اسلام آباد(م ڊ) عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏھن پي ڊي ايم ترت نيون چونڊون ڪرائي ھا ته پي ٽي آءِ جو ووٽ بينڪ نه وڌي ھا. جڏھن ته مون مسلم ليگ ن ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي پڻ ان قسم جو مشورو ڏنو ھو. ناليواري صحافي ۽ تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آھي ته پي ڊي ايم کي گھرجي ھا عدم اعتماد رٿ جي ذريعي عمران خان کي گھر ڀيڙو ڪرڻ کان پوءِ ڪجهھ قانون پاس ڪرائڻ بعد ترت ئي نيون چونڊون ڪرائڻ گھرجن ھا، جنھن سان پي ڊي ايم خاص طور تي مسلم ليگ ن کي تمام گھڻو فائدو پھچي ھا ۽ ھاڻوڪي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي مئل گھوڙي ۾ ساھه به پئجي نه سگھي ھا، پر منھنجي صلاح تي ڪنھن به عمل نه ڪيو. نجم سيٺي وڌيڪ چيو آھي ته مون مسلم ليگ ن جي اڳواڻن کي ان ڳالھه کان به آگاهه ڪيو ھو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام خطرناڪ آھي، جنھن سبب ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان برپا ٿيندو ۽ اوھان جي سياسي ساک متاثر ٿيندي