامزد ڪيو ويو هو، 18آگسٽ 2018ع تي هن ٻيو ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کنيو هو، مراد علي شاهه پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1986ع ۾ واپڊا کان جونيئر انجنيئر طور ڪئي ۽ پهريون ڀيرو 2002ع جي عام چونڊن ۾ ڄامشورو جي تڪ پي ايس 73 مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ اهڙي طرح هن جو سياسي ڪيريئر شروع ٿيو.
عمران خان کي 9 مئي جي 7 ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ جو فيصلو
لاهور(م ڊ) لاهور پوليس پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي 9 مئي جي 7 ڪيسن م گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جي آءِ ٽي ذريعن مطابق لاهور پوليس پي ٽي آءِ باني کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري لاءِ جي آءِ ٽي جلد عدالت سان رابطو ڪندي ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعن جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪئي وئي.
نوازشريف ۽ شهباز شريف جا مولانا فضل الرحمان سان رابطا
لاهور (اين اين آءِ) مسلم ليگ ن حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمبر گيم تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو، سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان سياسي رابطو جاري آهي، پارٽي ذريعن مطابق مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نواز شريف مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ حڪومت سازي جي حوالي سان مشاورت ٿي ٻنهي اڳواڻن جي جلد ملاقات جو امڪان آهي، هن کان اڳ ن ليگ جي صدر شهباز شريف به 24 ڪلاڪن اندر مولانا فضل الرحمان سان ٻيو رابطو ڪيو، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت مولانا فضل الرحمان کي اعتماد ورتو، مولانا فضل الرحمان مجلس عامله ۽ امرا اجلاس ۾ مشاور جو وقت گهري ورتو، مولانا فضل الرحمان چيو ته اربع تي مجلس شورا ۾ مشاور ڪري آئينده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪنداسين، ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته مولانا فضل الرحمان چونڊن تي خدشا به ظاهر ڪيا آهن.
گڙٻڙ واري تڪ ۾ اليڪشن رد ڪري ٿي سگهي ٿي: ڪنور دلشاد
اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي اڳواڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سيڪشن 9 تحت گڙٻڙ واري تڪ ۾ اليڪشن ڪالعدم قرار ئي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري قمر دلشاد پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته فارم 47 سمورن اميدوارن جي سامهون تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ ووٽ بابت سموري ڄاڻ درج ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن فارم 47 تڪڙ ۾ تيار ڪيو ويو آهي ته آر او جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند ٿيڻ سان اليڪشن مينيجمينٽ سسٽم ۾ رڪاوٽ آئي.
جهانگير ترين جي فيصلي تي ڏک پهتو آهي: عليم خان
لاهور (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان، جهانگير ترين طرفان پارٽي عهدو ۽ سياست ڇڏڻ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ عليم خان يو ته جهانگير ترين جي فيصلي سان دلي طور ڏک پهتو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اعليٰ درجي جو پروفيشنل آهي. هن چيو ته جهانگير ترين جو ڪنهن به حڪومت ۾ هجڻ ان حڪومت لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي پر بدقسمتي سان ڪا به حڪومت ان جي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهي. سندس چوڻ هو ته ننڍي ڀاءُ ۽ آءِ پي پي صدر طور جهانگير ترين کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، هو سدائين آءِ پي پي ۽ اسان سڀني جو سرپرست اعليٰ رهندو.
اليڪشن ڪميشن ڇهن تڪن جا نتيجا روڪي ڇڏيا
اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن چونڊ درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ صوبائي اسيمبلين جي پنج ۽ قومي اسيمبلي هڪ تڪ جا چونڊ نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني ۽ اليڪشن ڪميشن بلوچستان جي ميمبر شاهه محمد جتوئيءَ تي ٻڌل بئنچ چونڊ نتيجن ۾ شڪايتن جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ميمبر اليڪشن ڪميشن سنڌ چيو ته جيڪي هارائي ويو جشن ملهائي رهيو آهي ۽ جيڪو کٽي ويو اِهو ڌانڌلي جا الزام مڙهي رهيو آهي اهڙو رويو ڪيستائين هلندو؟ هار ۽ کٽ جهموريت جو حسن آهي. اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته آر اوز گهڻي قدر تڪن ۾ حتمي نتيجا جاري ڪري چڪا آهن، ان موقعي تي نتيجا روڪڻ سان ايندڙ مرحلن ۾ دير ٿيندي. اليڪشن ڪميشن درخواستن تي ٻڌڻي کانپووءِ پي بي 14 نصيرآباد ۽ پي بي 44 ڪوئيٽا جو حتمي نتيجو جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن پي پي 33 گجرات، پي پي 126 جهنگ ۽ پي پي 128 جهنگ جو حمتي نتيجو جاري رڪڻ کان به روڪي ڇڏيو.
بلاول وزيراعظم ٿئي، پ پ کان سواءِ حڪومت نه ٺهندي: فيصل ڪريم
ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان کان سواءِ ڪا به حڪومت نٿي ٺهي سگهي، پارٽي چاهي ٿي ته بلاول ئي وزيراعظم هجي. جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت جو خيال آهي ته بلاول ڀٽو کي وزارت عظميٰ جو اميدوار بڻائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان کانسواءِ ڪو به حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. جيستائين ن ليگ جو تعلق آهي ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن کي به عددي برتري حاصل آهي، پر انهن مان ڪو به حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. هن چيو ته پارٽي فيصلو ڪندي پر منهنجي ذاتي صلاح آهي ته بلاول وزيراعظم نه ٿو بڻجي ته بهتر آهي ته ان جو حصو نه بڻجي.