قومي اسيمبلي جي 24 تڪن تي فيصلائتن ووٽن کان رد ٿيل ووٽ وڌيڪ نڪتا

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي 265 تڪن مان 2 لک بيلٽ پيپر ڳڻپ کان ڌار ڪيا ويا اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي گهٽ ۾ گهٽ 24 تڪن تي رد ٿيل ووٽن جو انگ کٽيل ووٽن جي مارجن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب اهو انڪشاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران غير حتمي چونڊ نتيجن جي جائزي کانپوءِ ڪيو ويو آهي. جن تڪن ۾ هي مارجن پڌرو ڪيو ويو، انهن مان 22 تڪ پنجاب جا آهن، جڏهن ته هڪ هڪ تڪ خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ مان آهي. اهڙن 24 مان 13 تڪن تي مسلم ليگ (ن)، 5 تڪن تي پاڪستان پيپلز پارٽي، 4 تڪن تي پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ۽ 2 تڪن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 11 (شانگلا) تي مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدر انجنيئر امير مقام پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار کي 5 هزار 552 ووٽن جي فرق سان 59 هزار 863 ووٽن سان شڪست ڏني، جنهن جو انگ 5 هزار 743 هو. اهڙي طرح اين اي 50 (اٽڪ) تان مسلم ليگ (ن) جي ملڪ سهيل خان 119 هزار 75 ووٽ حاصل ڪيا، هن چوڌري پرويز الاهي جي ڀاڻيجي ايمان وسيم کي 1 هزار 886 ووٽن جي فرق سان شڪست ڏني، رد ٿيل ووٽن جو انگ 9 هزار 938 هو. چڪوال ۾ ن ليگ جي غلام عباس ۽ آزاد اميدوار جي ووٽن جو فرق 11964 رهيو، 24 هزار ووٽ رد ڪيا ويا. قومي اسيمبلي جي 265 تڪن مان 2 لک بيلٽ پيپر ڳڻپ کان ڌار ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.